1 - تيمٿيس 6
6
1جيڪي غلاميءَ جي پاڃاريءَ ۾ آهن، تن کي گهرجي تہ پنهنجن مالڪن کي گهڻي عزت جو لائق ڄاڻن، تہ خدا جي نالي، ۽ تعليم جي بدنامي نہ ٿئي. 2۽ جن جا مالڪ ايمان وارا آهن، تن کي هو نہ ڌڪارين، ڇو جو اُهي بہ ڀائر آهن؛ بلڪ انهن کي گهرجي تہ سندن بهتر خدمت ڪن، ڇالاءِ تہ جن کي (خدمت جو) فائدو ٿو ملي، سي ايمان وارا ۽ پيارا آهن. انهن ڳالهين جي تون تعليم ڏي ۽ نصيحت ڪر.
3جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٻئي قسم جي تعليم ٿو ڏئي، ۽ صحيح نصيحت کي، يعني اسان جي خداوند يسوع مسيح جي نصيحت کي، ۽ دينداريءَ پٽاندر جا تعليم آهي، تنهن کي نٿو مڃي؛ 4اُهو مغروريءَ سان ڦنڊيل ۽ جاهل آهي؛ بلڪ لفظي تڪرارن ۽ بحث جو ڪوڏيو ٿو ٿئي، جن مان حسد، جهيڙو، بدگويون ۽ بدگمانيون پيدا ٿيون ٿين، 5۽ انهن ماڻهن ۾ ردوبدل ٿي ٿئي، جن جا خيال خراب آهن ۽ جي سچ کان خالي آهن ۽ ڀانئين ٿا تہ دينداري نفعي جو هڪڙو ذريعو آهي. 6پر دينداريءَ سان گڏ جيڪڏهن قناعت بہ هوندي تہ انهي ۾ وڏو فائدو آهي: 7ڇالاءِ تہ اسان دنيا ۾ ڪي ڪين آندو، ۽ نہ ڪي انهيءَ مان ڪجهہ کڻي وينداسين؛ 8پوءِ جي اسان وٽ خوراڪ ۽ پوشاڪ موجود هجي تہ اسين انهيءَ تي راضي رهنداسين. 9پر جيڪي دولتمند ٿيڻ ٿا گهُرن سي آزمائش ۽ ڦندي ۾، ۽ گهڻين اجاين ۽ نقصان وارين نفساني خواهشن ۾ ڦاسيو ٿا وڃن، جي ماڻهن کي برباديءَ ۽ تباهيءَ جي درياهہ ۾ غرق ڪريو ڇڏين. 10ڇالاءِ جو پيسي جو پيار سڀ قسم جي خرابين جي پاڙ آهي: جنهن جي پٺيان پوڻ ڪري ڪي ماڻهو ايمان کان گمراهہ ٿي ويا آهن، ۽ گهڻن ئي ڏکن جا تير منجهن چُڀي ويا آهن.
11پر اي خدا جا بندا، تون انهن ڳالهين کان پري ڀڄ؛ ۽ راستبازيءَ، دينداريءَ، ايمان، محبت، صبر ۽ حلم جو طالب ٿيءُ. 12ايمان جي چڱي جنگ ڪر، هميشہ جي زندگيءَ تي قبضو ڪر، جنهن جي لاءِ تون سڏيو ويو هُئين، ۽ گهڻن شاهدن جي روبرو چڱو اقرار ڪيو هوءِ. 13آئون خدا جي حضور ۾ توکي تاڪيد ٿو ڪريان، جو سڀني شين کي جيئرو ٿو رکي، ۽ مسيح يسوع جي حضور ۾ جنهن پنطيس پلاطس جي اڳيان چڱو اقرار ڪيو هو؛ 14تہ تون اسان جي خداوند يسوع مسيح جي ظاهر ٿيڻ تائين حڪم تي عمل ڪرڻ ۾ بي عيب، ۽ بي قصور رهہ، 15جنهن کي اهو مناسب وقت تي ظاهر ڪندو، جو سڳورو ۽ واحد بادشاهن جو بادشاهہ ۽ خداوندن جو خداوند آهي؛ 16بقا فقط انهي کي ئي آهي، ۽ هو انهي روشنيءَ ۾ ٿو رهي، جنهن تائين ڪوبہ پهچي نٿو سگهي؛ جنهن کي نہ ڪنهن ماڻهوءَ ڏٺو آهي، نڪو ڏسي ٿو سگهي؛ انهي جي عزت ۽ قدرت شل هميشہ تائين رهي. آمين.
17جيڪي هن موجودہ جهان ۾ دولتمند آهن تن کي حڪم ڏي تہ مغرور نہ ٿين، نڪي بي بقا دولت تي اُميد آسرو رکن، بلڪ خدا تي، جو اسان کي سڀ شيون ڪم آڻڻ لاءِ ڪثرت سان ٿو ڏئي؛ 18۽ هو نيڪي ڪن، ۽ چڱن ڪمن ۾ توانگر ٿين، سخاوت ڪرڻ لاءِ تيار رهن ۽ ٻين جي واهر ڪرڻ لاءِ راضي رهن؛ 19۽ آئيندہ لاءِ پنهنجي واسطي چڱو بنياد قائم ڪن تہ اها زندگي حاصل ڪن جا حقيقي آهي.
20اي تيمٿيس، انهيءَ امانت کي سنڀالي رک، ۽ جنهن علم کي علم چوڻ ئي غلط آهي، تنهن جي اجائي بَڪ بَڪ ۽ اعتراض کان پاسو ڪر؛ 21ڇالاءِ جو ڪي انهي کي سچو سمجهي ايمان کان گمراهہ ٿي ويا آهن. تو تي فضل رهي.
Valgt i Øjeblikket:
1 - تيمٿيس 6: SB62
Markering
Kopiér
Sammenlign
Del
Vil du have dine markeringer gemt på tværs af alle dine enheder? Tilmeld dig eller log ind
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.