1.ڪرنٿين 13

13
محبت
1جيڪڏهن آءٌ انسانن توڙي ملائڪن جون
ٻوليون ڳالهائيندو هجان،
پر مون ۾ محبت نہ آهي،
تہ پوءِ آءٌ رڳو وڄندڙ گھِنڊ،
يا ڇمڪندڙ جھانجھر آهيان.
2 # مت 17‏:20، 21‏:21، مر 11‏:23 جيڪڏهن مون کي
خدا جو پيغام ٻڌائڻ جي نعمت مليل هجي،
سڀني رازن ۽ هر ڄاڻ جي واقفيت هجي،
۽ منهنجو ايمان ايڏو تہ ڪامل هجي،
جو آءٌ جبلن کي بہ هٽائي سگھان،
پر جيڪڏهن مون ۾ محبت نہ آهي،
تہ آءٌ ڪجھہ بہ نہ آهيان.
3جيڪڏهن آءٌ پنهنجو سڀ مال ملڪيت
غريبن ۾ ورهائي ڇڏيان،
بلڪ پنهنجي جان بہ جوکي ۾ وجھان،
پر مون ۾ محبت نہ آهي،
تہ انهيءَ مان مون کي ڪو فائدو ڪونہ ٿيندو.
4محبت صبر ڪرڻ واري ۽ مهربان آهي.
محبت حسد نہ ٿي ڪري،
نڪي پاڻ کي پڏائي ٿي
۽ نہ وري پاڻ بابت ٻٽاڪون ٿي هڻي.
5محبت بدتميزي نہ ٿي ڪري،
محبت خودغرض نہ ٿي ٿئي،
محبت جلدي نہ ٿي چڙي
۽ نہ وري غلطين جو حساب ڪتاب ٿي رکي.
6محبت بڇڙائيءَ ۾ خوش نہ ٿي ٿئي،
پر سچائيءَ ۾ خوش ٿئي ٿي.
7محبت سڀ ڪجھہ ڍڪي ڇڏي ٿي
۽ پورو اعتماد رکي ٿي.
محبت پوري اميد رکي ٿي
۽ سڀ ڪجھہ برداشت ڪري ٿي.
8محبت ڪڏهن ختم نہ ٿي ٿئي،
جڏهن تہ خدا جو پيغام ٻڌائڻ جو ڪم ختم ٿي ويندو،
اڻ‌ڄاتل ٻوليون بند ٿي وينديون،
۽ ڄاڻ ميٽجي ويندي،
9ڇاڪاڻ تہ اسان جي ڄاڻ اڌوري آهي،
۽ خدا جو پيغام ٻڌائڻ ۾ اسين ڪامل نہ آهيون.
10پر جڏهن ڪامل ايندو تہ
اڌورو ختم ٿي ويندو.
11جڏهن آءٌ ٻار هئس،
تڏهن ٻارن وانگر ڳالهائيندو هئس،
ٻارن وانگر سمجھندو هئس
۽ ٻارن وانگر سوچيندو هئس.
پر جڏهن آءٌ جوان ٿيس،
تڏهن ٻاراڻيون ڳالهيون ڇڏي ڏنم.
12ساڳيءَ طرح هن وقت اسان کي ڄڻ تہ آئيني ۾
چٽيءَ طرح ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي،
پر ڪو وقت ايندو جڏهن روبرو ڏسنداسين.
هن وقت آءٌ ٿورو ٿورو ڄاڻان ٿو،
پر ڪو وقت ايندو جڏهن آءٌ پوريءَ طرح ڄاڻيندس،
جيئن خدا مون کي پوريءَ طرح ڄاڻي ورتو آهي.
13مطلب تہ ايمان، اميد ۽ محبت،
اهي ٽيئي اٽل آهن.
پر انهن ٽنهي مان محبت افضل آهي.

നിലവിൽ തിരഞ്ഞെടുത്തിരിക്കുന്നു:

1.ڪرنٿين 13: SB

ഹൈലൈറ്റ് ചെയ്യുക

പകർത്തുക

താരതമ്യം

പങ്ക് വെക്കു

None

നിങ്ങളുടെ എല്ലാ ഉപകരണങ്ങളിലും ഹൈലൈറ്റുകൾ സംരക്ഷിക്കാൻ ആഗ്രഹിക്കുന്നുണ്ടോ? സൈൻ അപ്പ് ചെയ്യുക അല്ലെങ്കിൽ സൈൻ ഇൻ ചെയ്യുക