1
يوحنا 16:3
Hindu Sindi Bible NT
HSB
ڏسو، ايشور سنسار سان ايترو تہ پيار ڪيو جو هن پنهنجو هڪڙو ئي پٽ ڏنو تہ جيڪو بہ مٿس وشواس آڻي سو برباد نہ ٿئي پر کيس امر جيون ملي.
Сравнить
Изучить يوحنا 3:16
2
يوحنا 17:3
ايشور پنهنجو پٽ سنسار ۾ انهيءَ لاءِ نہ موڪليو تہ هو سنسار کي پاپي قرار ڏئي، پر انهيءَ لاءِ موڪليائين تہ هن جي ئي وسيلي سنسار کي مڪتي ملي.
Изучить يوحنا 3:17
3
يوحنا 3:3
تنهن تي يسوع وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪو ماڻهو نئين سر پيدا نہ ٿيندو، تيستائين ايشور جو راڄ ڏسي نہ سگھندو.“
Изучить يوحنا 3:3
4
يوحنا 18:3
جيڪو بہ مٿس وشواس آڻي ٿو تنهن کي پاپي قرار نہ ڏنو ويندو، پر جيڪو وشواس نہ ٿو آڻي تنهن لاءِ پاپي هئڻ جو فيصلو اڳي ئي جاري ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ تہ هن ايشور جي اڪيلي پٽ تي وشواس نہ آندو.
Изучить يوحنا 3:18
5
يوحنا 19:3
انهيءَ فيصلي جو سبب هي آهي تہ روشني سنسار ۾ آئي پر ماڻهن روشنيءَ کان وڌيڪ اونداهيءَ کي پسند ڪيو، ڇاڪاڻ تہ سندن ڪم بڇڙا هئا.
Изучить يوحنا 3:19
6
يوحنا 30:3
اهو ضروري آهي تہ هو وڌي ۽ آءٌ گھٽجان.“
Изучить يوحنا 3:30
7
يوحنا 20:3
جيڪو بہ بڇڙا ڪم ڪري ٿو سو روشنيءَ کان نفرت ڪري ٿو ۽ روشنيءَ ڏانهن نہ ٿو اچي، متان سندس بڇڙا ڪم روشنيءَ ۾ پڌرا ٿي پون.
Изучить يوحنا 3:20
8
يوحنا 36:3
جيڪو بہ پٽ تي وشواس آڻي ٿو، تنهن کي امر جيون مليل آهي. پر جيڪو پٽ کي قبول نہ ٿو ڪري، تنهن کي اهو جيون ڪڏهن بہ نہ ملندو، اٽلندو ايشور جو ڏمر مٿس رهي ٿو.
Изучить يوحنا 3:36
9
يوحنا 14:3
جيئن موسيٰ رڻپٽ ۾ پتل جي نانگ کي مٿي چاڙهيو، تيئن منشپتر بہ ضرور مٿي چاڙهيو ويندو،
Изучить يوحنا 3:14
10
يوحنا 35:3
پتا پٽ سان پيار ڪري ٿو ۽ کيس سڀڪا اختياري ڏيئي ڇڏي اٿس.
Изучить يوحنا 3:35