2.ٿسلونيڪين 2

2
وڳوڙي
1 # 1.ٿس 4‏:15‏-17 جڏهن اسان جو خداوند عيسيٰ مسيح موٽي ايندو تڏهن اسين هن وٽ گڏ ٿي وينداسين. سو انهيءَ بابت اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين عرض ٿا ڪريون تہ 2اوهين ايترو جلدي پنهنجن خيالن ۾ ڊانوانڊول نہ ٿجو، نڪي اوهين پريشان ٿجو جڏهن ماڻهو اهو چون تہ #2‏:2 خداوند عيسيٰ جي موٽي اچڻ وارو ڏينهن اصلي يوناني مسودي جي هن جملي مان ٻہ معنائون وٺي سگھجن ٿيون: (1) ”خداوند عيسيٰ جو ڏينهن،“ يعني خداوند عيسيٰ جي موٽي اچڻ وارو ڏينهن ۽ (2) ”خداوند جو ڏينهن،“ يعني عدالت جو ڏينهن، جنهن جو ذڪر پراڻي عهد‌نامي ۾ ٿيل آهي. نئين عهد‌نامي مطابق خداوند جو ڏينهن خداوند عيسيٰ جي موٽي اچڻ سان ئي مڪمل ٿيندو. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ ”قيامت.“خداوند عيسيٰ جي موٽي اچڻ وارو ڏينهن اڳي ئي اچي چڪو آهي، توڙي جو هو دعويٰ ڪن تہ اها خبر پاڪ روح کان، يا ڪنهن پيغام مان يا وري اسان وٽان آيل ڪنهن خط مان پيئي آهي. 3مطلب تہ ڪنهن بہ طرح ڪنهن ماڻهوءَ جي دوکي ۾ نہ اچجو. آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ اهو ڏينهن تيستائين نہ ايندو، جيستائين خدا جي خلاف وڏي بغاوت نہ ٿئي ۽ اهو وڳوڙي جنهن جي پڇاڙي بربادي آهي ظاهر نہ ڪيو وڃي. 4#دان 11‏:36، حز 28‏:2 هو پاڻ کي انهن سڀني کان مٿاهون ڄاڻيندو ۽ انهن جي مخالفت ڪندو، جيڪي خدا يا معبود ٿا سڏجن، ايتري قدر جو هو خدا جي پاڪ گھر ۾ ويهي اها دعويٰ ڪندو تہ ”خدا آءٌ آهيان.“
5ياد ڪريو تہ جڏهن آءٌ اوهان وٽ هئس، تڏهن اوهان کي اهي ڳالهيون ٻڌائيندو هئس. 6اوهين هي بہ ڄاڻو ٿا تہ انهيءَ وڳوڙيءَ کي سندس مقرر وقت کان اڳ ظاهر ٿيڻ کان ڪيئن روڪيو ويو آهي. 7اهو هڪ راز آهي تہ وڳوڙ اڳي ئي اثر ڪندو ٿو رهي، پر انهيءَ کي ڪو تيستائين روڪيندو رهندو، جيستائين ان جي روڪڻ واري کي رستي کان هٽايو نہ ويندو. 8#يس 11‏:4 تنهن کان پوءِ اهو وڳوڙي ظاهر ٿيندو، جنهن کي خداوند عيسيٰ پنهنجي وات جي ڦوڪ سان ماري وجھندو، بلڪ پنهنجي آمد جي تجلي سان ئي کيس چٽ ڪري ڇڏيندو. 9#مت 24‏:24 ظاهر ٿيڻ کان پوءِ اهو وڳوڙي شيطان جي عمل سان هر قسم جي طاقت جو استعمال ڪندو ۽ ڪوڙيون نشانيون ۽ عجيب ڪم ڪري ڏيکاريندو. 10انهن سان هو برباد ٿيڻ وارن کي هر قسم جي بڇڙائيءَ وارو دوکو ڏيندو. اهي ماڻهو انهيءَ ڪري برباد ٿيندا جو سچ جو قدر ئي نہ ڪندا، جنهن جي وسيلي کين ڇوٽڪارو ملي ها. 11اهو ئي سبب آهي جو خدا هنن تي گمراهيءَ جو اهڙو اثر وجھندو، جو هو ڪوڙ کي سچ ڪري مڃيندا. 12اهو انهيءَ لاءِ آهي تہ جيڪي سچ تي ايمان نہ ٿا آڻين ۽ بڇڙائيءَ ۾ خوش ٿا رهن، تن سڀني کي گنهگار قرار ڏنو وڃي.
ثابت قدم رهو
13پر اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اي خداوند جا پيارؤ! اسان تي لازم آهي تہ اوهان جي لاءِ هميشہ خدا جو شڪر ادا ڪندا رهون، ڇاڪاڻ تہ هن شروع ۾ ئي اوهان کي انهيءَ لاءِ چونڊي ڇڏيو هو تہ اوهين پاڪ روح جي وسيلي پاڪ ٿي ۽ سچ تي ايمان آڻي ڇوٽڪارو حاصل ڪريو. 14هن اوهان کي اسان کان مليل خوشخبريءَ جي وسيلي انهيءَ لاءِ سڏيو، تہ جيئن اوهين اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي عظمت ۾ شريڪ ٿيو. 15تنهنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ثابت قدم رهو ۽ انهن روايتن تي قائم رهو، جيڪي اسان اوهان کي زباني يا خط جي وسيلي سيکاريون آهن.
16هاڻ اسان جو خداوند عيسيٰ مسيح پاڻ ۽ اسان جو پيءُ خدا، جنهن اسان سان محبت رکي ۽ پنهنجي فضل جي ڪري اسان کي هميشہ جي تسلي ۽ چڱي اميد ڏني، 17سي شل اوهان جي دلين کي همت عطا ڪن ۽ اهڙي طاقت بخشين جو جيڪي ڪجھہ اوهين چئو ۽ ڪريو سو چڱو هجي.

Цяпер абрана:

2.ٿسلونيڪين 2: SB

Пазнака

Капіяваць

Параўнаць

Падзяліцца

None

Хочаце, каб вашыя адзнакі былі захаваны на ўсіх вашых прыладах? Зарэгіструйцеся або ўвайдзіце