متي ‮تعارف‬

تعارف
متي پرڀو يسوع جي ٻارهن خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن مان هڪ هو، جنهن جي معرفت اها خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي تہ جنهن مڪتي ڏيندڙ جو وچن ايشور ڪيو هو سو پرڀو يسوع ئي آهي. هو اهو ئي آهي جنهن جي وسيلي ايشور بني اسرائيل سان ڪيل وچن پورا ڪيا جن جو ذڪر پراڻي وچن‌نامي ۾ ڪيو ويو آهي. اها خوشخبري رڳو يهودي قوم لاءِ ناهي پر سڄي سنسار لاءِ آهي.
نئين وچن‌نامي جي پهرين چئن پوِتر شاسترن يعني متي، مرقس، لوقا ۽ يوحنا کي خوشخبريءَ جي نالي سان پڻ سڏيو وڃي ٿو. متيءَ نالي هن پهرئين پوِتر شاستر کي سوچ ويچار سان ترتيب ڏنو ويو آهي. انهيءَ جي شروعات پرڀو يسوع جي جنم، بپتسما وٺڻ ۽ سندس آزمائش جي بيان سان ٿئي ٿي. تنهن کان پوءِ اتر واري علائقي گليل ۾ بني اسرائيل کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ، سکيا ڏيڻ ۽ آڪاش جي راڄ بابت خوشخبريءَ جي پرچار ڪرڻ واري سيوا کي بيان ڪيو ويو آهي. ان بعد هن پوِتر شاستر ۾ گليل کان يروشلم شهر تائين پرڀو يسوع جي مسافريءَ ۽ سندس سوليءَ واري موت کان اڳ آخري هفتي جي واقعن جو ذڪر پڻ آهي، جن جي پڄاڻي سندس سوليءَ تي چڙهڻ ۽ وري جيوت ٿي اٿڻ تي ٿئي ٿو.
خوشخبريءَ جو هي پوِتر شاستر پرڀو يسوع کي هڪ اهڙي مهان گروءَ جي حيثيت ۾ پيش ڪري ٿو، جيڪو آڪاش يعني ايشور جي راڄ جي باري ۾ سنديش ڏئي ٿو ۽ کيس اهو اختيار حاصل آهي تہ ايشور جي نيم جو مفهوم بيان ڪري. هن پوِتر شاستر ۾ پرڀو يسوع جي سکيائن مان گھڻو ڪجھہ مضمون وار پنجن مجموعن جي روپ ۾ گڏايل آهي: 1. ٽڪر تي اُپديش: هي آڪاش جي راڄ ۾ رهندڙن جي ڪردار، فرضن، آسيسن ۽ حالتن بابت آهي (باب 5‏–7). 2. ٻارهن خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن کي سندن پرچار واري سفر بابت هدايتون (باب 10). 3. آڪاش جي راڄ بابت مثالَ (باب 13). 4. پرڀو يسوع مسيح جي پوئلڳ ٿيڻ جي مراد ۽ مقصد بابت سکيا (باب 18). 5. #1‏:0 موجودہ انتم زماني ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ ”انتم زمانو.“موجودہ انتم زماني جي خاتمي ۽ انتم فيصلي بابت سکيا (باب 24‏–25).
سِٽاءُ
پرڀو يسوع جا ابا ڏاڏا ۽ سندس جنم 1‏:1‏–2‏:23
يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جو پرچار ڪرڻ 3‏:1‏-12
پرڀو يسوع جو بپتسما وٺڻ ۽ سندس آزمائش 3‏:13‏–4‏:11
گليل علائقي ۾ پرڀو يسوع جو سيوا وارو ڪم ۽ پرچار ڪرڻ 4‏:12‏–18‏:35
گليل کان يروشلم شهر ڏانهن سفر 19‏:1‏–20‏:34
پرڀو يسوع جو سوليءَ وارو موت ۽ ان کان اڳ وارو آخري هفتو 21‏:1‏–27‏:66
پرڀو يسوع جو جيوت ٿي اٿڻ ۽ درشن ڏيڻ 28‏:1‏-20

Podkreślenie

Udostępnij

Kopiuj

None

Chcesz, aby twoje zakreślenia były zapisywane na wszystkich twoich urządzeniach? Zarejestruj się lub zaloguj

YouVersion używa plików cookie, aby spersonalizować twoje doświadczenia. Korzystając z naszej strony, wyrażasz zgodę na używanie przez nas plików cookie zgodnie z naszą Polityką prywatności