Logo de l'Aplicació de la Bíblia
Icona de cerca

دانيال 5

5
بيلشضر جي دعوت دوران خدائي لکت
1 # 5‏:1 بيلشضر هي بابل جي هڪ بادشاهہ جو نالو آهي، جڏهن تہ دانيال جي بابلي نالي ”بيلطشضر“ سان ملندڙ آهي. بيلشضر بادشاهہ پنهنجي هڪ هزار اميرن جي وڏي دعوت ڪئي ۽ انهن سان گڏجي مئي پيتائين. 2مئي پيئندي پيئندي نشي ۾ بيلشضر حڪم ڪيو تہ سون ۽ چانديءَ جا جيڪي ٿانوَ سندس پيءُ نبوڪدنضر يروشلم جي هيڪل مان ڪڍي آندا هئا، سي وٽس آندا وڃن تہ جيئن بادشاهہ پاڻ، سندس امير، سندس زالون ۽ سريتون انهن ۾ مئي پيئن. 3تڏهن اهي سونا ٿانوَ آڻي حاضر ڪيا ويا، جن ۾ انهن سڀني مئي پيتي. 4هو مئي پيئڻ سان گڏ سون، چانديءَ، پتل، لوهہ، ڪاٺ ۽ پٿر مان ٺهيل پنهنجي معبودن جي تعريف ۽ واکاڻ ڪندا ٿي رهيا.
5تڏهن اوچتو هڪ انساني هٿ ظاهر ٿيو، جنهن جون آڱريون شمعدان جي روشنيءَ ۾ بادشاهہ جي محل جي ڀت تي گچ مٿان ڪجھہ لکڻ لڳيون. بادشاهہ انهيءَ هٿ کي لکندي ڏسي ورتو. 6تڏهن خوف وچان بادشاهہ جي منهن جو رنگ ڦري ويو ۽ سندس خيالن کيس ايترو تہ پريشان ڪري ڇڏيو، جو سندس ڍڍر ڍرا ٿي پيا ۽ گوڏا هڪٻئي سان ٺهڪڻ لڳس. 7پوءِ بادشاهہ رڙ ڪري چيو تہ ”نجومين، رملين ۽ فال وجھڻ وارن کي گھرايو وڃي.“ جڏهن اهي اچي حاضر ٿيا تہ بادشاهہ بابل جي انهن عالمن کي چيو تہ ”جيڪو هيءَ لکت پڙهي، انهيءَ جو مطلب مون کي سمجھائيندو، تنهن کي شاهي خلعت ملندي ۽ سونو هار سندس ڳچيءَ ۾ وجھبو ۽ انهيءَ کي بادشاهت ۾ ٽئين نمبر تي حڪمران بڻايو ويندو.“ 8تڏهن بادشاهہ جا عالم اڳتي ايندا ويا، پر اهي سڀيئي اها لکت پڙهي بادشاهہ کي انهيءَ جو مطلب سمجھائي نہ سگھيا. 9تنهن تي بادشاهہ بيلشضر اڃا بہ وڌيڪ فڪرمند ٿيو ۽ سندس منهن جو رنگ ويتر ڦري ويو. سندس امير پڻ پريشانيءَ ۾ پئجي ويا.
10بادشاهہ ۽ اميرن جي ڳالهين جو آواز ٻڌي، بادشاهہ جي ماءُ ملڪہ دعوت واريءَ جاءِ ۾ آئي ۽ چيائين تہ ”اي بادشاهہ! سدا سلامت رهين. تون پريشان نہ ٿيءُ، نڪي ڪو ڊپ ڪر. 11تنهنجي بادشاهت ۾ هڪ اهڙو شخص موجود آهي، جنهن ۾ پاڪ معبودن جو روح آهي. تنهنجي پيءُ جي ڏينهن ۾ هن منجھہ نور، سمجھہ ۽ ڏاهپ، بلڪ معبودن جي ڏاهپ ڏٺي ويئي. تنهنجي پيءُ نبوڪدنضر هن کي جادوگرن، نجومين، رملين ۽ فال وجھڻ وارن جو سردار مقرر ڪيو هو، 12ڇاڪاڻ تہ دانيال نالي انهيءَ شخص ۾، جنهن کي بادشاهہ نبوڪدنضر ’بيلطشضر‘ جو نالو ڏنو هو، غير معمولي خوبيون هيون. منجھس خوابن جو تعبير ڪرڻ جو علم ۽ سمجھہ، ڳُجھن کي بيان ڪرڻ ۽ مشڪل مسئلن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت پڻ هئي. سو هاڻي دانيال کي گھراءِ، هو ئي تو کي انهيءَ لکت جو مطلب ٻڌائيندو.“
دانيال جو لکت جو مطلب ٻڌائڻ
13تڏهن دانيال کي بادشاهہ جي حضور ۾ آندو ويو. بادشاهہ دانيال کي مخاطب ٿي چيو تہ ”مون ٻڌو آهي تہ تون اهو ئي دانيال آهين، جيڪو يهوداہ ملڪ جي انهن يهودين منجھان هڪ آهين، جن کي منهنجي پيءُ پڪڙي آندو هو؟ 14مون کي معلوم ٿيو آهي تہ تو ۾ معبودن جو روح آهي ۽ تو ۾ نور، سمجھہ ۽ نهايت گھڻي ڏاهپ موجود آهي. 15هاڻ عالمن ۽ نجومين کي آڻي مون آڏو حاضر ڪيو اٿن انهيءَ لاءِ تہ اهي هن ڀت واري لکت پڙهي مون کي انهيءَ جو مطلب سمجھائين، پر هو ائين نہ ڪري سگھيا آهن. 16مگر مون تو بابت ٻڌو آهي تہ تون تعبير ڪرڻ ۽ مشڪل مسئلن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت رکين ٿو. هاڻي جيڪڏهن تون هيءَ لکت پڙهي انهيءَ جو مطلب مون کي سمجھائيندين، تہ پوءِ تو کي شاهي خلعت ڍڪائبي، تنهنجي ڳچيءَ ۾ سونو هار وجھبو ۽ تون بادشاهت ۾ ٽئين نمبر تي حاڪم ٿيندين.“
17تڏهن دانيال بادشاهہ کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”تنهنجا انعام تو کي ئي نيبهہ هجن، يا اهي ڪنهن ٻئي کي ڏيئي ڇڏ. تنهن هوندي بہ آءٌ اها لکت تو بادشاهہ کي پڙهي ٿو ٻڌايان ۽ انهيءَ جو مطلب بہ سمجھايان ٿو. 18اي بادشاهہ! خدا تعاليٰ تنهنجي پيءُ نبوڪدنضر کي بادشاهي، عظمت، عزت ۽ حشمت عطا ڪئي هئي. 19خدا جي انهيءَ ڏنل عظمت جي ڪري سڀ قومون ۽ قبيلا توڙي مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ کانئس ڊڄندا ۽ ڏڪندا هئا. هو جنهن کي چاهيندو هو تنهن کي مارائي ڇڏيندو هو، جنهن کي چاهيندو هو تنهن کي جيئرو رکندو هو. هو جنهن کي چاهيندو هو تنهن کي سرفراز ڪندو هو، جنهن کي چاهيندو هو تنهن کي ڪيرائي ڇڏيندو هو. 20پر جڏهن سندس دل تڪبر وچان سخت ٿي ويئي ۽ هو هٺيلو ٿي هلڻ لڳو، تڏهن کيس شاهي تخت تان لاٿو ويو ۽ سندس شان وَ شوڪت کانئس کسي ويئي. 21هن کي انسانن منجھان هڪالي ڪڍيو ويو ۽ سندس انساني سوچ بدلائي جانورن جهڙي ڪئي ويئي. هو گورخرن سان گڏ رهڻ لڳو ۽ ڍورن وانگر گاهہ کائيندو هو ۽ سندس بدن آسمان مان ڪرندڙ ماڪ سان پسيل رهندو هو. اهو تيستائين ٿيندو رهيو جيستائين هن قبول نہ ڪيو تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو ۽ جنهن کي هو چاهي تنهن کي انهيءَ تي ويهاري ٿو.
22پر اي بيلشضر! تون جيڪو سندس اولاد آهين، انهن سڀني ڳالهين کان واقف هوندي بہ تو پنهنجيءَ دل ۾ عاجزي نہ آندي آهي. 23اٽلندو عرش عظيم جي مالڪ آڏو تو پاڻ کي مٿاهون بڻايو آهي. ايتري قدر جو سندس هيڪل جا ٿانوَ تو پاڻ وٽ گھرايا ۽ تو، تنهنجي اميرن، تنهنجين زالن ۽ سريتن انهن ۾ مئي پيتي آهي. انهيءَ کان علاوہ تو چانديءَ، سون، پتل، لوهہ، ڪاٺ ۽ پٿر جي انهن بتن جي واکاڻ ڪئي، جيڪي نہ ڏسن ٿا، نڪي ٻڌن ٿا ۽ نہ وري ڪجھہ ڄاڻين ٿا. پر جنهن خدا جي هٿ ۾ تنهنجو ساهہ آهي ۽ جنهن جي قبضي ۾ تنهنجيون سموريون راهون آهن، تنهن جي وڏائي تو بيان نہ ڪئي آهي. 24تنهنڪري ئي وٽانئس اهو هٿ موڪليو ويو، جنهن سان اها لکت لکي ويئي.
25ڀت تي جيڪي لفظ لکيل آهن يعني ’ڳڻپ، ڳڻپ، تور، ورهاست،‘ 26تن جو مطلب هي آهي. ’ڳڻپ، ڳڻپ‘ يعني خدا تنهنجي بادشاهيءَ جا ڏينهن ڳڻي ڇڏيا آهن ۽ انهن کي آڻي پورو ڪيو اٿس. 27’تور‘ يعني تون تارازيءَ ۾ توريو ويو آهين ۽ وزن ۾ گھٽ نڪتو آهين. 28’ورهاست‘ يعني تنهنجي بادشاهت ورهائجي ويئي آهي ۽ اها مادئين ۽ فارسين کي ڏني ويئي آهي.“
29 # پيد 41‏:42 تڏهن بيلشضر جي حڪم سان دانيال کي شاهي خلعت پهرائي ويئي ۽ سون جو هار سندس ڳچيءَ ۾ وڌو ويو. ان کان سواءِ هن بابت اعلان ڪيو ويو تہ هو بادشاهت جو ٽيون نمبر حاڪم شمار ڪيو وڃي. 30سو بابلين جي انهيءَ بادشاهہ بيلشضر کي ساڳيءَ رات ئي قتل ڪيو ويو. 31تڏهن دارا مادئيءَ کي بادشاهت ملي ويئي، جنهن جي عمر ٻاهٺ سال هئي.

S'ha seleccionat:

دانيال 5: SB

Subratllat

Copia

Compara

Comparteix

None

Vols que els teus subratllats es desin a tots els teus dispositius? Registra't o inicia sessió