14
اڻڄاتل ٻوليون ڳالهائڻ ۽ خدا جو پيغام ٻڌائڻ بابت
1سو اوهين محبت جا طلبگار رهو. انهيءَ کان علاوہ پاڪ روح کان ملندڙ نعمتن لاءِ جاکوڙ ڪندا رهو، خاص ڪري خدا جو پيغام ٻڌائڻ جي نعمت لاءِ. 2انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪو اڻڄاتل ٻوليءَ ۾ ڳالهائي ٿو سو ماڻهن سان نہ، پر رڳو خدا سان ڳالهائي ٿو. ڪوبہ ماڻهو سندس ڳالهہ نہ ٿو سمجھي، ڇاڪاڻ تہ هو پاڪ روح جي وسيلي ڳجھيون ڳالهيون ٿو ڳالهائي. 3جڏهن تہ خدا جو پيغام ٻڌائيندڙ اهڙيون ڳالهيون ٿو ڪري جيڪي ماڻهن جي روحاني ترقي، نصيحت ۽ دلاسي جو سبب بڻجن ٿيون. 4جيڪو ماڻهو اڻڄاتل ٻوليءَ ۾ ٿو ڳالهائي سو رڳو پنهنجي فائدي لاءِ ائين ٿو ڪري، پر جيڪو خدا جو پيغام ٿو ٻڌائي سو ڪليسيا جي ڀلائيءَ لاءِ ائين ٿو ڪري. 5جيڪڏهن اوهين سڀيئي اڻڄاتل ٻوليون ڳالهايو تہ مون کي خوشي ٿيندي، پر وڌيڪ خوشي انهيءَ ڳالهہ کان ٿيندي جو اوهين سڀيئي خدا جو پيغام ٻڌايو. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪڏهن ڪو اڻڄاتل ٻوليون ٿو ڳالهائي پر ڪليسيا جي روحاني ترقيءَ لاءِ انهن جو ترجمو نہ ٿو ڪري تہ خدا جو پيغام ٻڌائڻ وارو انهيءَ کان وڌيڪ اهم آهي.
6اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏهن آءٌ اوهان وٽ اچان ۽ رڳو اڻڄاتل ٻوليون ڳالهايان تہ اوهان کي ڪهڙو فائدو ٿيندو، جيستائين آءٌ اوهان کي مڪاشفو، ڄاڻ، تعليم يا خدا جو پيغام نہ ٻڌايان. 7بيجان سازن تي ئي غور ڪريو. مثال طور جيڪڏهن بانسري يا ستارَ صحيح نموني سان نہ وڄائي وڃي تہ ٻڌندڙن کي ان جي سُر جي خبر ڪيئن پئجي سگھندي؟ 8يا وري بِگل جو آواز چٽو نہ هوندو تہ ڪير پاڻ کي جنگ جي لاءِ تيار ڪندو؟ 9اهڙيءَ طرح جيڪڏهن اوهين اڻڄاتل ٻولي ڳالهائيندا ۽ انهيءَ جي معنيٰ جيستائين ٻڌندڙن کي سمجھہ ۾ نہ ايندي، تيستائين ڪيئن خبر پوندي تہ اوهين ڇا ٿا ڳالهايو. ائين تہ اوهين ڄڻ هوا سان ٿا ڳالهايو. 10دنيا ۾ تہ ڪيتريون ئي مختلف ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، پر انهن مان ڪابہ معنيٰ کان سواءِ نہ آهي. 11سو جيڪڏهن ڳالهائيندڙ جي ٻوليءَ جي معنيٰ مون کي سمجھہ ۾ نہ ايندي تہ هو منهنجي لاءِ ڌاريو ٿيندو ۽ آءٌ هن لاءِ ڌاريو ٿيندس. 12اهو اوهان تي بہ لاڳو آهي. سو جيئن اوهين پاڪ روح کان ملندڙ نعمتن جي تمنا رکو ٿا، تيئن اها ڪوشش بہ ڪريو تہ اوهان جي انهن نعمتن جي استعمال سان ڪليسيا جي روحاني ترقي ٿئي.
13تنهنڪري اڻڄاتل ٻولي ڳالهائيندڙ کي اها دعا گھرڻ کپي تہ جيڪي ڪجھہ هو چوي ٿو تنهن جو ترجمو بہ ڪري سگھي. 14مثال طور جيڪڏهن آءٌ ڪنهن اڻڄاتل ٻوليءَ ۾ دعا گھرندس تہ منهنجو روح تہ دعا گھرندو، پر دماغ مان ڪليسيا کي ڪو فائدو نہ رسندو. 15پوءِ آءٌ ڇا ڪريان؟ تڏهن آءٌ روح سان بہ دعا گھرندس ۽ دماغ سان بہ. آءٌ روح سان بہ واکاڻ ڳائيندس ۽ دماغ سان بہ. 16ڏسو، جيڪڏهن اوهان مان ڪو رڳو روح سان خدا جي واکاڻ ڪندو تہ ٻيو ماڻهو جيڪو اها ٻولي نہ ٿو ڄاڻي سو شڪرگذاريءَ تي ”آمين“ ڪيئن چوندو؟ هن کي تہ ڪجھہ سمجھہ ۾ ئي ڪونہ آيو. 17دعا گھرندڙ بيشڪ چڱيءَ طرح خدا جو شڪرانو ڪندو هجي، پر انهيءَ سان ٻئي جي تہ ڪابہ ترقي نہ ٿي ٿئي.
18آءٌ خدا جو شڪر ٿو ڪريان تہ اوهان سڀني کان وڌيڪ آءٌ اڻڄاتل ٻوليون ٿو ڳالهايان. 19پر ڪليسيا ۾ ٻين کي تعليم ڏيڻ لاءِ، ڏهہ هزار اڻڄاتل ٻوليءَ وارا لفظ ڳالهائڻ جي بنسبت آءٌ پنج معنيٰ وارا لفظ ڳالهائڻ وڌيڪ پسند ٿو ڪريان.
20اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين ٻاراڻي سمجھہ نہ رکو. بڇڙائيءَ ۾ تہ ٻارڙا بڻجو، پر سمجھہ ۾ جوان ٿيو. 21#يس 28:11-12 پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ
”توڙي جو آءٌ هن قوم سان ڌاريون ٻوليون،
۽ ڌارين ماڻهن جي واتان ڳالهائيندس،
تہ بہ هو منهنجي نہ ٻڌندا.
اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.“
22انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو تہ اڻڄاتل ٻوليون مسيح تي ايمان رکندڙن لاءِ نہ، پر انهن لاءِ نشان آهن جيڪي ايمان نہ ٿا رکن، جڏهن تہ خدا جو پيغام ٻڌائڻ ايمان نہ رکندڙن لاءِ نہ، پر ايمان رکندڙن لاءِ نشان آهي. 23تنهن هوندي بہ جيڪڏهن سڄي ڪليسيا جا ماڻهو هڪڙي هنڌ گڏ ٿين ۽ سڀيئي اڻڄاتل ٻوليون ڳالهائين ۽ ڪي اوپرا ۽ غير ايمان وارا ماڻهو بہ اندر لنگھي اچن تہ ڇا اهي اوهان کي چريو نہ چوندا؟ 24پر جيڪڏهن سڀيئي خدا جو پيغام ٻڌائيندا هجن ۽ ڪو غير ايمان وارو يا اوپرو ماڻهو اندر لنگھي اچي تہ اوهان جو پيغام ٻڌي قائل ٿي ويندو تہ هو گنهگار آهي، ائين هو پاڻ کي پرکي وٺندو. 25سندس دل جون لڪل ڳالهيون ظاهر ٿي پونديون ۽ هو منهن ڀر ڪري خدا آڏو سجدو ڪندو ۽ اقرار ڪندو تہ ”بيشڪ خدا اوهان منجھہ موجود آهي.“
عبادت بابت هدايتون
26تہ پوءِ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟ اهو ئي تہ جڏهن اوهين گڏ ٿيو تڏهن هر ڪو ڪجھہ نہ ڪجھہ ڪري، ڪو گيت ڳائي، ڪو تعليم ڏئي، ڪو مڪاشفو ٻڌائي، ڪو اڻڄاتل ٻولي ڳالهائي يا ڪو ان جو ترجمو ڪري سمجھائي. پر اهو لازمي آهي تہ سڀ ڳالهيون ڪليسيا جي روحاني ترقيءَ لاءِ هجن. 27اڻڄاتل ٻوليون ڳالهائڻ وقت ٻہ يا وڌ ۾ وڌ ٽي ڄڻا واري واري تي ڳالهائين ۽ هڪ ڄڻو سندن ترجمو بہ ڪندو وڃي. 28پر جيڪڏهن ڪوبہ ترجمو ڪندڙ نہ هجي تہ اڻڄاتل ٻولي ڳالهائيندڙ ڪليسيا ۾ ماٺ ڪري ويهي. هو رڳو دل ۾ خدا سان ڳالهائي.
29خدا جو پيغام ٻڌائيندڙن مان ٻہ يا ٽي ڳالهائين ۽ ٻيا سندن ڳالهين کي پرکين. 30انهيءَ دوران جيڪڏهن ڪنهن ويٺل تي مڪاشفو نازل ٿئي تہ ڳالهائيندڙ بس ڪري کيس ڳالهائڻ ڏئي. 31اهڙيءَ طرح اوهين سڀيئي هڪ هڪ ٿي خدا جو پيغام ٻڌائي سگھو ٿا، تہ جيئن سڀيئي سکي سگھن ۽ سڀني جي همتافزائي ٿئي. 32خدا جو پيغام ٻڌائيندڙ پنهنجي روحاني نعمت کي انهيءَ ترتيب مطابق ضابطي ۾ رکي سگھن ٿا. 33انهيءَ جو سبب هي آهي تہ خدا گڙٻڙ جو نہ، بلڪ امن وَ امان جو خدا آهي.
مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جي سڀني ڪليسيائن ۾ هي دستور آهي تہ 34عورتن کي ڪليسيائن جي گڏجاڻين ۾ مداخلت ڪرڻ جي اجازت نہ آهي، بلڪ اهي تابعداري ڪندي خاموش رهن. اهو ئي شريعت ۾ بہ فرمايل آهي. 35باقي جيڪڏهن اهي ڪجھہ بہ سکڻ گھرن تہ گھر ۾ پنهنجي پنهنجي مڙس کان پڇن. جڏهن تہ ڪليسيا جي گڏجاڻيءَ ۾ ڪابہ مداخلت ڪرڻ عورت لاءِ شرم جهڙي ڳالهہ آهي.
36اي ڪرنٿيؤ! ڇا خدا جو پيغام اوهان وٽان شروع ٿيو آهي؟ يا اهو رڳو اوهان وٽ ئي پهتو آهي؟ 37جيڪڏهن ڪو سمجھي ٿو تہ هو خدا جو پيغام ٻڌائيندڙ يا ڪا خاص روحاني حيثيت رکندڙ آهي تہ کيس ڄاڻڻ کپي تہ جيڪي ڪجھہ آءٌ اوهان کي لکان ٿو سو خداوند عيسيٰ جو حڪم آهي. 38هاڻ جيڪڏهن ڪو اها ڳالهہ نظرانداز ٿو ڪري تہ اهو پاڻ بہ نظرانداز ڪيو ويندو.
39مطلب تہ، اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! خدا جو پيغام ٻڌائڻ لاءِ جاکوڙ ڪندا رهو ۽ ڪنهن کي اڻڄاتل ٻوليون ڳالهائڻ کان منع نہ ڪريو. 40پر اهو لازمي آهي تہ سڀيئي ڳالهيون فضيلت ۽ ترتيب سان ڪيون وڃن.