YouVersion Logo
Search Icon

گلتين 1

1
سلام
1ھي خط پولس رسول جي طرفان آھي، جيڪو نہ ماڻھن جي پاران نڪي ماڻھن جي وسيلي رسول چونڊيو ويو آھي، پر عيسيٰ مسيح ۽ انھيءَ خدا پيءُ جي طرفان، جنھن مسيح کي مئلن مان جيئرو ڪري اٿاريو. 2جيڪي ايمان وارا ھتي مون سان گڏ آھن سي سڀ گلتيا پرڳڻي جي ڪليسيائن ڏانھن سلام موڪلين ٿا. 3اوھان تي اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي ھجي. 4مسيح اسان جي گناھن جي لاءِ پنھنجو پاڻ ڏيئي ڇڏيو، تہ جيئن ھو اسان کي ھن ھاڻوڪي خراب زماني مان اسان جي خدا ۽ پيءُ جي مرضيءَ موجب آزاد ڪري. 5انھيءَ خدا جي واکاڻ ھميشہ تائين ٿيندي رھي. آمين.
خوشخبري ھڪڙي ئي آھي
6مون کي عجب ٿو لڳي تہ جنھن اوھان کي مسيح جي فضل جي وسيلي سڏيو، تنھن کان اوھين ايترو جلد ڦري ڪنھن ٻئي قسم جي خوشخبريءَ ڏانھن ٿا وڃو، 7جا حقيقت ۾ خوشخبري آھي ئي نہ. پر رڳو ڪي اھڙا ماڻھو آھن جيڪي اوھان کي پريشان ڪرڻ خاطر مسيح جي خوشخبريءَ کي بگاڙڻ ٿا گھرن. 8پر جيڪڏھن اسين يا آسمان جو ڪو ملائڪ انھيءَ خوشخبريءَ جي بجاءِ جيڪا اسان اوھان کي ٻڌائي، ڪا ٻي خوشخبري ٻڌائي تہ انھيءَ تي شل لعنت ھجي. 9جيئن اسان اڳي ئي چيو آھي تيئن آءٌ ھاڻي وري بہ چوان ٿو تہ جيڪڏھن ڪو ماڻھو اوھان کي مليل خوشخبريءَ جي بجاءِ ڪا ٻي خوشخبري ٻڌائي ٿو تہ انھيءَ ماڻھوءَ تي لعنت ھجي.
10ڇا آءٌ ائين چئي ماڻھن کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھيان يا خدا کي؟ ڇا آءٌ ماڻھن کي خوش ڪرڻ ٿو گھران؟ جيڪڏھن ھن مھل تائين ماڻھن کي خوش ڪندو رھان ھا تہ جيڪر مسيح جو ٻانھو نہ ھجان ھا.
پولس جو رسول بڻجڻ
11اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي کولي ٻڌائڻ ٿو گھران تہ جيڪا خوشخبري مون اوھان کي ٻڌائي، سا انسان جي طرفان نہ آھي. 12ڇالاءِ⁠تہ مون کي اھا خوشخبري ڪنھن انسان کان نہ ملي آھي، نڪي ڪنھن مون کي سيکاري آھي. پر اھا عيسيٰ مسيح پاڻ مون تي ظاھر ڪئي آھي.
13 # رس ۳‏:۸، ۴‏:۲۲‎–۵، ۹‏:۲۶‎–۱۱ سو اوھين ٻڌي چڪا آھيو تہ جڏھن آءٌ يھودي مذھب ۾ ھوس تہ منھنجي ڪھڙي ھلت چلت ھئي. آءٌ خدا جي ڪليسيا کي حد کان وڌيڪ ستائيندو ھوس ۽ ان کي برباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ھوس. 14#رس ۳‏:۲۲ آءٌ يھودي مذھب ۾ رھندي ان وقت پنھنجي قوم جي گھڻن ھڪ جيڏن کان وڌيڪ ترقي ڪري رھيو ھوس. آءٌ پنھنجن ابن ڏاڏن جي ريتن رسمن تي نھايت ئي سرگرميءَ سان ھلندو ھوس.
15 # رس ۳‏:۹‎–۶، ۶‏:۲۲‎–۱۰، ۱۳‏:۲۶‎–۱۸ پر خدا مون کي ماءُ جي پيٽان ئي مخصوص ڪري پنھنجي فضل سان سڏيو. سو جڏھن ان جي مرضي ٿي 16تہ پنھنجي فرزند کي مون تي ظاھر ڪري تہ جيئن آءٌ غير قومن ۾ مسيح جي خوشخبريءَ جي تبليغ ڪريان، تڏھن مون ڪنھن انسان کان صلاح نہ ورتي، 17نڪي آءٌ يروشلم ۾ انھن وٽ ويس جيڪي مون کان اڳي رسول ھئا. پر آءٌ ھڪدم عربستان ڏانھن ھليو ويس ۽ پوءِ اتان موٽي دمشق شھر ۾ آيس. 18#رس ۲۶‏:۹‎–۳۰ ٽن سالن کان پوءِ آءٌ پطرس سان ملڻ لاءِ يروشلم ويس ۽ پندرھن ڏينھن ساڻس گڏ رھيس. 19پر ٻين رسولن مان خداوند جي ڀاءُ يعقوب کان سواءِ مون ڪنھن کي بہ ڪونہ ڏٺو.
20جيڪي ڳالھيون آءٌ اوھان ڏانھن لکي رھيو آھيان تن بابت خدا کي حاضر ڄاڻي چوان ٿو تہ ڪوڙيون نہ آھن.
21تنھن کان پوءِ آءٌ شام ۽ ڪلڪيا جي علائقن ۾ آيس. 22ان وقت يھوديہ جي علائقن ۾ جيڪي مسيحي ڪليسيائون ھيون، تن منھنجي شڪل بہ نہ ڏٺي ھئي. 23پر اھي ماڻھو رڳو ايترو ٻڌندا ھئا تہ ”پولس جيڪو اڳي اسان کي ستائيندو ھو، سو ھاڻي انھيءَ عقيدي جي تبليغ ڪري رھيو آھي جنھن کي ھو تباھہ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ھو.“ 24سو اھي منھنجي ڪري خدا جي وڏائي ظاھر ڪندا ھئا.

Currently Selected:

گلتين 1: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy