9
دانيال جو پنهنجي قوم لاءِ دعا گھرڻ
1دارا بن اخسويرس، جيڪو مادئين جي نسل مان هو، سو بابلين جي ملڪ تي بادشاهہ مقرر ٿيو. 2#ير 25:11، 29:10 سندس بادشاهيءَ جي پهرئين سال، مون دانيال پاڪ لکتن جو مطالعو ڪندي يرمياہ نبيءَ جي ذريعي مليل خداوند جي ڪلام مان ڄاڻي ورتو تہ ”يروشلم جي ويراني ستر سالن تائين رهندي.“ 3سو مون پنهنجو منهن خداوند خدا ڏانهن ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ سندس راضپي لاءِ روزو رکي، کٿو ڍڪي ۽ خاڪ تي ويهي کانئس دعا گھران ۽ کيس منٿ ڪريان.
4سو مون پنهنجي قوم جا ڏوهہ قبول ڪندي خداوند پنهنجي خدا کي عرض ڪيو تہ ”اي رب، عظيم ۽ هيبتناڪ خدا! تون پنهنجي فرمانبردارن ۽ محبت رکڻ وارن سان پنهنجي عهد ۽ لافاني شفقت کي قائم رکين ٿو. 5اي پروردگار! بيشڪ اسان گناهہ ڪيو آهي، ڏنگي هلت هليا آهيون ۽ برائيءَ جا ڪم ڪيا اٿئون. اسان بغاوت ڪئي آهي ۽ تنهنجي قاعدن قانونن کان منهن موڙيو اٿئون. 6اسان تنهنجي بندن يعني انهن نبين جي ڳالهہ نہ مڃي آهي، جن اسان جي بادشاهن، اسان جي سردارن، اسان جي ابن ڏاڏن توڙي ملڪ جي سڀني ماڻهن کي تنهنجو فرمان ٻڌايو.
7اي پروردگار! تون ئي واعدي جو سچار آهين، پر اسين تو سان ٻڌل عهد سان بيوفائي ڪري خوار خراب ٿيا آهيون، جيئن اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي. هائو، اسين يروشلم سميت سڄي يهوداہ جا رهاڪو، بلڪ سڄي بني اسرائيل وارا خوار خراب آهيون، جن کي تو ويجھن توڙي پري وارن ملڪن ۾ هڪالي ڇڏيو آهي. 8اي خداوند! اسين، اسان جا بادشاهہ، اسان جا سردار ۽ اسان جا ابا ڏاڏا شرمسار آهيون، ڇاڪاڻ تہ اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي. 9جڏهن بہ اسين تو کان باغي ٿيا آهيون، تڏهن اي پروردگار، اسان جا خدا! تون اسان تي رحم ڪندڙ ۽ اسان کي معافي ڏيندڙ ثابت ٿيو آهين. 10اسان تو خداوند پنهنجي خدا جو حڪم نہ مڃيو آهي، جو اسان تنهنجي انهيءَ شريعت تي عمل نہ ڪيو آهي، جيڪا تو پنهنجي بندن، يعني نبين جي معرفت اسان کي ڏني. 11#شر 27:9-26، 28:17-68 هائو، اسان سڄي بني اسرائيل وارن تنهنجي شريعت جي حد ڀڳي آهي ۽ تنهنجي فرمانبرداريءَ جو انڪار ڪندي ڦري ٻئي پاسي ٿيا آهيون. تنهنڪري تنهنجي اها قسم واري لعنت اسان تي اچي پيئي آهي، جيڪا تنهنجي ٻانهي موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي. 12تو اسان جي خلاف ۽ اسان جي حاڪمن جي خلاف جيڪي بہ فرمايو هو، سو اسان تي هڪڙي وڏي آفت آڻڻ سان صحيح ثابت ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ڪم يروشلم ۾ ڪيو ويو آهي، سو سڄي جهان ۾ ٻيو ڪٿي بہ ڪين ٿيو آهي. 13جيئن موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي، تيئن ئي هيءَ سڄي آفت اسان تي نازل ٿي آهي. انهيءَ هوندي بہ اسان تو خداوند پنهنجي خدا جي رضامندي نہ چاهي، جو اسين پنهنجي بدڪارين کان باز اچون ها ۽ تنهنجي ابدي سچائيءَ ڏانهن ڌيان ڌريون ها. 14تو خداوند پنهنجي چوڪسيءَ جي نظر رکندي اسان تي اها آفت نازل ڪئي آهي، ڇاڪاڻ تہ تون خداوند اسان جو خدا پنهنجي سڀني ڪمن ۾ جيڪي تون ڪرين ٿو سچار آهين. پر اسان ئي تنهنجي فرمانبرداري نہ ڪئي آهي.
15هاڻي اي پروردگار، اسان جا خدا! تو اسان پنهنجي قوم کي زورآور هٿ سان مصر ملڪ مان ڪڍي آندو ۽ پنهنجو نالو قائم ڪيو، جيڪو اڄ تائين قائم آهي. پر اسان گناهہ ڪيو آهي ۽ ڏنگي هلت هليا آهيون. 16اي رب! آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ پنهنجي سچائيءَ سان ڪيل ڪمن موجب، پنهنجي ڪاوڙ، پنهنجو قهر يروشلم جي شهر تان يعني پنهنجي پاڪ جبل صيئون تان ٽاري ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ اسان جي گناهن ۽ اسان جي ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي ڪري يروشلم ۽ تنهنجي قوم پنهنجي سڀني آسپاس وارن جي طعنن جو سبب بڻي آهي. 17تنهنڪري هاڻي اي اسان جا خدا! پنهنجي ٻانهي جي دعا ۽ منٿ ٻڌ. اي پروردگار! تون پنهنجي ئي واسطي، پنهنجي انهيءَ اجڙي ويل مقدس هيڪل تي مِهر جي نظر ڪر. 18اي منهنجا خدا! پنهنجو ڪن ڏيئي ٻڌ، پنهنجيون اکيون کولي اسان، يعني پنهنجي انهيءَ شهر جي رهاڪن جي بربادي ڏس، جيڪو تنهنجي نالي پٺيان ٿو سڏجي. اسين پنهنجا عرض تنهنجي وڏي رحمت جي ڪري تنهنجي حضور ۾ پيش ٿا ڪريون، انهيءَ لاءِ نہ تہ اسين ان جي لائق آهيون. 19اي پروردگار! ٻڌ، اي رب! معافي ڏي، اي ڌڻي! اسان جي ٻڌ ۽ ڪجھہ ڪر. اي منهنجا خدا! پنهنجي نالي جي خاطر دير نہ ڪر، ڇاڪاڻ تہ تنهنجو شهر ۽ تنهنجي قوم تنهنجي ئي نالي پٺيان ٿا سڏجن.“
جبرائيل جو يرمياہ نبيءَ جي اڳڪٿيءَ بابت کولي سمجھائڻ
20مون دانيال اهو سڀ ڳالهايو پئي ۽ دعا گھري پنهنجا ۽ پنهنجي قوم بني اسرائيل جا گناهہ قبول پئي ڪيا ۽ پنهنجي خدا جي پاڪ شهر يروشلم جي بحاليءَ واسطي، خداوند پنهنجي خدا جي حضور عرض پئي ڪيم. 21#دان 8:17،18 هائو، اڃا مون دعا ئي پئي گھري تہ اهو ئي شخص جبرائيل، جنهن کي مون اڳ رويا ۾ ڏٺو هو، سو اٽڪل شام جي قربانيءَ واري وقت تيزيءَ سان اڏامندو مون وٽ آيو. 22هن مون کي چيو تہ ”اي دانيال! آءٌ هن وقت انهيءَ لاءِ آيو آهيان تہ تو کي #9:22 ستر سالن واري اڳڪٿيءَ ڏسو دانيال 9:2.ستر سالن واري اڳڪٿيءَ جو مطلب سمجھايان. 23تنهنجي دعا گھرڻ جي شروع ۾ ئي اهو حڪم جاري ٿيو، جيڪو آءٌ تو کي ٻڌائڻ آيو آهيان، ڇاڪاڻ تہ تون خدا کي ڏاڍو پيارو آهين. تنهنڪري هاڻي تون غور سان ٻڌ ۽ انهيءَ اڳڪٿيءَ کي سمجھہ. 24تنهنجي قوم بني اسرائيل ۽ تنهنجي پاڪ شهر يروشلم لاءِ ستر دفعا ستن ستن سالن جو مدو مقرر ٿيو آهي. جيئن انهيءَ عرصي ۾ منجھائن خطاڪاري ۽ گناهہ ختم ٿي وڃن، هائو، کانئن بدڪاري دور ٿي وڃي. دائمي سچائي قائم ٿئي، تانتہ رويا ۽ اڳڪٿي سچا ثابت ٿين ۽ هيڪل کي مسح ڪري مخصوص ڪيو وڃي. 25تنهنڪري ڄاڻي وٺ ۽ سمجھي ڇڏ تہ يروشلم کي وري اڏڻ ۽ آباد ڪرڻ واري حڪم جاري ٿيڻ کان وٺي، مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ جي اچڻ تائين ست دفعا ست ست سال ٿيندا. پوءِ ٻاهٺ دفعا ستن ستن سالن تائين شهر اندر گھٽيون ۽ قلعي جي چوڌاري حفاظتي کاهيون ٺاهيون وينديون، جيتوڻيڪ اهي مصيبت جا ڏينهن هوندا. 26انهيءَ مدي جي آخر ۾ هڪڙو ڌاريو حڪمران ڪاهہ ڪري ايندو، جنهن جو لشڪر شهر ۽ انهيءَ مقدس هيڪل کي طوفان وانگر ناس ڪري ڇڏيندو. پوءِ انهن ٻاهٺ دفعا ستن ستن سالن جي پڇاڙيءَ تائين جنگ هلندي رهندي، جنهن ۾ اهو چونڊيل بادشاهہ قتل ڪيو ويندو ۽ سندس پٺيان ڪو بادشاهي ڪرڻ وارو نہ رهندو. خدا جي طرفان اها بربادي مقرر ڪيل آهي. 27#دان 11:31، 12:11، مت 24:15، مر 13:14 اهو ڌاريو حڪمران آخري هڪڙن ستن سالن جي لاءِ گھڻن ئي ماڻهن سان مضبوط عهد اقرار ڪندو. انهيءَ مدي جي اڌ وقت گذرڻ تي هو هيڪل ۾ قرباني ۽ نذرانو بند ڪرائي ڇڏيندو ۽ هيڪل اندر #9:27 بربادي آڻيندڙ مڪروهہ شيءِ هن مان مراد هڪ غير قوم جي معبود جو اهو بت يا اها قربانگاهہ آهي، جيڪا 167 قبل مسيح ۾ هيڪل اندر رکي ويئي هئي.بربادي آڻيندڙ مڪروهہ شيءِ رکي ويندي، ايستائين جو انهيءَ شيءِ جي رکندڙ تي مقرر ڪيل غضب اچي نازل ٿيندو.“