1 - تيمٿيس 4
4
1پر روح صاف ٿو چوي تہ آخرين زمانن ۾ ڪي اهڙا ٿيندا جي گمراهہ ڪندڙ روحن ۽ ڀوتن جي علم تي ڌيان ڏيڻ ڪري ايمان کان ڦري ويندا، 2اهو انهن ماڻهن جي رياڪاريءَ ڪري ٿيندو، جي ڪوڙ ٿا ڳالهائين ۽ جن جي دل ڄڻ تہ گرم لوهہ سان ڏنڀيل آهي. 3اُهي شادي ڪرڻ کان منع ڪندا، ۽ انهن کاڌن کائڻ کان پرهيز ڪندا، جي خدا انهي لاءِ پيدا ڪيا آهن تہ ايماندار ۽ حق سڃاڻڻ وارا، اُهي شڪرگذاريءَ سان کائين. 4ڇالاءِ تہ سڀڪا شيءِ جا خدا خلقي آهي، سا چڱي آهي، ۽ رد ڪرڻ نہ گهرجي؛ بشرطيڪ اُها شڪرگذاريءَ سان قبول ڪئي وڃي: 5هن ڪري جو اها خدا جي ڪلام ۽ دعا جي ڪري پاڪ ٿيو پوي.
6جيڪڏهن تون ڀائرن کي اهي ڳالهيون ياد ڏياريندين تہ تون مسيح يسوع جو چڱو خادم ٿيندين، ۽ انهي ايمان ۽ چڱي تعليم جي وسيلي پرورش پائيندين، جن تي اڄ تائين تون پئي هليو آهين. 7پر اجاين ڳالهين ۽ وهمي زالن جي آکاڻين کان انڪار ڪج. ۽ دينداريءَ جي لاءِ تعليم وٺندو رهج: 8ڇالاءِ جو جسماني ورزش مان ڪو ٿورو ئي فائدو آهي؛ پر دينداري سڀني ڳالهين لاءِ فائدي واري آهي، ڇالاءِ جو حال ۽ استقبال جي حياتيءَ جو واعدو بہ انهي ڳالهہ ۾ آهي. 9اها ڳالهہ سچي آهي ۽ هر طرح قبول ڪرڻ جي لائق آهي. 10انهي لاءِ ئي اسين پورهيو ٿا ڪريون ۽ ڪشالا پيا ڪڍون، جو اسان جي اُميد انهي زندہ خدا تي رکيل آهي، جو سڀني ماڻهن جو، خاص ڪري ايمان وارن جو، نجات ڏيندڙ آهي. 11انهن ڳالهين بابت حڪم ڪر ۽ تعليم ڏي. 12ڪوبہ ماڻهو تنهنجي جوانيءَ سببان تنهنجي حقارت نہ ڪري، پر تون ايمان وارن جي لاءِ، ڪلام ۽ هلت چلت ۾، محبت، ايمان ۽ پاڪيزگيءَ ۾ نمونو ٿيءُ. 13جيسين آئون اچان تيسين پڙهڻ، ۽ نصيحت ڪرڻ، ۽ تعليم ڏيڻ ۾ مشغول رهہ. 14جيڪا بخشش توکي نبوت جي وسيلي، بزرگن جي هٿن رکڻ سان ملي، تنهن کان غافل نہ رهہ. 15انهن ڳالهين جو خيال رک، انهن ۾ محو رهہ، تہ تنهنجو سڌارو سڀني تي ظاهر ٿئي. 16پنهنجي، ۽ پنهنجي تعليم جي سنڀال ڪج؛ انهن ڳالهين تي قائم رهندو اچج؛ ڇالاءِ جو ائين ڪرڻ سان تون پاڻ کي توڙي پنهنجي ٻُڌڻ وارن کي بچائيندين.
Valgt i Øjeblikket:
1 - تيمٿيس 4: SB62
Markering
Kopiér
Sammenlign
Del
Vil du have dine markeringer gemt på tværs af alle dine enheder? Tilmeld dig eller log ind
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.