حزقي ايل 11
11
1پوءِ روح مون کي مٿي کڻي خداوند جي گهر جي اُڀرندي واري در وٽ آندو، جنهن جو منهن اُڀرندي ڏانهن آهي: ۽ اُتي دروازي جي لنگهہ تي پنجويهہ ماڻهو مون کي ڏسڻ ۾ آيا؛ ۽ انهن ۾ مون قوم جا سردار، يازنياہ بن عزور، ۽ فلطياہ بن بناياہ ڏٺا. 2۽ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، هي اُهي ماڻهو آهن جي بدڪاريءَ جون رٿون ٿا رٿين، ۽ هن شهر ۾ خراب صلاح مصلحت ٿا ڏين: 3جو چون ٿا تہ وقت ويجهو ڪونهي تہ گهر ٺاهيون: هي شهر ديڳ آهي ۽ اسين گوشت آهيون. 4تنهنڪري انهن جي برخلاف نبوت ڪر، اي آدمزاد نبوت ڪر. 5پوءِ خداوند جو روح مون تي آيو ۽ انهي مون کي چيو تہ ڳالهاءِ، خداوند ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل جا خاندان اوهان هيئن چيو آهي: ڇالاءِ جو جيڪي ڳالهيون اوهان جي دل ۾ اچن ٿيون، تن جي مون کي خبر آهي. 6۽ اوهان هن شهر ۾ گهڻائي ماڻهو ڪُٺا آهن، ۽ اُن جون گهٽيون ڪُٺلن سان ڀري ڇڏيون آهن. 7تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان جا ڪُٺل ماڻهو جي اوهان شهر جي وچ ۾ رکيا آهن، سي اُهو گوشت آهن ۽ هي شهر اُها ديڳ آهي: پر اوهين انهي منجهان ٻاهر ڪڍيا ويندا. 8اوهين ترار کان ڊنا آهيو؛ ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان تي ترار آڻيندس. 9۽ آءٌ اوهان کي انهي منجهان ڪڍي ڌارين جي هٿ ۾ ڏيندس، ۽ اوهان ۾ عدالتن جي تعميل ڪندس. 10اوهين ترار سان ڪِرندا؛ آءٌ اسرائيل جي سرحد تي اوهان جي عدالت ڪندس؛ ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان. 11هي شهر اوهان جي ديڳ نہ ٿيندو، ۽ نہ اوهين اُنهي جي وچ ۾ گوشت ٿيندا؛ آءٌ اسرائيل جي سرحد تي اوهان جي عدالت ڪندس؛ 12۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان: ڇالاءِ جو اوهين منهنجن قانونن تي نہ هليا آهيو، نڪي اوهان منهنجي حڪمن جي تعميل ڪئي آهي، پر جيڪي قومون اوهان جي آس پاس آهن، تن جي دستورن تي هليا آهيو. 13۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن مون نبوت پئي ڪئي، تڏهن فلطياہ بن بناياہ ڪِري پيو ۽ مري ويو. تڏهن آءٌ منهن ڀر ڪِري پيس ۽ وڏي آواز سان دانهون ڪري چيم، تہ هاءِ، خداوند خدا! تون اسرائيل جي باقي بچيلن جي اصل پڄاڻي ڪري ڇڏيندين ڇا؟
14۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 15اي آدمزاد، تنهنجا ڀائر، يعني تنهنجا ڀائر ۽ عزيز ۽ اسرائيل جو سڄو گهراڻو، اهڙا آهن جن يروشلم جي ماڻهن کي چيو آهي تہ اوهين پاڻ کي خداوند کان پري رکو؛ هيءَ زمين اسان کي موروثي ملڪيت ڪري ڏني ويئي آهي. 16تنهنڪري تون چئُہ، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جيتوڻيڪ مون هنن کي پري ڪڍي قومن ۾ رکيو آهي، ۽ هنن کي ملڪن ۾ پکيڙي ڇڏيو اٿم تڏهن بہ آءٌ، جن جن ملڪن ۾ هو آيا آهن اُتي ٿوري وقت لاءِ هنن جي لاءِ هڪ اَجهو ٿيندس. 17تنهنڪري تون چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان کي قومن مان آڻي گڏ ڪندس، ۽ جن جن ملڪن ۾ اوهين پکيڙيا ويا آهيو، تن مان ڪڍي گڏ ڪندس، ۽ اسرائيل جي زمين اوهان کي ڏيندس. 18۽ هو اُتي ايندا ۽ سڀ ڪراهت جهڙيون شيون ۽ سڀ گندگيون اُتان ڪڍي ڇڏيندا. 19۽ آءٌ انهن کي هڪڙي دل ڏيندس ۽ اوهان منجهہ نئون روح وجهندس، ۽ اُها پٿر جهڙي دل هنن جي بدن مان ڪڍي وٺندس، ۽ گوشت واري دل ڏيندوسان: 20انهيءَ لاءِ تہ هو منهنجي قاعدن تي هلن ۽ منهنجي قانون جي سنڀال ڪري تعميل ڪن: ۽ هو منهنجي قوم ٿيندا ۽ آءٌ هنن جو خدا ٿيندس. 21باقي اُهي جن جي دل سندن ڪراهت جهڙين شين ۽ سندن گندگين جي پٺيان ٿي وڃي، تن جي واٽ آءٌ خود سندن مٿي تي آڻيندس؛ خداوند خدا ائين ٿو فرمائي. 22تڏهن ڪروبين پنهنجا پر کنيا، ۽ ڦيٿا انهن جي پاسي ۾ هئا؛ ۽ اسرائيل جي خدا جو جلال هنن جي مٿان هو. 23۽ خداوند جو جلال شهر جي وچ مان مٿي چڙهي ويو، ۽ جيڪو جبل شهر جي اُڀرندي پاسي آهي، انهي تي وڃي بيٺو. 24۽ روح مون کي مٿي کڻي، خدا جي روح جي وسيلي رويا ۾ ڪسدين منجهہ قيدين وٽ آڻي لاٿو. انهي طرح جيڪو رويا مون ڏٺو هو، سو مون وٽان هليو ويو. 25تڏهن جيڪي ڳالهيون خداوند مون کي ڏيکاريون هيون، سي مون انهن قيدين کي بيان ڪري ٻڌايون.
Valgt i Øjeblikket:
حزقي ايل 11: SB62
Markering
Kopiér
Sammenlign
Del
Vil du have dine markeringer gemt på tværs af alle dine enheder? Tilmeld dig eller log ind
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.