6
دانيال جي خلاف سازش
1بادشاهہ دارا فيصلو ڪيو تہ هو پنهنجي سلطنت تي هڪ سؤ ويهہ والي مقرر ڪري، جيڪي سڀني علائقن تي حڪومت ڪن. 2ان کان علاوہ بادشاهہ پاڻ کي نقصان کان بچائڻ لاءِ دانيال ۽ ٻن ٻين ماڻهن کي انهن والين مٿان وزير مقرر ڪيو، تہ جيئن اهي سندن ڪمن تي نگراني ڪن. 3جيئن تہ دانيال ۾ غير معمولي روحاني نعمت هئي، سو هو انهن وزيرن ۽ والين کان گوءِ کڻي ويو. تنهنڪري بادشاهہ ارادو ڪيو تہ هو دانيال کي سڄي سلطنت جي مٿان مقرر ڪري. 4تڏهن وزير ۽ والي موقعي جي تاڙ ۾ رهڻ لڳا، تہ جيئن حڪمرانيءَ جي نسبت ۾ دانيال جو ڪو قصور هٿ ڪن. پر هو اهڙو ڪوبہ قصور هٿ ڪري نہ سگھيا، ڇاڪاڻ تہ دانيال ديانتدار هو ۽ منجھس ڪابہ گھٽتائي يا غفلت ڪين هئي. 5تڏهن انهن ماڻهن پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ”اسين هن ماڻهوءَ دانيال جو ڪوبہ قصور لهي نہ سگھنداسين، البت سندس مذهب جي نسبت ۾ کيس قصوروار قرار ڏيئي سگھنداسين.“
6سو اهي وزير ۽ والي هڪ سازش سِٽي بادشاهہ دارا جي حضور ۾ اچي گڏ ٿيا ۽ کيس چيائون تہ ”اي بادشاهہ! سدا سلامت رهو. 7ملڪ جي سڀني وزيرن، نائبن ۽ والين، مشيرن ۽ سردارن پاڻ ۾ گڏجي صلاح ڪئي آهي تہ هڪڙو شاهي حڪم جاري ڪري قانون بڻايو وڃي تہ ٽيهن ڏينهن تائين جيڪڏهن ڪوبہ ماڻهو بادشاهہ کان سواءِ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي يا ڪنهن معبود کي ڪو سوال ڪندو تہ انهيءَ کي شينهَن جي ڏر ۾ وڌو ويندو. 8هاڻي اي بادشاهہ! اهڙو حڪم لکت ۾ جاري ڪريو ۽ انهيءَ لکيل حڪم تي صحيح ڪريو، تہ جيئن انهيءَ کي تبديل ڪري نہ سگھجي ۽ اهو اسان مادئين ۽ فارسين جي تبديل نہ ٿيندڙ قاعدي مطابق بلڪل قائم وَ دائم ٿي وڃي.“ 9سو بادشاهہ دارا انهيءَ لکيل حڪم ۽ قانون تي صحيح ڪئي.
دانيال شينهَن جي ڏر ۾
10جڏهن دانيال کي خبر پيئي تہ انهيءَ لکيل حڪم تي صحيح ٿي ويئي آهي، تڏهن هو پنهنجي گھر هليو آيو. سندس ماڙيءَ جي ڪمري کي يروشلم جي طرف کان کُليل جارا هئا، جتي هن هميشہ جيان ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا گوڏن ڀر ويهي پنهنجي خدا جو شڪر بجا آندو ۽ کانئس دعا گھري. 11تڏهن پنهنجي سازش مطابق انهن ماڻهن اچي دانيال کي سندس خدا آڏو سوال ڪندي ڏٺو. 12پوءِ هو بادشاهہ جي حضور ۾ آيا ۽ سندس لکيل حڪم بابت کيس چوڻ لڳا تہ ”اي بادشاهہ! ڇا اوهان اهڙي حڪم تي صحيح نہ ڪئي آهي تہ ٽيهن ڏينهن تائين جيڪڏهن ڪوبہ ماڻهو اوهان بادشاهہ کان سواءِ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي يا ڪنهن معبود کي سوال ڪندو تہ انهيءَ کي شينهَن جي ڏر ۾ وڌو ويندو؟“ بادشاهہ جواب ڏيندي چيو تہ ”اها ڳالهہ سچي آهي. هي مادئين ۽ فارسين جي قاعدي مطابق آهي، جيڪو بلڪل قائم وَ دائم آهي.“
13تڏهن هنن بادشاهہ کي ٻڌايو تہ ”اي بادشاهہ! اهو دانيال جيڪو يهوداہ ملڪ کان پڪڙي آندلن مان آهي، سو نہ اوهان جي پرواهہ ٿو رکي نہ وري اوهان جي صحيح ڪيل حڪم جي، بلڪ هو ڏينهن ۾ ٽي دفعا پنهنجي معبود کان دعا گھري ٿو.“ 14جڏهن بادشاهہ اهي ڳالهيون ٻڌيون، تڏهن کيس ڏاڍو رنج پهتو. هن دل ۾ ارادو ڪيو تہ دانيال کي بچائي، سو سج لٿي تائين هو کيس بچائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو.
15تنهن تي اهي ماڻهو بادشاهہ جي اڳيان وري اچي مڙيا ۽ کيس چوڻ لڳا تہ ”اي بادشاهہ! اوهين ڄاڻو ٿا تہ مادئين ۽ فارسين جو اهو قاعدو آهي تہ جيڪو لکيل حڪم يا قانون بادشاهہ جاري ڪيو هجي، سو هرگز تبديل نہ ٿو ٿئي.“ 16تڏهن بادشاهہ جي حڪم تي دانيال کي وٺي آڻي شينهَن جي ڏر ۾ وڌو ويو. تنهن هوندي بہ بادشاهہ دانيال کي مخاطب ٿي چيو تہ ”شال تنهنجو خدا، جنهن جي ئي تون هميشہ عبادت ٿو ڪرين، سو تو کي بچائي.“ 17پوءِ هڪڙو پٿر آڻي ڏر جي منهن تي رکيو ويو، جنهن تي بادشاهہ ۽ سندس اميرن پنهنجي پنهنجي مُهر هنئي، انهيءَ لاءِ تہ دانيال کي ڪوبہ ڇڏائي نہ سگھي. 18تنهن کان پوءِ بادشاهہ پنهنجي محل ۾ ويو ۽ سڄي رات فاقو ڪڍيائين. هن پنهنجي آڏو ڪابہ وندر واري شيءِ آڻڻ نہ ڏني ۽ سندس ننڊ اڏامي ويئي.
خدا جو دانيال کي بچائڻ
19تڏهن بادشاهہ دارا باک ڦٽيءَ مهل اٿيو ۽ تڪڙو تڪڙو شينهَن جي ڏر ڏانهن ويو. 20جڏهن هو ڏر وٽ پهتو تڏهن ڏک ڀرئي آواز مان دانيال کي پڪاري چيائين تہ ”اي دانيال، زندہ خدا جا ٻانها! پنهنجي جنهن خدا جي تون هميشہ عبادت ڪندو آهين، سو تو کي شينهَن کان بچائي سگھيو آهي يا نہ؟“ 21تڏهن دانيال بادشاهہ کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”اي بادشاهہ! سدا سلامت رهو. 22منهنجي خدا پنهنجو ملائڪ موڪلي شينهَن جا وات بند ڪري ڇڏيا آهن. انهن مون کي ڪوبہ نقصان نہ رسايو آهي، ڇاڪاڻ تہ خدا جي آڏو آءٌ بيگناهہ قرار ڏنو ويس. ساڳيءَ طرح اي بادشاهہ! مون توهان جي آڏو بہ ڪو خطا جهڙو ڪم ڪونہ ڪيو آهي.“
23تڏهن بادشاهہ جي خوشيءَ جي ڪا حد نہ رهي. پوءِ هن حڪم ڪيو تہ ”دانيال کي ڪڍي ٻاهر آڻيو.“ سو دانيال کي ڏر مان ڪڍي ٻاهر آندو ويو. کيس ڪنهن بہ قسم جو نقصان نہ رسيو هو، ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي خدا تي ڀروسو ڪيو هو. 24پوءِ بادشاهہ جي حڪم تي انهن ماڻهن کي آندو ويو، جن دانيال تي تهمت هنئي هئي. انهن کي سندن زالن ۽ ٻارن ٻچن سميت کڻي شينهَن جي ڏر ۾ وڌو ويو. پوءِ انهيءَ کان اڳ جو اهي ڏر جي تري تائين پهچن، شينهَن مٿن حملو ڪري کين چيري ڦاڙي ڇڏيو ۽ سندن هڏگڏ ڀڃي ڇڏيائون.
25انهيءَ کان پوءِ بادشاهہ دارا سڄيءَ دنيا ۾ رهندڙ سڀني قومن ۽ قبيلن توڙي مختلف ٻوليون ڳالهائڻ وارن ڏانهن هي خط لکيو تہ
”شل اوهان تي گھڻي کان گھڻي سلامتي هجي. 26آءٌ هي حڪم جاري ٿو ڪريان تہ منهنجي سلطنت جي هر حصي ۾ ماڻهو دانيال جي خدا جي حضور ڊڄن ۽ سندس تعظيم ڪن.
هو ئي زندہ ۽ ابد تائين قائم وَ دائم رهندڙ خدا آهي.
هن جي بادشاهت اهڙي آهي، جيڪا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي،
هائو، سندس بادشاهي پيڙهي بہ پيڙهي هلندي رهندي.
27هو ئي ڇڏائڻ وارو ۽ بچائڻ وارو آهي،
هو ئي زمين ۽ آسمان تي عجيب ڪم ۽ معجزا ڏيکاري ٿو.
هن ئي دانيال کي شينهَن جي چنبن کان بچايو آهي.“
28اهڙيءَ طرح نہ رڳو دارا جي بادشاهت دوران، بلڪ خورس فارسيءَ جي بادشاهت دوران پڻ ڪاميابي دانيال جا قدم چمندي رهي.