3
سزا ۽ خداوند آڏو فرياد
1آءٌ بہ انهن ماڻهن مان آهيان،
جن تي خدا پنهنجي غضبناڪ لٺ سان عذاب نازل ڪيو.
2هن مون کي ڊوڙائي ڊوڙائي اهڙي اونداهي هنڌ پهچايو،
جتي روشني داخل ٿي ئي نہ ٿي سگھي.
3آءٌ بہ انهن ماڻهن مان آهيان،
جن کي بنا ڪنهن ساهيءَ جي خدا بار بار سزا ڏيندو رهي ٿو.
4خدا منهنجي بدن جو ماس ۽ چمڙي ڳاري ڇڏيا آهن،
۽ منهنجا هڏ گڏ ڀڃي ڇڏيا اٿس.
5هن مون تي حملو ڪري
مون کي سخت مشڪلاتن جي گھيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي.
6جيڪي گھڻي مدت کان مري ويا آهن،
تن وانگر هن مون کي اونداهيءَ ۾ بند رکيو آهي.
7خدا مون کي زنجيرن ۾ جڪڙي ڇڏيو آهي،
آءٌ هڪ اهڙي قيديءَ جيان آهيان،
جنهن کي نڪري ڀڄي وڃڻ جي ڪا اميد ڪانهي.
8توڙي جو آءٌ دانهون ڪندي کيس مدد لاءِ پڪاريان ٿو،
تڏهن بہ هو منهنجي دعائن تي ڪو ڌيان نہ ٿو ڏئي.
9منهنجي هر ڪوشش ناڪام ٿي وڃي ٿي.
هائو، خدا وڏا وڏا پٿر رکي
منهنجيون راهون بند ڪري ڇڏيون آهن.
10هن رڇ وانگر منهنجي تاڙ ۾ ويهي،
هائو، شينهن وانگر ڳجھيءَ جڳهہ مان نڪري
مون تي حملو ڪيو.
11هن مون کي منهنجي راهہ تان گهلي
چيري ڦاڙي ڇڏي ڏنو آهي.
12هن پنهنجو تيرڪمان ڇڪي
مون کي پنهنجي تيرن جو نشانو بڻائي ڇڏيو.
13هن پنهنجي ترڪش جي تيرن سان،
منهنجي اندر کي پروڻ ڪري ڇڏيو آهي.
14سڀيئي ماڻهو مون تي کل ٺٺولي پيا ڪن.
سڄو ڏينهن هر ڪو مون سان چرچو مسخري ڪندو پيو رهي.
15خدا منهنجي زندگيءَ ۾ ڏک ئي ڏک ڏيئي ڇڏيا آهن.
هائو، هن منهنجي زندگي زهر بڻائي ڇڏي آهي.
16خدا مون کي خاڪ ۾ ليٿڙايو آهي،
بلڪ پٿريلي زمين تي منهن ڀر اڇلائي ڇڏيو اٿس
جنهن ڪري منهنجا ڏند ڀڄي پيا آهن.
17هاڻ مون کي امن وَ سلامتي جي ڪا اميد نہ رهي آهي،
۽ مون کان وسري ويو آهي تہ خوشحالي ڇا ٿيندي آهي.
18سو مون سمجھي ڇڏيو آهي تہ
منهنجي جيڪا اميد خداوند ۾ قائم وَ دائم هئي،
سا بلڪل ختم ٿي ويئي آهي.
19پنهنجي مشڪلاتن ۽ بيگھر هجڻ تي سوچڻ سان
ايترو تہ ڏک ٿو ٿئي جو ڄڻ تہ آءٌ زهريلو پاڻي ٿو پيئان.
20بلڪ آءٌ انهن سڀني ڳالهين بابت هميشہ سوچيندو ٿو رهان،
تنهنڪري منهنجي دل سدائين اداس پيئي رهي.
21تنهن هوندي بہ جڏهن آءٌ خدا جي باري ۾
هيءَ ڳالهہ ياد ڪريان ٿو،
تڏهن مون ۾ آس ۽ اميد وري موٽيو اچي.
22 خداوند جي شفقت ابدي آهي،
۽ سندس رحم ڪرڻ ڪڏهن بہ بند نہ ٿو ٿئي.
23جيئن روزانو نئين سر صبح جو تازگي هوندي آهي
تيئن ئي سندس شفقت قائم وَ دائم آهي.
بيشڪ خداوند جي وفا ڪيڏي نہ گھڻي آهي!
24سو منهنجي دل چوي ٿي تہ
جيئن تہ خداوند پنهنجي لاءِ مون کي وقف ڪري ڇڏيو آهي،
تنهنڪري منهنجي اميد آسرو انهيءَ ۾ ئي آهي.
25جيڪي خداوند تي توڪل ٿا رکن ۽ سندس ئي طالبو آهن،
تن سڀني تي هو ڏاڍو مهربان آهي.
26اسان لاءِ اهو ڪافي آهي جو اسين صبر سان انتظار ڪريون،
ڇاڪاڻ تہ خداوند ئي اسان کي مصيبتن کان بچائيندو.
27بلڪ انسان لاءِ اها ڳالهہ بهتر آهي،
جو هو پنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ئي صبر ڪرڻ سکي.
28جڏهن جوانيءَ ۾ مشڪلاتون اچن،
تڏهن بجاءِ ٻين کي ٻڌائڻ جي خاموشيءَ سان صبر ڪري.
29هن کي ٻاڏائيندي زمين تائين منهن جھڪائڻ گھرجي،
تہ من اميد آسري جي ڪا صورت نڪري.
30توڙي جو جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ڳلن تي چماٽون هنيون وڃن،
يا بيعزت ڪيو وڃي،
تہ بہ هن کي اهو سڀ ڪجھہ برداشت ڪرڻ گھرجي.
31 پروردگار اسان کان هميشہ لاءِ منهن نہ موڙيندو.
32جيتوڻيڪ هو اسان کي گھڻا ئي ڏک ڏئي ٿو،
تہ بہ پنهنجي واعدي وفائي ڪندي هو رحم بہ ڪري ٿو.
33پروردگار ڏک ڏيڻ پسند نہ ٿو ڪري،
نڪي هو انسان کي ايذائڻ ٿو چاهي.
34پروردگار ڄاڻي ٿو تہ
قيد ۾ اسان کي روحاني اذيتون ڏنيون وڃن ٿيون.
35خدا تعاليٰ کي اهو بہ معلوم آهي تہ
اسان جي حقتلفي ڪئي ٿي وڃي.
36هو اهو بہ ڏسي ٿو تہ
عدالت ۾ انصاف کي بگاڙيو ٿو وڃي.
37هاڻ ڀلا پروردگار جي مرضيءَ کان سواءِ،
ڪنهن کي طاقت آهي جو اهو سڀ ڪجھہ ڪري سگھي؟
38نيڪي هجي توڙي بدي،
سڀ خدا تعاليٰ جي حڪم سان ئي ٿئي ٿو.
39هاڻ جڏهن تہ اسان جي جيئري ئي اسان کي
پنهنجي گناهن جي سزا ملي ٿي،
تہ پوءِ ڇو اسين شڪايت ڪريون؟
40انهيءَ جي بجاءِ اچو تہ
اسين پنهنجي چال چلت بابت سوچ ويچار ڪريون،
۽ پوءِ وري خداوند آڏو توبهہتائب ٿيون.
41اچو تہ اسين پنهنجي دل جي گھراين سان
خدا جي حضور ۾
دعا لاءِ آسمان ڏانهن هٿ کڻي چئون تہ
42”اي خداوند! بيشڪ اسان گناهہ ڪندي
تنهنجي خلاف بغاوت ڪئي،
۽ تو اسان کي معافي نہ ڏني.
43تو اسان جي پٺيان پئي اسان کي قتل ڪري ڇڏيو.
تو پنهنجي غضب وچان اسان تي قياس نہ ڪيو.
44تو پاڻ کي ڪڪرن پٺيان لڪائي ڇڏيو،
انهيءَ لاءِ تہ اسان جون دعائون تو تائين نہ پهچي سگھن.
45تو ٻين قومن منجھہ
اسان کي گند ڪچري جهڙو ڪنو ڪري ڇڏيو.
46اسين پنهنجي سڀني دشمنن آڏو،
بيعزت ۽ کل ٺٺوليءَ جو سبب بڻياسين.
47اسان تي مصيبت ۽ تباهي نازل ڪئي ويئي،
۽ اسان خوف ۽ دهشت ۾ زندگي پيا گذاريون.“
48آءٌ وڌيڪ ٻاڏائيندي چوان ٿو تہ
اي خداوند! منهنجي اکين مان پاڻيءَ جون نديون ٿيون وهن،
ڇاڪاڻ تہ منهنجي قوم وارا تباهہ وَ برباد ٿي رهيا آهن.
49تيستائين لڳاتار وهندڙ واهيءَ جيان،
منهنجي اکين مان سدائين لڙڪ وهندا رهندا،
50جيستائين تون خداوند عرش عظيم کان هيٺ نهاري
اسان جي مدد ڪرين.
51جڏهن آءٌ ڏسان ٿو تہ يروشلم جي عورتن سان ڇا ٿو ٿئي،
تڏهن منهنجي دل غم سان ڀرجيو وڃي.
52جيڪي بنا ڪنهن سبب جي منهنجا دشمن بڻيا،
تن مون کي پکين وانگر شڪار ڪيو.
53هنن مون کي جيئرو ئي اونهي کوهہ ۾ اڇلائي ڇڏيو،
۽ انهيءَ جي منهن کي پٿر سان بند ڪري ڇڏيو.
54پاڻي منهنجي سر کان مٿي ايترو تہ چڙهي ويو آهي،
جو آءٌ سمجھان ٿو تہ هاڻ آءٌ ٻڏي مرڻ وارو آهيان.
55سو اي خداوند!
کوهہ جي تري مان آءٌ تنهنجو نالو وٺي پڪاريان ٿو.
56تون منهنجيون دانهون ٻڌڻ کان پنهنجو منهن نہ موڙ،
پر اچي منهنجي مدد ڪر ۽ مون کي بچاءِ.
57اڄ ئي منهنجو فرياد ٻڌ،
۽ ويجھو اچي مون کي دلاسو ڏيئي چئُہ تہ ”گھٻراءِ نہ.“
58هائو، اي پروردگار! تون مون کي اچي ڇڏاءِ،
۽ منهنجي حياتي بچائي وٺ.
59اي خداوند! تون مون تي ظلم ٿيندي ڏسين ٿو.
هاڻي تون منهنجي حق ۾ فيصلو ڏي.
60جيڪي بہ سازشون هنن وير وٺڻ لاءِ جوڙيون آهن،
تن سڀني تي غور ڪر.
61هائو، اي خداوند! جيڪي ملامتون اهي مون تي ڪن ٿا،
۽ جيڪي بڇڙائيءَ وارا منصوبا اهي منهنجي خلاف جوڙين ٿا،
سي سڀ تون ڄاڻين ٿو.
62اهي مون کي گھٽ وڌ پيا ڳالهائين،
۽ سڄو ڏينهن پاڻ ۾ منهنجي خلاف سازشون پيا جوڙين.
63صبح کان وٺي رات تائين اٿندي ويهندي
اهي مون تي ٽوڪ ٺٺولين وارا راڳ ڳائين ٿا.
64سو اي خداوند! اهي جيڪي ڪجھہ ڪن ٿا،
تنهن موجب کين سزا ڏي.
65هائو، تون انهن تي ملامت ڪر.
۽ کين غمن ۾ مبتلا ڪري ڇڏ.
66اي خداوند! پنهنجي غضب وچان سندن پيڇو ڪندي
روءِزمين تان سندن نالو نشان ئي مِٽائي ڇڏ.