حبقوق ‮تعارف‬

تعارف
”حبقُوق“ نالي هي مقدس ڪتاب انهيءَ نبيءَ جي نالي سان منسوب آهي، جنهن جو پيغام ستين صدي قبل مسيح جي آخر ۾ ظاهر ٿيو، جڏهن بابل وارا اقتدار ۾ هئا. حبقُوق نبي انهن ظالم ماڻهن جي ظلمن جي ڪري ڏاڍو پريشان ٿيو ۽ خداوند کي چيائين تہ ”جڏهن بڇڙا ماڻهو پاڻ کان چڱن کي ماري ٿا ڇڏين، تڏهن ڇو تون ماٺ ڪري ويهي ٿو رهين؟“ (1‏:13). خداوند کيس ورندي ڏني تہ هو انهن جي خلاف ڪنهن مقرر وقت تي قدم کڻندو ۽ انهيءَ وقت ”سچار پنهنجي ايمانداريءَ سببان زندہ رهندا“ (2‏:4).
هن مقدس ڪتاب جو باقي حصو بڇڙن جي تباهيءَ جي باري ۾ اڳڪٿي آهي. آخر ۾ خدا جي عظمت جي باري ۾ هڪ گيت آهي، جنهن ۾ حضرت حبقُوق جو خدا تي لافاني ايمان بيان ڪيل آهي.
سِٽاءُ
حضرت حبقُوق جي شڪايت ۽ خداوند جو جواب 1‏:1‏–2‏:4
بڇڙن جي تباهي 2‏:5‏-20
حضرت حبقُوق جي دعا 3‏:1‏-19

Subratllat

Copia

Compara

Comparteix

None

Vols que els teus subratllats es desin a tots els teus dispositius? Registra't o inicia sessió