2.يوحنا ‮تعارف‬

تعارف
يوحنا رسول جو هي ٻيو خط ”مسيح ۾ چونڊيل مانواري عورت ۽ سندس ٻارن“ ڏانهن آهي، جنهن مان مراد ”ڪا ڪليسيا ۽ ان جا رڪن“ ورتي وڃي ٿي. ساڳيءَ طرح جتي ”ڀيڻ“ لکيل آهي، تنهن مان بہ مراد ”ڪليسيا“ ورتي وڃي ٿي. خط جو لکندڙ پاڻ کي بزرگ سڏيندي هن مختصر پيغام ۾ هڪٻئي سان پيار ڪرڻ جو تاڪيد ڪري ٿو. ان سان گڏوگڏ هو گمراهہ ڪندڙن ۽ سندن تعليم خلاف آگاهہ بہ ڪري ٿو.
هن خط ۾ لفظ ”سچ“ جي خاص معنيٰ آهي. اهو لفظ استعمال ڪري ليکڪ خداوند عيسيٰ مسيح بابت خوشخبريءَ ڏانهن اشارو ڪري ٿو. ايمان وارن کي انهيءَ خوشخبريءَ يعني ”سچ“ مطابق هلڻ کپي. مثال طور ”اهو انهيءَ سچ جي ڪري آهي جيڪو اسان ۾ رهي ٿو“ (آيت 2).
سِٽاءُ
پيش لفظ 1‏-3
پيار سان زندگي گذارڻ 4‏-6
گمراهہ ڪندڙن خلاف آگاهہ ڪرڻ 7‏-11
پڄاڻي 12‏-13

Цяпер абрана:

2.يوحنا ‮تعارف‬: SB

Пазнака

Капіяваць

Параўнаць

Падзяліцца

None

Хочаце, каб вашыя адзнакі былі захаваны на ўсіх вашых прыладах? Зарэгіструйцеся або ўвайдзіце