Logo de l'Aplicació de la Bíblia
Icona de cerca

حزقي‌ايل 14

14
بت‌پرستن لاءِ سزا
1تنهن کان پوءِ بني اسرائيل جي اڳواڻن مان ڪي خداوند جي مرضي معلوم ڪرڻ لاءِ مون وٽ آيا. 2تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ 3”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! هنن ماڻهن بتن جي پوڄا شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن جي ڪري هو وڌيڪ گناهن ۾ غرق ٿيندا پيا وڃن. ڇا اهي اڃا بہ ائين سمجھن ٿا تہ آءٌ کين ڪو جواب ڏيندس؟
4تنهنڪري تون هنن سان ڳالهاءِ ۽ کين مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ بني اسرائيل قوم مان جيڪي بہ ماڻهو بتن جي پوڄا ڪندي گناهن ۾ غرق ٿيندا ٿا وڃن ۽ پوءِ بہ اهي نبيءَ وٽ مون کان صلاح مشورو گھرڻ لاءِ ٿا اچن تہ اهي ياد رکن آءٌ خداوند خود انهن کي سندن گھڻي بت‌پرستيءَ جي گناهہ مطابق جواب ڏيندس. 5اهي بتن جي پوڄا ڪري مون کان ڌار ٿي ويا آهن. سو آءٌ سندن بت‌پرستيءَ جي دلي خواهش مطابق کين سزا ڏيندس.
6تنهنڪري هاڻي اي حزقي‌ايل! تون سڄي بني اسرائيل کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اوهين توبهہ‌تائب ٿيو ۽ پنهنجي ڪراهت جهڙن بتن کان منهن موڙي ڇڏيو. 7جڏهن اوهان جي قوم بني اسرائيل مان ڪو ماڻهو يا بني اسرائيل جي ملڪ ۾ رهندڙ ڌارين مان ڪوبہ مون کي ڇڏي بتن جي پوڄا ڪندي وڌيڪ گناهن ۾ غرق ٿيندو ٿو وڃي ۽ پوءِ بہ هو نبيءَ وٽ اچي ٿو تہ جيئن انهيءَ جي معرفت مون کان پڇا ڪري، تڏهن انهيءَ کي آءٌ خداوند پاڻ جواب ڏيندس. 8جواب هي آهي تہ آءٌ انهيءَ جي خلاف ٿي بيهندس ۽ انهيءَ کي عبرت جو نشان ۽ هڪڙو پهاڪو بڻائي ڇڏيندس. آءٌ پنهنجي قوم منجھان سندس نالو نشان مِٽائي ڇڏيندس. پوءِ اوهان مان هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.
9جيڪڏهن ڪو نبي سڏائيندڙ گمراهہ ٿي ڪري ڪوڙو پيغام ڏئي ٿو، تہ ائين چيو ويندو تہ مون خداوند ئي انهيءَ کي گمراهيءَ ۾ وڌو آهي. سو آءٌ انهيءَ تي پنهنجو هٿ کڻندس ۽ پنهنجي قوم بني اسرائيل منجھان کيس ڪڍي ڇڏيندس. 10پوءِ اهو نبي سڏائيندڙ توڙي کانئس سوال پڇندڙ ٻيئي پنهنجي بدڪاريءَ جي سزا ڀوڳيندا، ڇاڪاڻ تہ نبي سڏائيندڙ جو گناهہ بہ اوترو ئي هوندو جيترو کانئس سوال پڇڻ واري جو. 11آءٌ اهو سڀ انهيءَ لاءِ ڪندس تہ جيئن اوهين بني اسرائيل اڳتي وري مون کان گمراهہ نہ ٿي وڃو ۽ نہ وري پنهنجي گناهن جي گھڻائيءَ ڪري پليت ٿيو. سو مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيو، تڏهن اوهين منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ اوهان جو خدا هوندس.‘ اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“
يروشلم مٿان چئن وڏين آفتن جي اچڻ جو پيغام
12 خداوند مون کي فرمايو تہ 13”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! فرض ڪر تہ ڪا قوم مون کي ڇڏي گناهہ ٿي ڪري ۽ آءٌ کين سزا ڏيندي سندن فصل تباهہ ٿو ڪريان ۽ منجھن ڏڪار ٿو موڪليان ۽ انهن جا ماڻهو توڙي جانور ماري ٿو ڇڏيان. 14#پيد 6‏:9‏-10، ايو 1‏:5‏،8 پوءِ جيتوڻيڪ هي ٽي ماڻهو نوح، #14‏:14 دانيال هي ماڻهو دانيال نبي نہ آهي، پر گھڻو ڪري ڪنعاني لکتن ۾ هڪڙو شخص آهي جيڪو نيڪ زندگي گذارڻ ڪري مشهور هو.دانيال ۽ ايوب انهن سان گڏ رهندا هجن، تڏهن بہ انهن جي نيڪي رڳو انهن ٽن کي ئي بچائي سگھندي، ٻين کي نہ. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.
15يا فرض ڪر تہ آءٌ ڪنهن قوم کي سزا ڏيڻ لاءِ منجھن خونخوار جھنگلي جانور موڪليان، جيڪي سندن ماڻهن کي چيري ڦاڙي سندن ملڪ ويران ڪري ڇڏين، ايتري قدر جو انهن جانورن جي ڪري ڪوبہ انهيءَ ملڪ مان لنگھي نہ سگھي. 16تڏهن بہ آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ جيتوڻيڪ اهي ٽيئي ماڻهو انهيءَ قوم سان رهندا هجن تہ بہ اهي پنهنجي ٻارن کي بہ بچائي نہ سگھندا. هو رڳو پاڻ بچي ويندا، باقي سڄو ملڪ ويران ٿي ويندو.
17يا جيڪڏهن آءٌ انهيءَ ملڪ تي جنگ موڪليان ۽ موتمار هٿيارن سان انهيءَ ملڪ جي انسانن توڙي حيوانن کي قتل ڪرائي ڇڏيان، 18تڏهن بہ آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ جيتوڻيڪ اهي ٽيئي ماڻهو انهيءَ ملڪ ۾ رهندا هجن تہ بہ اهي پنهنجن ٻارن کي بہ بچائي نہ سگھندا. هو رڳو پاڻ ئي بچي سگھندا.
19يا فرض ڪر تہ آءٌ انهيءَ ملڪ ۾ وبا موڪليان ۽ خونريزيءَ وسيلي ملڪ تي پنهنجو قهر نازل ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ انهيءَ ملڪ جي انسانن توڙي حيوانن کي ماري چٽ ڪري ڇڏيان. 20تڏهن جيڪڏهن نوح، دانيال ۽ ايوب بہ انهيءَ ملڪ ۾ رهندا هجن تہ بہ آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ اهي پنهنجن ٻارن مان ڪنهن هڪ کي بہ بچائي نہ سگھندا. اهي پنهنجي نيڪيءَ جي ڪري رڳو پنهنجي ئي جان بچائي سگھندا.
21 # مڪا 6‏:8 سو هاڻ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ آءٌ پنهنجيون اهي چار ئي وڏيون آفتون يعني جنگ، ڏڪار، خونخوار جھنگلي جانور ۽ وبا يروشلم تي نازل ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ اتي جي انسانن توڙي حيوانن کي ماري چٽ ڪريان ۽ پوءِ بني اسرائيل ملڪ جو حال ڪيڏو نہ وڌيڪ خراب هوندو! 22انهيءَ هوندي بہ يروشلم جي رهاڪن مان ڪي باقي بچندا، جيڪي پنهنجي ملڪ مان جلاوطن ٿي اوهان وٽ ايندا. اي حزقي‌ايل! جڏهن توهين انهن جي چال چلت ۽ بڇڙا ڪم ڏسندا تڏهن ڄاڻي وٺندا تہ مون يروشلم تي اهي آفتون ۽ مصيبتون نازل ڪري ڪيڏو نہ صحيح ڪم ڪيو آهي. 23هائو، جڏهن اوهين انهن جا طور طريقا ۽ افعال ڏسندا تڏهن اوهان کي معلوم ٿيندو تہ مون انهن سان جيڪي ڪجھہ ڪيو آهي سو بي‌سبب نہ ڪيو اٿم. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“

S'ha seleccionat:

حزقي‌ايل 14: SB

Subratllat

Copia

Compara

Comparteix

None

Vols que els teus subratllats es desin a tots els teus dispositius? Registra't o inicia sessió