Logo de l'Aplicació de la Bíblia
Icona de cerca

دانيال 7

7
دانيال نبيءَ جون رويائون
(7‏:1‏–12‏:13)
چئن جانورن واري رويا
1بابل جي بادشاهہ بيلشضر جي شهنشاهيءَ جي پهرئين سال آءٌ دانيال هڪ رات پنهنجي بستري تي ستو پيو هئس تہ مون هڪ رويا ڏٺي. پوءِ مون اها رويا لکي ڇڏي، جنهن جو خلاصو هن طرح آهي.
2رويا ۾ آءٌ ڇا ڏسان تہ چئني طرفن کان آسماني هوائون وڏي سمنڊ تي اچي ڪڙڪيون. 3#مڪا 13‏:1، 17‏:8 تڏهن چار وڏا جانور، جيڪي هڪٻئي کان مختلف هئا، سي سمنڊ مان نڪري آيا.
4 # مڪا 13‏:2 پهريون جانور شينهن جهڙو هو، مگر کيس عقاب جهڙا پر هئا، جيڪي منهنجي ڏسندي ڏسندي پٽي ڪڍيا ويا. پوءِ کيس زمين کان مٿي کڻي انسان وانگر ٻن پيرن تي بيهاريو ويو ۽ کيس انساني سوچ ڏني ويئي.
5ٻيو جانور ڏٺم تہ رڇ جهڙو هو، جيڪو پوين پيرن ڀر جھڪي ڪر کنيو بيٺو هو. سندس وات ۾ ٽي پاسريون هيون. کيس چيو ويو تہ ”اُٿ ۽ خوب گوشت کاءُ.“
6تنهن کان پوءِ مون ٽيون جانور ڏٺو، جيڪو چيتي جهڙو هو. پر انهيءَ جي پٺيءَ تي پکيءَ جي پرن جهڙا چار پر هئا ۽ کيس چار مٿا پڻ هئا. انهيءَ کي حڪمراني ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو.
7 # مڪا 12‏:3، 13‏:1 انهيءَ کان پوءِ پنهنجي انهيءَ رويا ۾ مون چوٿون جانور ڏٺو، جيڪو خوفناڪ، بلڪ تمام هيبتناڪ هو. هو نهايت مضبوط هو ۽ کيس لوهہ جا وڏا وڏا ڏند هئا. هو شڪار کي چيري ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڳڙڪائي ٿي ويو ۽ باقي جيڪي بچيو ٿي تنهن کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙي ٿي ڇڏيائين. اهو اڳين جانورن کان انهيءَ ڳالهہ ۾ مختلف هو جو انهيءَ کي ڏهہ سڱ هئا. 8#مڪا 13‏:5‏-6 جڏهن آءٌ انهن سڱن کي غور سان نهاري رهيو هئس تہ ڇا ڏسان تہ انهن جي وچان هڪڙو ٻيو ننڍو سڱ نڪتو، جنهن پهرين ڏهن سڱن مان ٽي سڱ پاڙان پٽي ڪڍيا. وري جو ڏسان تہ انهيءَ ننڍي سڱ ۾ ماڻهن جي اکين جهڙيون اکيون ۽ هڪڙو وات بہ هو، جنهن مان تڪبر واريون ڳالهيون ٿي نڪتيون.
9 # مڪا 20‏:4، 1‏:14 منهنجي ڏسندي ڏسندي هيئن ٿيو جو
هڪدم تخت وڇايا ويا،
۽ هڪ ازلي هستي اچي پنهنجي تخت تي ويٺي.
ان جي پوشاڪ نوراني هئي،
۽ سندس مٿي جا وار اڇا کير جهڙا هئا.
ان جو تخت باهہ جي شعلي جيان هو،
جنهن جا ڦيٿا ٻرندڙ باهہ جيان هئا.
10 # مڪا 5‏:11، 20‏:12 سندس حضور مان تجلو
باهہ واري نهر جي صورت ۾ وهي ٿي نڪتو.
هزارين هزار، بلڪ لکين لک ماڻهو،
خدمت چاڪريءَ لاءِ سندس حضور ۾ بيٺا هئا.
تڏهن عدالت شروع ٿي ويئي ۽ ڪتاب کوليا ويا.
11تڏهن آءٌ ڏسي ئي رهيو هئس تہ انهيءَ سڱ جي تڪبر وارين ڳالهين جي ڪري انهيءَ چوٿين جانور کي قتل ڪيو ويو. سندس مڙهہ کي ڀڙڪندڙ باهہ ۾ اڇلائي ناس ڪيو ويو. 12باقي جيڪي ٻيا جانور هئا تن کان بہ اختياري کسي ويئي، تنهن هوندي بہ انهن جي حياتيءَ جو هڪڙو عرصو مقرر ڪيو ويو.
13 # مت 24‏:30، 26‏:64، مر 13‏:26، 14‏:62، لو 21‏:27، مڪا 1‏:7‏،13، 14‏:14 مون پنهنجي هن رويا ۾ وڌيڪ ڏٺو تہ
آدمزاد جهڙو هڪ شخص آسمان جي ڪڪرن سان گڏ آيو.
اهو ازلي هستيءَ وٽ اچي پهتو تہ
کيس انهيءَ جي حضور ۾ آندو ويو.
14 # مڪا 11‏:15 پوءِ اختياريءَ ۽ عظمت سان گڏ
بادشاهي سندس حوالي ڪئي ويئي،
تان‌تہ سڀيئي قومون ۽ قبيلا توڙي مختلف ٻوليون ڳالهائڻ وارا،
انهيءَ جي تعظيم ۽ احترام ڪن.
انهيءَ جي بادشاهي دائمي آهي ۽ فنا ٿيڻ واري ناهي،
هائو، ان جي حاڪميت کي ڪڏهن بہ ڪو زوال نہ ايندو.
رويا جي سمجھاڻي
15رويا ۾ اهي ڳالهيون ڏسندي آءٌ دانيال پريشان ٿي ويس ۽ مون کي بي‌قراري وٺي ويئي. 16تڏهن آءٌ انهيءَ هستيءَ جي خدمت ۾ بيٺلن مان هڪڙي ڏانهن وڌي ويس ۽ انهن سڀني ڳالهين جي حقيقت پڇي مانس. سو هن مون کي انهن جو مطلب سمجھايو. 17هن ٻڌايو تہ ”هي چار وڏا جانور چار شهنشاهتون آهن، جيڪي هڪٻئي پٺيان زمين تي برپا ٿينديون. 18#مڪا 22‏:5 پر پوءِ خدا تعاليٰ جي چونڊيل بندن کي ئي اها بادشاهي ملندي ۽ اهي سدائين بلڪ هميشہ هميشہ تائين انهيءَ جا مالڪ رهندا.“
19تڏهن مون انهيءَ چوٿين جانور جي حقيقت معلوم ڪرڻ جي خواهش ڪئي، جيڪو ٻين سڀني کان مختلف ۽ نهايت هيبتناڪ هو. انهيءَ جا ڏند لوهہ جا ۽ ننهن پتل جا هئا. اهو شڪار کي چيري ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڳڙڪائي ٿي ويو ۽ جيڪي باقي بچيس ٿي، تنهن کي پيرن هيٺان لتاڙي ٿي ڇڏيائين. 20مون انهن ڏهن سڱن جي بہ حقيقت معلوم ڪرڻ چاهي، جيڪي سندس مٿي تي هئا ۽ انهيءَ ٻئي سڱ بابت بہ، جيڪو پوءِ نڪري آيو هو ۽ جنهن ٽي سڱ پٽي ڪڍيا هئا، يعني اهو سڱ جنهن ۾ اکيون ۽ وات هو ۽ جنهن تڪبر واريون ڳالهيون ٿي ڪيون. اهو ٻين سڱن کان وڌيڪ رُعبدار ڏسڻ ۾ ٿي آيو. 21#مڪا 13‏:7 مون ڏٺو هو تہ انهيءَ سڱ چونڊيل بندن سان جنگ ٿي ڪئي ۽ انهن تي غالب ٿي آيو. 22#مڪا 20‏:4 اهو سڀ تيستائين ٿيندو رهيو جيستائين اها ازلي هستي آئي ۽ پنهنجي چونڊيل بندن جي حق ۾ اچي فيصلو ڏنائين. سو اهو وقت اچي پهتو جڏهن انهن چونڊيل بندن کي بادشاهيءَ جو مالڪ بڻايو ويو.
23تڏهن مون دانيال کي وڌيڪ سمجھايو ويو تہ ”اهو چوٿون جانور دنيا ۾ چوٿين شهنشاهت ٿيندي، جيڪا ٻين شهنشاهتن کان مختلف هوندي. اها سڄيءَ دنيا کي لتاڙي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندي ۽ انهيءَ کي ڳهي ويندي. 24#مڪا 17‏:12 باقي اهي ڏهہ سڱ، سي ڏهہ بادشاهہ آهن، جيڪي انهيءَ شهنشاهت ۾ هڪٻئي پٺيان اُٿي کڙا ٿيندا. تڏهن هڪڙو ٻيو بادشاهہ اٿندو، جيڪو انهن اڳين کان مختلف هوندو ۽ انهن مان ٽن بادشاهن کي شڪست ڏيندو. 25#مڪا 12‏:14، 13‏:5‏-6 اهو خدا تعاليٰ جي خلاف ڳالهيون ڪندو ۽ خدا تعاليٰ جي چونڊيل بندن کي ايذائيندو. هو عيد جي ڏينهن ۽ شريعت کي ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪندو. ائين خدا جي قوم ساڍن ٽن سالن تائين انهيءَ جي هٿ ۾ ڏني ويندي. 26پوءِ عدالت ٿيندي ۽ کانئس حڪومت کسي ويندي، ايستائين جو کيس پوريءَ طرح نيست وَ نابود ڪيو ويندو. 27#مڪا 20‏:4، 22‏:5 تڏهن ڌرتيءَ جي سڀني بادشاهتن جي حڪومت، سلطنت ۽ شان وَ شوڪت خدا تعاليٰ جي انهن چونڊيل بندن کي ڏني ويندي. سندن شهنشاهت دائمي شهنشاهت هوندي ۽ ٻيون سموريون حڪومتون انهن جي خدمت چاڪري ۽ فرمانبرداري ڪنديون.“
28اهي ئي ڳالهيون هيون جيڪي مون رويا ۾ ڏٺيون ۽ ٻڌيون، جڏهن تہ انهن کي مون پنهنجيءَ دل ۾ ئي سانڍي رکيو. باقي مون دانيال کي منهنجي خيالن ڏاڍو بي‌قرار ڪري ڇڏيو ۽ خوف وچان منهنجي منهن جو رنگ ڦٽي ويو.

S'ha seleccionat:

دانيال 7: SB

Subratllat

Copia

Compara

Comparteix

None

Vols que els teus subratllats es desin a tots els teus dispositius? Registra't o inicia sessió