يسعياہ 49

49
بني اسرائيل، خداوند جو ٻانهو
1 # ير 1‏:5 اي ٻيٽن جا رهاڪؤ! منهنجي ٻڌو.
اي پري جون قومون! ڪن ڏيو.
جڏهن آءٌ اڃا پيٽ ۾ ئي هئس،
تہ خداوند مون کي چونڊيو.
هائو، آءٌ ماءُ جي پيٽ ۾ ئي هئس،
تہ هن مون کي پنهنجو خاص ٻانهو ٿيڻ لاءِ مقرر ڪيو.
2 # عبر 4‏:12، مڪا 1‏:16 هن منهنجي زبان کي تکي تلوار وانگر ڪيو آهي،
۽ مون کي پنهنجي مياڻ ۾ حفاظت سان رکيو اٿس.
هن مون کي چمڪندڙ تير وانگر ڪيو آهي،
۽ مون کي پنهنجي ترڪش ۾ رکي ڇڏيو اٿس.
3هن مون کي فرمايو آهي تہ
”اي بني اسرائيل! تون منهنجو ٻانهو آهين.
تنهنجي ڪري ماڻهو منهنجي واکاڻ ڪندا.“
4پر تڏهن بہ مون دل ۾ چيو تہ
”منهنجي محنت جو تہ ڪو فائدو نہ ٿيو،
مون پنهنجي طاقت اجائي ۽ ناحق وڃائي آهي.“
انهيءَ هوندي بہ مون کي يقين آهي تہ
خداوند منهنجو انصاف ڪندو،
۽ منهنجو خدا مون کي اجر ڏيندو.
بني اسرائيل لاءِ خاص ٻانهي جي چونڊ
5خدا مون کي منهنجي ماءُ جي پيٽان ئي
پنهنجو خاص ٻانهو ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي،
تان‌تہ آءٌ سندس قوم بني يعقوب کي وٽس موٽائي آڻيان.
هائو، خداوند مون کي مان مرتبو بخشيو آهي،
۽ پنهنجي طاقت عطا ڪئي اٿائين،
تہ جيئن آءٌ سندس انهيءَ ٽڙيل پکڙيل قوم بني اسرائيل کي
آڻي وٽس گڏ ڪريان.
6 # يس 42‏:6، لو 2‏:32، رس 13‏:47، 26‏:23 هاڻ اهو ئي خداوند مون کي فرمائي ٿو تہ
”تون نہ رڳو انهيءَ لاءِ منهنجو ٻانهو بڻيو آهين،
جو بني اسرائيل جي باقي بچيلن کي موٽائي آڻين،
۽ سندن قبيلن کي نئين سر آباد ڪرين،
بلڪ انهيءَ کان وڌيڪ
مون تہ تو کي غير قومن لاءِ بہ روشني بڻايو آهي،
انهيءَ لاءِ تہ تون پوريءَ دنيا جي لاءِ
منهنجي طرفان امن وَ خوشحاليءَ جو سبب بڻجين.
7ماڻهو تو کي بيحد حقير ٿا ڄاڻين،
۽ تون سڀني قومن ۾ نفرت جوڳو،
۽ حڪمرانن جو نوڪر آهين.
پر هاڻي آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو پاڪ معبود،
۽ انهن جو ڇڏائيندڙ چوان ٿو تہ
اهي بادشاهہ ۽ حڪمران
تنهنجي پيرن ۾ جھڪي تو کي تعظيم ڏيندا.
آءٌ خداوند پنهنجو واعدو پورو ڪندس.
آءٌ خداوند بني اسرائيل جو پاڪ معبود آهيان،
جنهن جو تون چونڊيل ٻانهو آهين.“
يروشلم جي بحالي
8 # 2.ڪر 6‏:2 خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ
”جڏهن اوهان کي ڇڏائڻ جو وقت ايندو،
تڏهن آءٌ اوهان جون دعائون قبول ڪندس،
۽ اوهان جي مدد ڪندس.
هائو، آءٌ اوهان جي حفاظت ڪندس،
۽ اوهان جي وسيلي ٻين قومن سان عهد ٻڌندس.
اوهين پنهنجي تباهہ ٿيل ملڪ کي وري اڏيندا،
۽ انهن ويران ٿيل ورثي وارين جاين کي
اچي نئين سر آباد ڪندا.
9آءٌ قيدين کي چوندس تہ
’هاڻي اوهين آزاد آهيو،‘
۽ جيڪي اونداهيءَ ۾ آهن تن کي چوندس تہ
’ٻاهر نڪري روشنيءَ ۾ اچو.‘
اهي اهڙين رڍن وانگر ٿيندا،
جيڪي رستي ۾ هر هنڌ چرنديون وتنديون آهن،
۽ سڀيئي ٽڪريون انهن لاءِ چراگاهون هونديون.
10 # مڪا 7‏:16‏-17 انهن کي نہ بک لڳندي، نہ اڃ،
نڪي گرمي ۽ نہ اُس ئي کين ڪو نقصان پهچائيندي،
ڇاڪاڻ تہ جنهن هستيءَ جي مٿن رحمت آهي،
سو ئي سندن رهنما ٿيندو،
۽ پاڻيءَ جي چشمن ڏانهن کين وٺي ويندو.
11آءٌ جبلن کي سڌو ڪري رستو بڻائيندس،
۽ پنهنجي قوم جي سفر ڪرڻ لاءِ شاهي رستو تيار ڪندس.
12ڏسو، منهنجي قوم جا ماڻهو تمام پري کان ايندا،
ڪي اتر کان ايندا تہ ڪي اولهہ کان،
۽ ڪي وري مصر جي ڏکڻ واري علائقي اسوان کان ايندا.“
13اي آسمانؤ! گيت ڳايو،
اي زمين! تون خوشي ملهاءِ،
اي پهاڙؤ! اوهين زور سان ڳايو،
ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي قوم کي تسلي بخشي ٿو.
هائو، هو پنهنجي ڏکويل بندن تي رحم ڪندو.
14پر يروشلم جي ماڻهن چيو تہ
خداوند اسان کي ڇڏي ڏنو آهي،
اسان جي ڌڻيءَ اسان کي وساري ڇڏيو آهي.“
15سو خداوند وراڻيو تہ
”ڇا ائين ٿي سگھي ٿو تہ
ڪا ماءُ پنهنجي کيرپياڪ ٻار کي وساري ڇڏي،
۽ پنهنجي پيٽان ڄڻيل ٻچي تي ترس نہ کائي؟
توڙي جو ڪا ماءُ پنهنجي ٻار کي وساري بہ ڇڏي،
تڏهن بہ آءٌ اوهان کي ڪڏهن ڪين وساريندس.
16ڏسو، اي يروشلم وارؤ!
آءٌ ڪيئن ٿو اوهان کي وساري سگھان؟
مون تہ اوهان جي شهر کي ڄڻ
پنهنجي ٻنهي هٿن جي ترين تي اُڪري ڇڏيو آهي.
هائو، انهيءَ جو ڪوٽ هميشہ منهنجي اکين آڏو آهي.
17ڏسو، اوهان جي شهر کي اجاڙڻ ۽ برباد ڪرڻ وارا
شهر مان نڪرندا ٿا وڃن،
جڏهن تہ اوهان جي شهر کي نئين سر تعمير ڪرڻ وارا
جلد اچي رهيا آهن.
18پنهنجيون اکيون کڻي چئني پاسن ڏانهن نهاريو.
ڏسو تہ اوهان جي قوم وارا سڀيئي گڏجي
واپس اوهان وٽ اچي رهيا آهن.
آءٌ جيئرو خداوند قسم کڻي چوان ٿو تہ
يقيناً اوهين پنهنجي قوم وارن تي ائين فخر ڪندا،
جيئن ڪا ڪنوار پاڻ کي زيورن سان سينگاري
فخر ڪندي آهي.“
19خداوند فرمائي ٿو تہ
”اي يروشلم جي وسندي!
جيڪا هاڻي اجڙيل ۽ تباهہ وَ برباد لڳي پيئي آهين،
سا جلد ئي وري تعمير ڪئي ويندينءَ.
تو کي برباد ڪرڻ وارا تو کان پري هليا ويندا،
۽ تون پنهنجي رهاڪن جي گھڻائيءَ جي ڪري
سوڙهي ٿي پوندينءَ.
20هائو، تنهنجا ٻار جيڪي جلاوطنيءَ دوران پيدا ٿيا هئا،
سي اڳتي هلي تو کي چوندا تہ
’هيءَ زمين تمام ٿوري آهي،
اسان کي رهڻ لاءِ وڌيڪ جاءِ کپي.‘
21تڏهن تون خوش ٿي پنهنجيءَ دل ۾ چوندينءَ تہ
’هيترا سارا ٻار مون لاءِ ڪيئن پيدا ٿيا؟
جڏهن تہ آءٌ بي‌اولاد، سنڍ، جلاوطن ۽ قيدي هئس،
پوءِ ڪنهن هنن کي پالي وڏو ڪيو؟
ڏسو، آءٌ تہ بلڪل اڪيلي ڇڏي ويئي هئس،
پوءِ هي سڀ ڪٿان آيا؟‘“
22قادرِمطلق خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ
”اي يروشلم جي وسندي!
آءٌ غير قومن کي اشارو ڏيڻ لاءِ پنهنجو هٿ بلند ڪندس،
تڏهن اهي تنهنجي پٽن کي هنج ۾ کنيو ايندا،
۽ تنهنجي ڌيئرن کي ڪلهن تي کڻي آڻي تو وٽ پهچائيندا.
23انهن جا بادشاهہ تنهنجي پٽن جا سنڀاليندڙ ابا ٿيندا،
۽ راڻيون تنهنجي ڌيئرن جون پاليندڙ مائرون ٿينديون.
اهي گوڏن ڀر جھڪي تنهنجي تعظيم ڪندا.
هائو، اهي تنهنجي پيرن جي مٽي چٽيندا.
تڏهن تون ڄاڻيندينءَ تہ آءٌ ئي خداوند آهيان،
۽ جيڪي مون تي ڀروسو ٿا ڪن،
سي ڪڏهن بہ شرمندا نہ ٿيندا.“
24جيئن زورآورن کان سندن شڪار نہ ٿو کسي سگھجي،
تيئن فتحمندن کان سندن قيدي نہ ٿو ڇڏائي سگھجي.
25پر خداوند فرمائي ٿو تہ
”يقيناً آءٌ زورآورن کان سندن قيدي،
۽ ظالمن کان سندن شڪار ڇڏائيندس،
ڇاڪاڻ تہ اي يروشلم! جيڪو تو سان وڙهي ٿو،
تنهن سان آءٌ وڙهندس ۽ تنهنجي رهاڪن کي بچائيندس.
26جيڪي تو تي ظلم ٿا ڪن،
تن کي آءٌ سندن ئي ماس کارائيندس.
هائو، اهي مٺي مئي وانگر پنهنجو ئي رت پي مست ٿيندا.
تڏهن هر بشر ڄاڻي وٺندو تہ
آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو قادر خدا،
تنهنجو نجات ڏيندڙ ۽ تنهنجو بچائيندڙ آهيان.“

Одоогоор Сонгогдсон:

يسعياہ 49: SB

Тодруулга

Хувилах

Харьцуулах

Хуваалцах

None

Тодруулсан зүйлсээ бүх төхөөрөмждөө хадгалмаар байна уу? Бүртгүүлэх эсвэл нэвтэрнэ үү