YouVersion Logo
Search Icon

رسولن جا ڪم 1

1
پاڪ روح جي موڪلڻ جو واعدو
1‏-2 # لو ۱‏:۱‎–۴ محترم ٿئوفلس:
مون پنھنجي پھرين ڪتاب ۾ اُھي سڀ ڳالھيون لکيون آھن، جيڪي عيسيٰ پنھنجي ڪم شروع ڪرڻ کان وٺي آسمان ڏانھن کڄي وڃڻ تائين ڪيون ۽ سيکاريون. ھن آسمان ڏانھن کڄي وڃڻ کان اڳ ۾ پاڪ روح جي وسيلي انھن ماڻھن کي ھدايتون ڏنيون، جن کي پنھنجا رسول ڪري چونڊيائين. 3ھن پنھنجي موت کان پوءِ انھن کي پاڻ ڏيکاريو ۽ ڪيتريون ئي ثابتيون ڏنائين تہ ھو جيئرو آھي. ھن چاليھن ڏينھن تائين انھن کي ڪيترائي دفعا پاڻ ڏيکاريو ۽ ساڻن خدا جي بادشاھت بابت ڳالھايائين. 4#لو ۴۹‏:۲۴ ھڪڙي دفعي جڏھن ھو سڀيئي اچي گڏ ٿيا تہ ھن کين تاڪيد ڪري چيو تہ ”يروشلم نہ ڇڏجو، بلڪ منھنجي پيءُ جي ڪيل واعدي جي پوري ٿيڻ جو انتظار ڪجو، جنھن بابت مون اوھان کي ٻڌايو ھو. 5#مت ۱۱‏:۳، مر ۸‏:۱، لو ۱۶‏:۳، يو ۳۳‏:۱ يحيٰ پاڻيءَ سان بپتسما ڏني ھئي پر اوھان کي ٿورن ڏينھن کان پوءِ پاڪ روح سان بپتسما ڏني ويندي.“
عيسيٰ جو آسمان ڏانھن کڄي وڃڻ
6ٻئي دفعي جڏھن اھي سڀيئي وري اچي گڏ ٿيا تہ انھن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”خداوند! بني اسرائيل کي بادشاھت موٽائي ڏيڻ جو وقت اچي ويو آھي ڇا؟“ 7عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”وقت ۽ ڏينھن منھنجي پيءُ پنھنجي اختياريءَ سان مقرر ڪري ڇڏيا آھن، تن کي ڄاڻڻ اوھان جو ڪم ناھي. 8#مت ۱۹‏:۲۸، مر ۱۵‏:۱۶، لو ۴۷‏:۲۴‎–۴۸ پر جڏھن پاڪ روح اوھان تي نازل ٿيندو، تڏھن اوھان کي طاقت ملندي ۽ اوھين يروشلم ۾، سڄي يھوديہ ۽ سامريہ ۾ بلڪ سڄيءَ دنيا ۾ منھنجا شاھد ٿيندا.“ 9#مر ۱۹‏:۱۶، لو ۵۰‏:۲۴‎–۵۱ اڃا ھن ايترو مس چيو تہ ھو انھن جي ڏسندي ئي آسمان ڏانھن کڄي ويو ۽ ھڪڙي ڪڪر جي اوٽ ۾ سندن نظر کان غائب ٿي ويو.
10جيئن تہ ھو مٿي وڃي رھيو ھو ۽ انھن جون اکيون آسمان ۾ ئي کتل ھيون تہ اوچتو ئي ٻہ ماڻھو نوراني پوشاڪ سان ھنن جي ڀرسان اچي بيٺا. 11انھن چيو تہ ”اي گليليو! اوھين آسمان ڏانھن ڇو بيٺا نھاريو؟ اھو ئي عيسيٰ، جيڪو اوھان وٽان آسمان ڏانھن کڄي ويو آھي، ساڳي ئي طرح وري موٽي ايندو جيئن اوھان ھن کي آسمان ڏانھن ويندي ڏٺو آھي.“
يھوداہ جي جاءِ تي متياہ کي رسول چونڊڻ
12پوءِ رسول زيتون نالي ٽڪر کان موٽي يروشلم شھر ۾ آيا، جيڪو اٽڪل ھڪ ڪلوميٽر جيترو پري آھي. 13#مت ۲‏:۱۰‎–۴، مر ۱۶‏:۳‎–۱۹، لو ۱۴‏:۶‎–۱۶ اھي شھر ۾ داخل ٿيا ۽ مٿي ان ماڙيءَ تي ويا جتي رھيل ھئا. اھي پطرس، يوحنا، يعقوب، اندرياس، فلپس، توما، برٿلمئي، متي، حلفيءَ جو پٽ يعقوب، شمعون قوم⁠پرست ۽ يعقوب جو پٽ يھوداہ ھئا. 14ھو سڀ گھڻو ڪري گڏجي دعا گھرندا ھئا ۽ ساڻن عيسيٰ جي ماءُ مريم سميت ڪي عورتون ۽ عيسيٰ جا ڀائر بہ ھوندا ھئا.
15ھڪڙي ڏينھن جڏھن اٽڪل ھڪ ⁠سؤ ويھہ ڄڻا اچي گڏ ٿيا، تڏھن پطرس ڀائرن جي وچ ۾ اٿي بيٺو ۽ چيائين تہ 16#يو ۱۸‏:۱۳، زب ۹‏:۴۱ ”اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! انھيءَ پاڪ لکت جو سچو ثابت ٿيڻ ضروري ھو، جنھن ۾ پاڪ روح دائود جي معرفت اڳي ئي يھوداہ بابت ٻڌائي ڇڏيو ھو، جيڪو عيسيٰ کي پڪڙڻ وارن جي رھنمائي ڪندڙ ھو. 17يھوداہ اسان جي ئي ٽولي مان ھو، ڇاڪاڻ⁠تہ اسان جي ڪم ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ کيس بہ چونڊيو ويو ھو.“
18 # مت ۳‏:۲۷‎–۸ يھوداہ جيڪي پيسا پنھنجي بڇڙي ڪم جي عيوض ورتا ھئا، تن مان ھن ھڪ ميدان خريد ڪيو. اتي ھو اونڌو ٿي ڪري پيو، سندس پيٽ ڦاٽي پيو ۽ آنڊا ٻاھر نڪري آيس. 19جڏھن يروشلم جي سڀني ماڻھن اھو ٻڌو تہ انھن پنھنجي ٻوليءَ ۾ ان زمين کي اڪالديمي سڏيو، جنھن جي معنيٰ آھي ”رت جو ميدان.“
20 # زب ۲۵‏:۶۹، ۸‏:۱۰۹ پطرس وڌيڪ چيو تہ ”ڇالاءِ⁠جو زبور ۾ لکيل آھي تہ
’شل انھيءَ جو گھر ويران ٿئي،
۽ منجھس ڪوبہ نہ رھي.‘ ھي بہ لکيل آھي تہ
’شل ڪو ٻيو ھن جي خدمت جي جاءِ وٺي.‘
21‏-22 # مت ۱۶‏:۳، مر ۹‏:۱، ۱۹‏:۱۶، لو ۲۱‏:۳، ۵۱‏:۲۴ تنھنڪري اھو ضروري آھي تہ ھڪ اھڙو ماڻھو چونڊجي، جيڪو خداوند عيسيٰ جي وري جيئري ٿيڻ جي شاھدي ڏئي. اھو اھڙو ھئڻ گھرجي جيڪو اسان سان انھيءَ ساري وقت ۾ گڏ رھيو ھجي، جنھن ۾ خداوند عيسيٰ اسان سان ھو، يعني سندس يحيٰ کان بپتسما وٺڻ کان وٺي آسمان ڏانھن کڄي وڃڻ تائين.“
23سو انھن ٻن ماڻھن جا نالا پيش ڪيا، ھڪڙو يوسف، جنھن کي برسبا عرف يوستُس بہ سڏيندا ھئا ۽ ٻيو متياہ. 24پوءِ انھن دعا گھري تہ ”اي خداوند! تون سڀني ماڻھن جي دلين کي ڄاڻين ٿو، سو اسان کي ٻڌاءِ تہ تو ھنن ٻن مان ڪنھن کي چونڊيو آھي تہ 25اھو رسول جي اھا جاءِ وٺي، جنھن تان يھوداہ خارج ٿيو ۽ پنھنجيءَ جاءِ ڏانھن ھليو ويو.“ 26پوءِ انھن ٻنھي جي لاءِ پُکا وڌائون. پُکو متياہ جي نالي نڪتو ۽ ھو يارھن رسولن جي ٽولي ۾ شامل ڪيو ويو.

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy