1
متي 16:10
Hindu Sindi Bible NT
HSB
”ڏسو، آءٌ اوهان کي ڄڻ تہ رڍن وانگر بگھڙن منجھہ موڪليان ٿو، تنهنڪري اوهين نانگن وانگر چالاڪ ٿجو ۽ ڪبوترن وانگر نہ ڏکوئيندڙ ٿجو.
Összehasonlít
Fedezd fel: متي 10:16
2
متي 39:10
ڏسو، جيڪو پنهنجي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪندو، سو اها وڃائيندو. پر جيڪو منهنجي لاءِ پنهنجي جان وڃائيندو سو اها حاصل ڪندو.“
Fedezd fel: متي 10:39
3
متي 28:10
ماڻهن کان نہ ڊڄو، جيڪي رڳو شرير کي مارين ٿا پر آتما کي نہ ٿا ماري سگھن. ان جي بدران ايشور کان ڊڄو، جيڪو ٻنهي يعني شرير ۽ آتما کي ماري نرڳ ۾ وجھي سگھي ٿو.
Fedezd fel: متي 10:28
4
متي 38:10
جيڪو پنهنجي سولي کڻي منهنجي پٺيان نہ ٿو هلي، سو منهنجي لائق نہ آهي.
Fedezd fel: متي 10:38
5
متي 32:10-33
”جيڪو ماڻهن جي اڳيان کُليو کُلايو مون کي قبول ڪندو، تنهن کي آءٌ بہ پنهنجي آڪاش واري پتا جي اڳيان قبول ڪندس. پر جيڪو ماڻهن جي اڳيان مون کي قبول نہ ڪندو، تنهن کي آءٌ بہ پنهنجي آڪاش واري پتا جي اڳيان قبول نہ ڪندس.“
Fedezd fel: متي 10:32-33
6
متي 8:10
بيمارن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪجو ۽ مئلن کي جيوت ڪجو، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارن کي ڇٽائي پوِتر ڪجو ۽ ماڻهن مان ڀوت ڪڍجو. آءٌ هي اوهان کي مفت ۾ ڏيان ٿو، تنهنڪري اوهين بہ مفت ۾ ڏجو.
Fedezd fel: متي 10:8
7
متي 30:10-31
جڏهن تہ اوهين ڪيترين ئي جھرڪين کان وڌيڪ قيمتي آهيو، ايتري قدر جو اوهان جي مٿي جا تہ وار بہ ڳڻيل آهن. تنهنڪري اوهين ايشور کان سواءِ ڪنهن کان نہ ڊڄو.“
Fedezd fel: متي 10:30-31
8
متي 34:10
”ائين نہ سمجھو تہ آءٌ ڌرتيءَ تي صلح ڪرائڻ آيو آهيان. منهنجي ڪري صلح نہ ٿيندو، اٽلندو تلوار هلندي.
Fedezd fel: متي 10:34
Kezdőoldal
Biblia
Olvasótervek
Videók