5
رحم لاءِ يروشلم وارن جي دعا
1اي اسان جا خداوند!
اسان تي جيڪي مصيبتون آيون، تن تي تون غور ڪر.
اسان تي نظر ڪري ڏس تہ
ڪيئن نہ اسان کي خوار خراب ڪيو پيو وڃي.
2تنهنجي طرفان ڏنل ميراث تي ڌارين قبضو ڪيو آهي،
۽ اسان جي گھرن ۾ بہ ڌاريا ماڻهو ٿا رهن.
3اسان جي پيئرن کي ماري اسان کي يتيم ڪيو ويو آهي،
۽ هاڻي اسان جون مائرون بيسهارا رننزالن جيان آهن.
4اسين پاڻي بہ ملهہ جو ٿا پيئون،
۽ ڪاٺيون بہ بها سان وٺي ٻاريون ٿا.
5اسين ڏينهن رات لوڙيون ٿا ۽ ڪوبہ آرام ڪونہ اٿئون،
تنهنڪري ڏاڍا ٿڪجي پيا آهيون.
6اسان جيئري رهڻ ۽ کاڌي حاصل ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي
مصرين ۽ اشورين ڏانهن معاهدي لاءِ پنهنجو هٿ ڊگھيريون ٿا.
7اسان جي ابن ڏاڏن گناهہ ڪيا، پر اهي مري کپي ويا.
هاڻ انهن جي گناهن جي سزا اسان کي ڀوڳڻي ٿي پوي.
8جيڪي اسان تي حڪمراني ٿا ڪن،
سي ڪنهن ٻئي جا غلام آهن،
۽ اسان کي سندن هٿان ڇڏائڻ وارو ڪوبہ ڪونهي.
9بيابان جي ڏڪار واري حالت ۾ رهندي
اسين موت جي منهن ۾ وڃي کاڌو حاصل ڪريون ٿا.
10بک جي ساڙيندڙ باهہ سبب،
اسان جي کل تئي جهڙي ڪاري ٿي ويئي آهي.
11 صيئون ۾ توڙي سڄي يهوداہ ملڪ ۾،
اسان جي زالن ۽ ڌيئرن کي بيحرمت ڪيو ويو آهي.
12اسان جي حڪمرانن جا هٿ ٻڌي کين ٽنگيو ويو آهي،
۽ اسان جي بزرگن سان شرمناڪ سلوڪ ڪيو ٿو وڃي.
13اسان جي نوجوانن کان غلامن وانگر پٿر پيهايا ٿا وڃن.
۽ اسان جي ٻارن کان ڪاٺين جو ايترو تہ ڳرو بار کڻايو ٿو وڃي
جو اهي ٿاٻڙجي ٿا ڪرن.
14اسان جي اڳواڻن کي شهر جي دروازي وٽ ويهي
فيصلا ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي،
۽ اسان جي نوجوانن مان ڳائڻ وڄائڻ ختم ٿي ويو آهي.
15اسان جي دلين مان خوشيون ختم ٿي ويون آهن،
۽ اسان جو ناچ روڄ راڙي ۾ بدلجي ويو آهي.
16اسان جي حڪمراني اسان کان کسي ويئي آهي.
اسان جي اهڙي حالت اسان جي گناهن جي ئي ڪري ٿي آهي.
ڪاش! اسان جي قوم گناهہ نہ ڪري ها.
17انهيءَ ڪري اسان جون دليون ڏاڍيون غمگين آهن،
۽ اسان جي اکين اڳيان ڌنڌ ڇائنجي ويو آهي.
18 # 5:18 صيئون جبل يروشلم ۾ انهيءَ جبل تي خداوند جي هيڪل اڏيل هئي، جيڪا خداوند جي موجودگيءَ جو نشان هئي. پر پوءِ بابلي فوج انهيءَ کي ڊاهي ڇڏيو. صيئون جبل ايترو تہ ويران ۽ کنڊر بڻجي ويو آهي،
جو انهيءَ تي لومڙيون پيون گھمن ڦرن.
19پر تون اي خداوند!
هميشہ هميشہ تائين حڪمران رهندين.
هائو، تنهنجو تخت پيڙهي بہ پيڙهي قائم رهندو.
20پوءِ تو اسان کي هيتري وقت کان ڇو وساري ڇڏيو آهي؟
ڇو تو وڏي عرصي کان اسان کي ڇڏي ڏنو آهي؟
21اي خداوند! تون اسان تي رحم ڪري
وري اسان کي پنهنجو ڪر.
تون اڳي وانگر اسان کي پنهنجيون نعمتون وري عطا ڪر.
22ڀلا ڇا تون اسان کان ايتري قدر ناراض ٿي
اسان کي هميشہ جي لاءِ ٺڪرائي ڇڏيندين؟