YouVersion Logo
Search Icon

گلتين ‮تعارف‬

تعارف
جيئن تہ عيسيٰ مسيح متعلق خوشخبريءَ جي تبليغ شروع ٿي ۽ غير يھودي ماڻھن جي طرفان ان جي آجيان بہ ڪئي ويئي، تڏھن سوال پيدا ٿيو تہ آيا ڪنھن شخص لاءِ ھڪ سچو مسيحي ٿيڻ واسطي موسيٰ جي شريعت جي پيروي ڪرڻ ضروري آھي يا نہ؟ پولس رسول بحث ڪيو آھي تہ اھو ضروري نہ آھي. سندس چوڻ آھي تہ حقيقت ۾ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ واري زندگيءَ لاءِ رڳو ايمان ضروري آھي، جنھن جي وسيلي سڀ خدا ڏانھن سچار ٿين ٿا. پر گلتيا، جيڪو موجودہ ايشيا کنڊ جي اولاھين حصي ۾ ھڪ رومي صوبو ھو، اتي جي ڪليسيائن منجھہ ڪن ماڻھن اچي پولس رسول جي مخالفت ڪئي ۽ دعويٰ ڪيائون تہ خدا ڏانھن سچار ٿيڻ لاءِ حضرت موسيٰ جي شريعت تي ھلڻ بہ ضروري آھي.
گلتين ڏانھن پولس رسول جي لکيل ھن خط جو مقصد اھو ھو تہ اھي ماڻھو، جيڪي انھيءَ ڪُوڙي تعليم سان گمراھہ ٿي ويا ھئا، تن کي صحيح ايمان ۽ عمل ڏانھن موٽائي آندو وڃي. پولس رسول ھن خط جي شروعات پنھنجي عيسيٰ مسيح جي رسول سڏجڻ واري حق جو دفاع ڪندي ڪري ٿو. ھو ھن ڳالھہ تي اسرار ڪري ٿو تہ ھن جي رسول ٿيڻ جي ڪوٺ خدا جي طرفان ھئي، نہ ڪنھن انساني اختياريءَ کان. ھو اھو بہ چوي ٿو تہ سندس تبليغ خاص ڪري غير يھودين لاءِ ھئي. پوءِ ھو پنھنجي بحث کي اڳتي وڌائي ٿو تہ رڳو ايمان جي وسيلي ئي ماڻھو خدا ڏانھن سچار ٿين ٿا. اختتامي بابن ۾ پولس رسول ڏيکاري ٿو تہ مسيح تي ايمان آڻيندڙن جو طرزِعمل فطري طرح محبت مان نڪري ھلي ٿو ۽ اھا محبت مسيح ۾ ايمان رکڻ جو ئي نتيجو ٿئي ٿي.
سِٽاءُ
تعارف ۱‏:۱‎–۱۰
پولس جي رسول ھئڻ جي اختياري ۱۱‏:۱‎–۲۱‏:۲
خدا جي فضل جي خوشخبري ۱‏:۳‎–۳۱‏:۴
مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري آزادي ۽ ذميواري ۱‏:۵‎–۱۰‏:۶
آخري تاڪيد ۽ دعا سلام ۱۱‏:۶‎–۱۸

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy