1
يوحنا 16:3
Sindhi Bible NT
SB62
ڇالاءِ جو خدا جهان کي اهڙو پيار ڪيو، جو پنهنجو هڪڙو ئي فرزند ڏنائين، تہ جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي، سو برباد نہ ٿئي، پر کيس هميشہ جي زندگي ملي.
Palyginti
Naršyti يوحنا 3:16
2
يوحنا 17:3
ڇالاءِ تہ خدا فرزند کي جهان ۾ انهي لاءِ ڪين موڪليو تہ جهان جي عدالت ڪري؛ پر انهي لاءِ تہ ان جي وسيلي نجات ملي.
Naršyti يوحنا 3:17
3
يوحنا 3:3
يسوع جواب ڏيئي چيس تہ آئون توکي سچ سچ ٿو چوان، تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو نئين سر پيدا نہ ٿيندو تہ خدا جي بادشاهت ڏسي ڪين سگهندو.
Naršyti يوحنا 3:3
4
يوحنا 18:3
جيڪو مٿس ايمان ٿو آڻي، تنهن جي عدالت نٿي ٿئي: پر جيڪو ايمان نٿو آڻي، تنهن جي عدالت تہ اڳيئي ٿي چڪي آهي، هن ڪري جو هن خدا جي هڪڙي ئي فرزند جي نالي تي ايمان نہ آندو آهي.
Naršyti يوحنا 3:18
5
يوحنا 19:3
۽ عدالت جو سبب هيءُ آهي، جو نُور جهان ۾ آيو، ۽ ماڻهن اوندهہ کي نُور کان وڌيڪ پسند ڪيو، جو سندن ڪم بڇڙا هئا.
Naršyti يوحنا 3:19
6
يوحنا 30:3
ضروري آهي تہ هو وڌي، پر آئون گهَٽجان.
Naršyti يوحنا 3:30
7
يوحنا 20:3
ڇوتہ هرڪو جو بڇڙائي ٿو ڪري، سو روشنائيءَ سان دشمني ٿو رکي ۽ روشنائيءَ ۾ نٿو اچي، جو متان سندس ڪمن جي ڪري ڏوراپو مليس.
Naršyti يوحنا 3:20
8
يوحنا 36:3
جيڪو فرزند تي ايمان ٿو آڻي، هميشہ جي زندگي تنهن جي آهي، پر جيڪو فرزند جي نٿو مڃي، سو زندگي تہ نہ پَسندو، پر اُلٽو خدا جو غضب مٿس ٿو رهي.
Naršyti يوحنا 3:36
9
يوحنا 14:3
۽ جيئن موسيٰ نانگ کي رڻ پٽ ۾ مٿي چاڙهيو، تيئن ابن آدم بہ ضرور مٿي چاڙهيو ويندو
Naršyti يوحنا 3:14
10
يوحنا 35:3
پيءُ فرزند کي پيار ٿو ڪري، ۽ سڀ ڪجهہ سندس هٿ ۾ ڏنو اٿس.
Naršyti يوحنا 3:35