3.يوحنا ‮تعارف‬

تعارف
يوحنا رسول جو هي ٽيون خط گيُس نالي هڪ شخص ڏانهن لکيو ويو هو، جيڪو هڪڙي ڪليسيا جو اڳواڻ هو. خط لکندڙ پاڻ کي بزرگ سڏيندي پنهنجي خط ۾ گيُس جي ساراهہ ڪري ٿو، ڇاڪاڻ تہ هن خوشخبريءَ جي تبليغ ڪرڻ وارن جي مدد ڪئي هئي. خط ۾ هو ديترفيس نالي هڪڙي ماڻهوءَ جو بيان پڻ ڪري ٿو، جيڪو تبليغ ڪرڻ وارن جي مخالفت ڪندو هو.
هن خط ۾ لفظ ”سچ“ جي خاص معنيٰ آهي. اهو لفظ استعمال ڪري ليکڪ خداوند عيسيٰ مسيح بابت خوشخبريءَ ڏانهن اشارو ڪري ٿو. ايمان وارن کي انهيءَ خوشخبريءَ يعني ”سچ“ مطابق هلڻ کپي. مثال طور ”تون سچ تي قائم رهندي سچائيءَ سان زندگي گذاري رهيو آهين“ (آيت 3).
سِٽاءُ
پيش لفظ 1
گيُس جي ساراهہ 2‏-8
مخالفت ڪندڙ ديترفيس 9‏-10
ديميتريُس جي ساراهہ 11‏-12
آخر ۾ دعا سلام 13‏-15

Цяпер абрана:

3.يوحنا ‮تعارف‬: SB

Пазнака

Капіяваць

Параўнаць

Падзяліцца

None

Хочаце, каб вашыя адзнакі былі захаваны на ўсіх вашых прыладах? Зарэгіструйцеся або ўвайдзіце