Bibel App logo
Søgeikon

حزقي ايل 10

10
1تڏهن مون نهاريو ۽ ڏٺو، تہ ڪروبين جي مٿان جو آسمان هو تنهن ۾، انهن جي مٿان، نيلم جي پٿر جهڙي هڪڙي شيءِ ڏسڻ ۾ آئي، جنهن جي صورت تخت جهڙي هئي. 2۽ سڻيءَ جي پوشاڪ پيل ماڻهوءَ کي هن چيو، تہ ڪروبيءَ جي هيٺان ڦرندڙ ڦيٿن جي وچ ۾ وڃ، ۽ ڪروبين جي وچ ۾ جيڪي ٽانڊا آهن، تن سان ٻئي مُٺيون ڀر، ۽ اُهي شهر تي پکيڙي ڇڏ. ۽ هو منهنجي ڏسندي اندر ويو. 3هاڻي جڏهن اُهو ماڻهو اندر ويو، تڏهن ڪروبي گهر جي سڄي پاسي بيٺا هئا؛ ۽ بادل اندرئين ايوان کي ڀري ڇڏيو. 4۽ خداوند جو جلال ڪروبيءَ تان چڙهي گهر جي چانئٺ تي وڃي بيٺو؛ ۽ گهر ڪڪرن سان ڀرجي ويو، ۽ ايوان خداوند جي جلال جي جلوي سان ڀرجي ويو. 5۽ ڪروبين جي پرن جو آواز ٻاهرين ايوان تائين ٻڌڻ ۾ پئي آيو، ۽ اُهو ڄڻ تہ خدا قادر مطلق جي ڳالهائڻ جهڙو آواز هو. 6۽ هيئن ٿيو تہ هن سڻيءَ جي پوشاڪ پيل ماڻهو کي حڪم ڏيئي چيو، تہ ڦرندڙ ڦيٿن جي وچان، يعني ڪروبين وچان باهہ ڪڍي وٺ، تڏهن هو اندر وڃي هڪڙي ڦيٿي جي پاسي ۾ بيٺو. 7۽ انهيءَ ڪروبيءَ، هنن ڪروبين جي وچ مان پنهنجو هٿ ڊگهيري باهہ تائين آندو، جا ڪروبين جي وچ ۾ هئي، ۽ اُتان باهہ کڻي انهي سڻيءَ جي پوشاڪ پيل ماڻهو جي هٿن ۾ ڏني، جو اُها کڻي ٻاهر ويو. 8۽ ڪروبين جي پرن هيٺان، ماڻهو جي هٿ جهڙي هڪڙي شڪل ڏسڻ ۾ آئي. 9۽ مون نهاريو ۽ ڏسان تہ ڪروبين جي ڀرسان چار ڦيٿا هئا، هڪڙو ڦيٿو هڪڙي ڪروبيءَ جي پاسي ۾، ۽ ٻيو ڦيٿو ٻئي ڪروبيءَ جي پاسي ۾، ۽ انهن ڦيٿن جي صورت فيروزي جي پٿر جي رنگ جهڙي هئي. 10باقي انهن چئني جو ڊول هڪڙي ئي نموني جو هو، ڄڻ تہ هڪڙو ڦيٿو ٻئي منجهہ پيل هو. 11جڏهن اُهي هليا ٿي، تڏهن پنهنجن چئني پاسن تي ٿي هليا: هلندي هو ڦريا نٿي پر جنهن پاسي انهن جي سر ٿي نهاريو اوڏانهن هو انهي جي پٺيان ٿي ويا. هلندي هو ڦريا نٿي. 12۽ هنن جو سڄو بدن، ۽ انهن جا پٺا، ۽ هٿ، ۽ پر، ۽ ڦيٿا، يعني جيڪي ڦيٿا اُنهن چئني کي هئا، سي چوڌاري اکين سان ڀريا پيا هئا. 13اهي ڦيٿا جي هئا، تن کي منهنجي ٻڌندي ڦرندڙ ڦيٿا ٿي سڏيائون. 14۽ هرهڪ کي چار منهن هئا: پهريون منهن ڪروبيءَ جو منهن هو، ۽ ٻيو منهن ماڻهوءَ جو منهن هو، ۽ ٽيون منهن شينهن جو منهن هو، ۽ چوٿون منهن عقاب جو منهن هو. 15پوءِ ڪروبي مٿي چڙهي ويو: اهو ئي ساهہ وارو هو جنهن کي مون ڪبار نديءَ جي ڪناري تي ڏٺو هو. 16۽ جڏهن ڪروبي هليا ٿي، تڏهن ڦيٿا بہ سندن ڀرسان ٿي هليا: جڏهن ڪروبين زمين کان مٿي چڙهڻ لاءِ پنهنجا پر ٿي کنيا، تڏهن ڦيٿا بہ انهن جي پاسي کان ٿي ڦريا. 17جڏهن هو بيٺا ٿي تڏهن هي بہ ٿي بيٺا: ۽ جڏهن هو چڙهيا ٿي تڏهن هي بہ انهن سان گڏ ٿي چڙهيا: ڇالاءِ جو انهي ساهہ واري جو روح انهن ۾ هو. 18۽ خداوند جو جلال گهر جي چانئٺ تان نڪري وڃي ڪروبين تي بيٺو. 19۽ ڪروبين پنهنجا پر مٿي کنيا ۽ منهنجي ڏسندي زمين تان چڙهي مٿي هليا ويا، ۽ ڦيٿا بہ سندن پاسي سان چڙهيا: ۽ اُهي وڃي خداوند جي گهر جي اُڀرندي واري لنگهہ جي در تي بيٺا؛ ۽ اسرائيل جي خدا جو جلال انهن جي مٿان هو.
20اهو هو اُهو ساهہ وارو، جو ڪبار نديءَ جي ڪناري تي، اسرائيل جي خدا هيٺان مون ڏٺو؛ ۽ مون کي معلوم ٿيو تہ اهي ڪروبي آهن. 21هرهڪ کي چار چار منهن هئا ۽ هرهڪ کي چار چار پر هئا؛ ۽ انهن جي پرن هيٺان ماڻهو جي هٿن جهڙا هٿ هئا. 22۽ هنن جا منهن انهن جهڙا هئا جي مون ڪبار نديءَ جي ڪناري تي ڏٺا هئا، جهڙا پاڻ هئا تهڙو سندن ڊول هو، انهن مان هرڪو سڌو اڳتي ٿي هليو.

Valgt i Øjeblikket:

حزقي ايل 10: SB62

Markering

Kopiér

Sammenlign

Del

None

Vil du have dine markeringer gemt på tværs af alle dine enheder? Tilmeld dig eller log ind