1 - تيمٿيس 5
5
1ڪنهن وڏيءَ عمر واري کي ملامت نہ ڪر، پر پيءُ وانگر سمجهي هن کي صلاح ڏي؛ جوانن کي ڀائرن وانگر ڄاڻ؛ 2وڏيءَ عمر وارين زالن کي مائون ڪري ڄاڻ، ۽ جوان زالن کي پوريءَ پاڪيزگيءَ سان ڀينرن وانگر سمجهہ. 3جيڪي بيوهہ زالون سچ پچ بيوهہ آهن، تن کي عزت ڏي. 4پر جي ڪنهن بيوهہ زال کي پٽ يا پوٽا هجن تہ اُهي ڀلي پهرين پنهنجي گهراڻي سان دينداريءَ جي هلت ڪرڻ، ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ جو بار لاهڻ سکن؛ ڇالاءِ جو خدا جي نظر ۾ اها ئي ڳالهہ چڱي آهي. 5هاڻي جيڪا بيوهہ زال سچ پچ بيڪس آهي، تنهن جو آسرو خدا آهي، ۽ اُها رات ڏينهن منٿون ڪرڻ ۽ دعا گهُرڻ ۾ مشغول ٿي رهي. 6پر جيڪا عيش عشرت ۾ گذاري ٿي، سا جيئري ئي مُئل آهي. 7انهن ڳالهين جو بہ حڪم ڪر، مٿن ڪو الزام نہ لڳائي. 8پر جيڪڏهن ڪو پنهنجن جي لاءِ، خاص ڪري پنهنجي خاندان لاءِ بندوبست نہ ڪندو، تہ ايمان کان انڪاري ٿيو، ۽ اُهو بي ايمان کان بہ بڇڙو آهي. 9بيوهہ زالن جي ياداشت ۾ انهيءَ جو نالو داخل ٿيڻ گهرجي جا سٺ ورهين کان عمر ۾ ننڍي نہ هجي، ۽ هڪڙي ئي مڙس جي زال ٿي رهي هجي؛ 10جا چڱن ڪمن جي ڪري مشهور هجي؛ ٻارن کي پاليو هجيس، مسافرن جي مهمان نوازي ڪئي هجيس، پاڪ ٿيلن جا پير ڌوتا هجنس، ڏکويلن جي مدد ڪئي هجيس، سڀ ڪنهن چڱي ڪم ۾ سعيي سان لڳي هجي. 11پر جوان بيوهہ زالن کي داخل نہ ڪر: ڇالاءِ جو جڏهن هو مسيح جي برخلاف جسماني خواهش جي تابع ٿيون ٿين، تڏهن شادي ڪرڻ ٿيون گهُرن؛ 12پوءِ اِهي سزا جوڳيون ٿيون ٿين، ڇالاءِ جو پنهنجي پهرئين انجام تي قائم نہ ٿيون. 13۽ تنهن کانسواءِ هو سست ۽ گهر گهر رُلن ٿيون؛ ۽ نہ رڳو سست ٿيون رهن، پر اجائي بَڪ ڪرڻ، ۽ ٻين جي ڪمن ۾ ٽپي پوڻ ۽ ناشائستيون ڳالهيون ڪرڻ بہ ٿيون سکن. 14تنهنڪري منهنجي مرضي آهي تہ جوان بيوهہ زالون ڀلي تہ شادي ڪن، ۽ ٻار ڄڻين، ۽ گهر گهاٽ هلائين، ۽ دشمن کي گلا ڪرڻ جو وجهہ نہ ڏين: 15ڇالاءِ جو هن کان اڳيئي ڪي شيطان جي پٺيان لڳي گمراهہ ٿيون آهن. 16جيڪڏهن ڪنهن ايمان واريءَ زال وٽ ڪي بيواهہ زالون هجن تہ اها ڀلي انهن جي پرگهور لهي، پر ڪليسيا تي انهن جو بار پوڻ نہ کپي؛ تہ جيئن ڪليسيا انهن جي مدد ڪري، جي سچ پچ بيوهہ آهن.
17جيڪي بزرگ چڱيءَ طرح حڪم ٿا هلائين، خاص ڪري اُهي جي ڪلام ۽ تعليم جي ڪم ۾ محنت ٿا ڪن، سي ٻيڻيءَ عزت جا لائق سمجهڻ گهرجن. 18ڇالاءِ جو پاڪ ڪتاب ۾ لکيل آهي تہ، ”جڏهن ڪو ڏاند اَن ڳاهي، تڏهن انهي جو وات نہ ٻَڌ“. ۽ ”مزور پنهنجي مزوريءَ جو حقدار آهي.“
19ڪنهن بہ بزرگ تي ڪا تهمت اچي تہ اها ٻن يا ٽن شاهدن کانسواءِ نہ ٻُڌ. 20جيڪي گناهہ ڪن، تن کي سڀني جي اڳيان ملامت ڪر، تہ ڀلي ٻين کي بہ ڪو ڊپ ٿئي. 21خدا ۽ مسيح يسوع، ۽ چونڊيل ملائڪن جي حضور ۾ آئون توکي تاڪيد ٿو ڪريان، تہ انهن ڳالهين تي بنا تعصب عمل ڪر ۽ ڪنهن بہ ڪم ۾ پاسخاطري نہ ڪر. 22ڪنهن بہ ماڻهوءَ تي تڪڙ ڪري هٿ نہ رک، نڪي ٻين جي گناهن ۾ شريڪ ٿيءُ؛ پاڻ کي پاڪ رک. 23اڳتي رڳو پاڻي نہ پيءُ، پر معدي ۽ پنهنجي اڪثر بيمار رهڻ جي ڪري ٿوري مئي ڪم آڻ. 24ڪن ماڻهن جا گناهہ ظاهر هئڻ جي ڪري، سندن چال چلت جي خبر پئجيو وڃي، پر ڪن جا گناهہ دير سان ٿا ظاهر ٿين. 25انهيءَ طرح چڱا ڪم بہ ظاهر ٿا ٿين، ۽ جيڪي ظاهر نہ ٿيا آهن، سي بہ لڪل نہ رهندا.
Valgt i Øjeblikket:
1 - تيمٿيس 5: SB62
Markering
Kopiér
Sammenlign
Del
Vil du have dine markeringer gemt på tværs af alle dine enheder? Tilmeld dig eller log ind
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.