حزقي ايل 12
12
1هي بہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 2اي آدمزاد، تون هڪڙي اهڙي باغي گهراڻي ۾ ٿو رهين، جن کي ڏسڻ لاءِ اکيون آهن پر ڏسن نٿا، جن کي ٻڌڻ لاءِ ڪَن آهن پر ٻڌن نٿا؛ ڇالاءِ جو اُهي هڪڙي باغي گهراڻي جا آهن. 3تنهنڪري اي آدمزاد، تون مسافريءَ جو سامان تيار ڪر، ۽ هنن جي ڏسندي، ڏينهن ڏٺي جو لڏي وڃ: ۽ تون هنن جي ڏسندي پنهنجي جاءِ تان لڏي ٻي جاءِ تي وڃ: شايد هو سمجهن، جيتوڻيڪ باغي گهراڻي جا آهن. 4۽ تون هنن جي اکين آڏو ڏينهن جي وقت پنهنجو سامان ٻاهر ڪڍي آڻ، جيئن مسافريءَ لاءِ سامان ڪڍبو آهي: ۽ شام جي وقت تون پاڻ هنن جي ڏسندي نڪري وڃ، جيئن شهر نيڪالي ڏنل ماڻهو نڪرندا آهن. 5هنن جي ڏسندي ڀت کوٽي ٽُنگ ڪري انهي مان سامان کڻي وڃ. 6هنن جي ڏسندي اهو تون پنهنجي ڪلهي تي رکي رات جي وقت کڻي وڃ؛ تون پنهنجو منهن ڍڪج تہ زمين نہ ڏسين: ڇالاءِ جو مون توکي اسرائيل جي گهراڻي لاءِ هڪڙو نشان مقرر ڪيو آهي. 7۽ مون ائين ئي ڪيو، جيئن مون کي حڪم مليو. مون ڏينهن ڏٺي جو پنهنجو سامان ڪڍي ٻاهر آندو، جيئن مسافريءَ لاءِ سامان ڪڍبو آهي، ۽ شام جي وقت مون پنهنجي هٿ سان ڀت کي کوٽي ٽُنگ ڪيو؛ ۽ اونداهي ۾ انهي مان سامان ڪڍيم ۽ هنن جي ڏسندي اُهو پنهنجي ڪلهي تي رکي کڻي ويس. 8۽ صبح جو خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 9اسرائيل جي گهراڻي، اُنهي باغي گهراڻي، توکي چيو يا نہ تہ تون ڇا ٿو ڪرين؟ 10انهن کي تون چئُہ، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ هي نشان يروشلم جي سردار، ۽ اسرائيل جي سڄي گهراڻي لاءِ آهي جي بچيا آهن. 11تون چئُہ تہ آءٌ اوهان جي لاءِ نشان آهيان: جيئن مون ڪيو آهي، تيئن هنن سان بہ ڪيو ويندو: هنن کي شهر نيڪالي ملندي، ۽ هو قيد ٿي ويندا. 12۽ هنن ۾ جو سردار اونداهيءَ ۾ ڪلهي تي سامان کڻي هليو ويندو: هو ڀت کوٽي ٽُنگ ڪري اُنهي مان اُهو کڻي ويندو: هو پنهنجو منهن ڍڪيندو، ڇالاءِ جو پنهنجين اکين سان زمين نہ ڏسندو. 13آءٌ پنهنجو ڄار بہ هن تي پکيڙيندس، ۽ هو منهنجي دام ۾ ڦاسي پوندو: ۽ آءٌ هن کي بابل ۾ ۽ ڪسدين جي ملڪ ۾ وٺي ايندس، تہ بہ هو انهي کي نہ ڏسندو، جيتوڻيڪ هو اُتي مرندو. 14۽ هن کي مدد ڪرڻ لاءِ جيڪي هن جي چوڌاري آهن تن سڀني کي، ۽ هن جي سڀني ٽولين کي، آءٌ سڀ ڪنهن طرف پکيڙي ڇڏيندس؛ ۽ آءٌ هنن جي پٺيان ترار ڪڍي پوندس. 15۽ هو تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن آءٌ هنن کي قومن ۾ پکيڙيندس ۽ ملڪن ۾ ڇڙوڇڙ ڪندس. 16پر آءٌ هنن مان ڪن ٿورن کي ترار کان، ۽ ڏڪار کان، ۽ مرض کان بچائيندس؛ انهي لاءِ تہ جن جن قومن ۾ اچن، انهن کي پنهنجن سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جو بيان ڪري ٻڌائين: ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.
17وري بہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 18اي آدمزاد، پنهنجي ماني ڏڪندي کاءُ، ۽ پنهنجو پاڻي ٿڙڪندي ۽ خبرداريءَ سان پيءُ؛ 19۽ هن ملڪ جي ماڻهن کي چئُہ، تہ خداوند خدا، يروشلم جي رهاڪن ۽ اسرائيل جي ملڪ بابت هيئن ٿو فرمائي، تہ هو پنهنجي ماني خبرداريءَ سان کائيندا، ۽ پنهنجو پاڻي حيرانيءَ سان پيئندا، انهي لاءِ تہ جيڪي منجهس آهي تنهن سڀ کان خالي ۽ ويران ٿئي. 20۽ جيڪي شهر آباد آهن، سي غير آباد ٿيندا، ۽ ملڪ ويران ٿي ويندو، ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.
21خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 22اي آدمزاد، اسرائيل جي ملڪ ۾ ڪهڙي چوڻي آهي تہ ڏينهن وڌي پيا آهن ۽ ڪوبہ رويا پورو نٿو ٿئي؟ 23تنهنڪري تون هنن کي چئُہ، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ اها چوڻي بند ڪرائيندس، ۽ اُها اسرائيل ۾ وري پهاڪي وانگر ڪم نہ آڻيندا؛ پر تون انهن کي چئُہ، تہ ڏينهن ويجها آهن ۽ سڀ ڪنهن رويا جي پورائي ٿيندي. 24ڇالاءِ جو اسرائيل جي گهراڻي ۾ وري اڳتي ڪوبہ باطل رويا نہ ٿيندو، ۽ نہ خوشامد جهڙي فال نڪرندي. 25ڇالاءِ جو آءٌ خداوند آهيان؛ آءٌ ڳالهائيندس ۽ جيڪو ڪلام آءٌ ڪندس سو پورو ٿيندو؛ انهي ۾ وري دير نہ لڳندي؛ ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اي باغي گهراڻا، اوهان جي ڏينهن ۾ آءٌ ڪلام ڪندس ۽ اُهو عمل ۾ آڻيندس.
26وري بہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 27اي آدمزاد، ڏس، اسرائيل جي گهراڻي وارا ڇا ٿا چون تہ جيڪو رويا هو ڏسي ٿو سو گهڻن ڏينهن کانپوءِ اچڻو آهي، ۽ هو انهن وقتن جي پيشنگوئي ٿو ڪري جي تمام پري آهن. 28تنهنڪري هن کي چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ منهنجين ڳالهين مان ڪنهن ۾ بہ هاڻي دير نہ ٿيندي، پر خداوند ٿو فرمائي، تہ جيڪو ڪلام آءٌ ڪندس سو ضرور پورو ٿيندو.
Valgt i Øjeblikket:
حزقي ايل 12: SB62
Markering
Kopiér
Sammenlign
Del
Vil du have dine markeringer gemt på tværs af alle dine enheder? Tilmeld dig eller log ind
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.