1.ڪرنٿين 12

12
پاڪ روح جون ڏنل نعمتون
1اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان پاڪ روح جي ڏنل نعمتن جي جيڪا ڳالهہ ڪئي، تنهن بابت آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ اوهين اڻ‌ڄاڻ رهو. 2اوهين ڄاڻو ٿا تہ خداوند عيسيٰ تي ايمان آڻڻ کان اڳ ۾ اوهان کي ڪنهن نہ ڪنهن نموني گمراهہ ڪري گونگن بتن ڏانهن نيو ويندو هو. 3تنهنڪري آءٌ اوهان کي سمجھائڻ گھران ٿو تہ خدا جي روح جي اثر هيٺ ڪوبہ نہ چوندو تہ عيسيٰ لعنتي آهي ۽ نہ وري ڪو پاڪ روح کان سواءِ چئي سگھندو تہ عيسيٰ ئي خداوند آهي.
4 # رو 12‏:6‏-8 روحاني نعمتون تہ جدا جدا قسمن جون آهن، پر پاڪ روح تہ هڪڙو ئي آهي. 5خدمتون بہ جدا جدا قسمن جون آهن، پر خداوند عيسيٰ تہ هڪڙو ئي آهي. 6ڪم ڪرڻ جون مهارتون بہ جدا جدا قسمن جون آهن، پر خدا تہ هڪڙو ئي آهي، جيڪو سڀني ماڻهن کي طرح طرح جا ڪم ڪرڻ جون مهارتون بخشي ٿو.
7هر هڪ ايمان واري مان پاڪ روح جو ظهور ڪنهن نہ ڪنهن نعمت جي وسيلي ٿئي ٿو تہ جيئن سڀني جو فائدو ٿئي. 8هڪڙي کي پاڪ روح ڏاهپ سان ڳالهائڻ جي نعمت بخشي ٿو تہ ٻئي کي ساڳيو پاڪ روح ڄاڻ سان ڳالهائڻ جي نعمت ٿو بخشي. 9ڪنهن کي ساڳيو پاڪ روح ايمان ۾ مضبوطي بخشي ٿو تہ ڪنهن کي اهو هڪڙو ئي پاڪ روح شفا ڏيڻ جي نعمت ٿو عطا ڪري. 10پاڪ روح ڪنهن کي معجزن ڪرڻ جي طاقت ڏئي ٿو تہ ڪنهن کي خدا جو پيغام ٻڌائڻ جي نعمت ٿو بخشي. ڪنهن کي سچن ۽ ڪوڙن روحن کي سڃاڻڻ جي لياقت ڏئي ٿو تہ ڪنهن کي اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهائڻ جي ۽ ڪنهن کي انهن ٻولين جي ترجمي ڪرڻ جي قابليت ڏئي ٿو. 11مطلب تہ اهو سڀ ڪجھہ اهو هڪڙو ئي پاڪ روح ٿو ڪري، جيڪو پنهنجي مرضيءَ موجب هر ڪنهن کي جدا جدا نعمتون ورهائي ٿو ڏئي.
عضوا گھڻا پر بدن هڪ
12 # رو 12‏:4‏-5 جيئن هڪڙي بدن جا عضوا گھڻا آهن، تڏهن بہ اهي سڀيئي عضوا گڏجي هڪڙو بدن ٿين ٿا، تيئن مسيح بہ آهي. 13#يو 7‏:37‏-39جيتوڻيڪ اسين ڪي يهودي، ڪي غير يهودي، ڪي غلام تہ ڪي آزاد هئاسين، تہ بہ اسان سڀني کي هڪڙي ئي پاڪ روح جي وسيلي هڪڙي بدن ٿيڻ لاءِ بپتسما ملي ۽ اهو هڪڙو ئي پاڪ روح اسان سڀني کي پيئاريو ويو. 14هاڻ جيئن تہ بدن هڪڙي عضوي جو نہ پر گھڻن جو ٺهيل آهي، 15سو جيڪڏهن پير چوي تہ ”آءٌ هٿ نہ آهيان، تنهنڪري بدن جو حصو نہ آهيان،“ تہ ائين ٿي نہ ٿو سگھي تہ هو بدن جو حصو نہ آهي. 16يا جيڪڏهن ڪن چوي تہ ”آءٌ اک نہ آهيان، تنهنڪري بدن جو حصو نہ آهيان،“ تہ ائين ٿي نہ ٿو سگھي تہ هو بدن جو حصو نہ آهي. 17جيڪڏهن سڄو بدن اک هجي ها تہ ٻڌڻ ڪٿان ٿئي ها؟ يا جيڪڏهن سڄو بدن ڪن هجي ها تہ سنگھڻ ڪٿان ٿئي ها؟ 18حقيقت ۾ خدا هر هڪ عضوي کي بدن ۾ پنهنجيءَ مرضيءَ موجب ترتيب سان رکيو آهي. 19جيڪڏهن اهي سڀ هڪڙو عضوو هجن ها تہ بدن جو نالو ئي نہ هجي ها. 20مطلب تہ عضوا تہ گھڻا آهن پر بدن هڪڙو ئي آهي.
21اک هٿ کي چئي نہ ٿي سگھي تہ ”مون کي تنهنجي ضرورت نہ آهي.“ يا وري مٿو پيرن کي چئي نہ ٿو سگھي تہ ”مون کي اوهان جي ضرورت ڪانهي.“ 22اٽلندو بدن جا اهي عضوا، جيڪي ڪمزور لڳن ٿا سي پاڻ وڌيڪ ضروري آهن. 23بدن جا اهي عضوا جن کي اسين گھٽ عزت وارا سمجھون ٿا، تن کي عزت سان ڍڪيون ٿا، يعني انهن کي اسين شرم وچان ڍڪي سندن گھڻو احترام ٿا ڪريون، 24جڏهن تہ اسان جي کليل عضون کي اهڙي ضرورت نہ آهي. سو خدا بدن کي اهڙيءَ طرح جوڙيو آهي جو جيڪو گھٽ عزت وارو عضوو آهي، تنهن جو وڏو احترام ڪيو وڃي. 25اهو انهيءَ لاءِ آهي تہ جيئن بدن ۾ ڪو ڏڦيڙ نہ پوي، بلڪ سڀيئي عضوا هڪٻئي جو هڪجهڙو خيال رکن. 26جيڪڏهن هڪڙي عضوي کي تڪليف رسي ٿي تہ سڀني عضون کي انهيءَ سان گڏ تڪليف ٿي رسي ۽ جيڪڏهن هڪڙي عضوي جي خاص عزت ٿئي ٿي تہ انهيءَ سان گڏ سڀ خوشي ڪن ٿا.
27سو اوهين سڀ گڏجي مسيح جو بدن آهيو ۽ هر هڪ ان جو عضوو آهي. 28#اف 4‏:11 خدا ڪليسيا ۾ الڳ الڳ شخص مقرر ڪيا آهن، پهريان رسول، ٻيا خدا جو پيغام ڏيندڙ، ٽيان تعليم ڏيندڙ، پوءِ معجزا ڪندڙ، پوءِ شفا ڏيندڙ، مددگار، اڳواڻي ڪندڙ ۽ اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهائيندڙ. 29ڇا سڀيئي رسول آهن؟ ڇا سڀيئي خدا جو پيغام ڏيندڙ آهن؟ ڇا سڀيئي تعليم ڏيندڙ آهن؟ ڇا سڀيئي معجزا ڪندڙ آهن؟ 30ڇا سڀني کي شفا ڏيڻ جي نعمت مليل آهي؟ ڇا سڀيئي اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهائين ٿا؟ ڇا سڀيئي ترجمو ڪن ٿا؟ 31سو جاکوڙ ڪريو تہ اوهان ۾ بهتر کان بهتر نعمتون هجن.
هاڻي آءٌ اوهان کي انهيءَ کان بہ وڌيڪ بهترين رستو ٻڌايان ٿو.

നിലവിൽ തിരഞ്ഞെടുത്തിരിക്കുന്നു:

1.ڪرنٿين 12: SB

ഹൈലൈറ്റ് ചെയ്യുക

പകർത്തുക

താരതമ്യം

പങ്ക് വെക്കു

None

നിങ്ങളുടെ എല്ലാ ഉപകരണങ്ങളിലും ഹൈലൈറ്റുകൾ സംരക്ഷിക്കാൻ ആഗ്രഹിക്കുന്നുണ്ടോ? സൈൻ അപ്പ് ചെയ്യുക അല്ലെങ്കിൽ സൈൻ ഇൻ ചെയ്യുക