YouVersion Logo
Search Icon

رسولن جا ڪم 2

2
پاڪ روح جو نازل ٿيڻ
1 # لاو ۱۵‏:۲۳‎–۲۱، شر ۹‏:۱۶‎–۱۱ جڏھن عيد پنتيڪُست جو ڏينھن آيو تڏھن سڀيئي ايمان وارا اچي ھڪڙي ھنڌ گڏ ٿيا. 2اوچتو ئي آسمان مان ھڪ آواز آيو ۽ اھو آواز تيز ھوا جي گھوگھٽ جھڙو ھو، جنھن سان اھا سڄي جاءِ جنھن ۾ ھو ويٺا ھئا ڀرجي ويئي. 3انھن کي باھہ جھڙيون ڄڀون نظر آيون جيڪي ڌار ڌار ٿي ھر ھڪ تي اچي ويٺيون. 4اھي سڀيئي پاڪ روح سان ڀرجي ويا ۽ انھيءَ جي قدرت سان ڌاريون ٻوليون ڳالھائڻ لڳا.
5دنيا جي ھر ھڪ ملڪ مان ديندار يھودي يروشلم ۾ ٽڪيل ھئا. 6جڏھن انھن اھو آواز ٻڌو تہ ھڪ وڏو ميڙ اچي گڏ ٿيو. ھو سڀيئي حيران ٿي ويا، ڇالاءِ⁠جو ھر ھڪ انھن کي پنھنجي پنھنجي ٻوليءَ ۾ ڳالھائيندي ٻڌو. 7انھن کي حيرت وٺي ويئي ۽ عجب ۾ پئجي چوڻ لڳا تہ ”ھي ماڻھو جيڪي ائين ٿا ڳالھائين، ڇا اھي سڀ گليلي نہ آھن؟ 8پوءِ ڪيئن اسان مان ھر ڪو انھن کان پنھنجي پنھنجي مادري زبان ٿو ٻڌي؟ 9جيتوڻيڪ اسين پارٿي، مادئي، عيلامي، #مسوپتاميہ: موجودہ دور ۾ اھو علائقو عراق ۽ شام ملڪن تي مشتمل آھي.مسوپتاميہ، يھوديہ، ڪپدڪيا، پنطس، ايشيا، 10فروگيا، پمفوليا، مصر ۽ لبيا ۾ ڪريني شھر جي آس⁠پاس رھندڙ آھيون. ان کان سواءِ رومي مسافر 11جيڪي ڄائي ڄم جا يھودي توڙي نوان يھودي ٿيل آھن ۽ اسان مان ڪي ڪريتي ۽ عرب آھن تہ بہ اسين انھن کي پنھنجين پنھنجين ٻولين ۾ خدا جي وڏن وڏن ڪمن جو بيان ڪندي ٿا ٻڌون.“ 12سڀيئي حيران ٿي ويا ۽ مونجھڪاري وچان ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ھن جو مطلب ڇا آھي؟“ 13پر ٻيا وري انھن تي ٺٺوليون ڪري چون پيا تہ ”ھي سڀ نشي ۾ آھن.“
پطرس جو پيغام
14پوءِ پطرس ٻين يارھن رسولن سان گڏ اٿي بيٺو ۽ وڏي آواز ۾ ماڻھن سان ڳالھائيندي چيائين تہ ”اي يھودي دوستو ۽ ٻيا سڀيئي يروشلم جا رھاڪو! جيڪي آءٌ چوان ٿو سو ڪن ڏيئي ٻڌو. 15ھي ماڻھو نشي ۾ نہ آھن جيئن اوھين سمجھو ٿا، ڇوتہ ڏينھن جو اڃا پھريون پھر مس پورو ٿيو آھي. 16پر ھيءَ اھا ڳالھہ آھي جيڪا يوايل نبيءَ جي معرفت چئي ويئي آھي تہ
17 # يوا ۲۸‏:۲‎–۳۲ خدا فرمائي ٿو تہ
’پوين ڏينھن ۾ ھيئن ٿيندو جو
آءٌ پنھنجو روح سڀني ماڻھن تي نازل ڪندس.
اوھان جا پٽ ۽ ڌيئرون اڳڪٿيون ڪنديون،
اوھان جا جوان رويا ڏسندا
۽ اوھان جا پوڙھا خواب ڏسندا.
18بلڪ انھن ڏينھن ۾
آءٌ پنھنجن ٻانھن ۽ ٻانھين تي
پنھنجو روح نازل ڪندس
۽ اھي بہ اڳڪٿيون ڪندا.
19آءٌ مٿي آسمان ۾ عجب جھڙا ڪم
۽ ھيٺ زمين تي معجزا ڏيکاريندس،
جھڙوڪ: رت، باھہ ۽ دونھين جو غبار.
20خدا جي عظيم ۽ جلويدار ڏينھن جي اچڻ کان اڳ ۾
سج ڪاراٽجي ويندو
۽ چنڊ رت جھڙو ڳاڙھو ٿي پوندو.
21پوءِ جيڪو ⁠بہ خدا جو نالو وٺندو،
تنھن کي ئي ڇوٽڪارو ملندو.‘
22اي بني اسرائيل وارؤ! ھي ڌيان سان ٻڌو تہ عيسيٰ ناصري اھو ماڻھو ھو جنھن کي خدا اوھان لاءِ مقرر ڪيو ۽ اوھان ھن کي معجزا، نشانيون ۽ عجب جھڙا ڪم ڪندي ڏٺو، جيڪي خدا ھن جي ھٿان ڪرايا. توھين اھو چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا. 23#مت ۳۵‏:۲۷، مر ۲۴‏:۱۵، لو ۳۳‏:۲۳، يو ۱۸‏:۱۹ خدا جي اڳي ئي ڪيل فيصلي ۽ علم موجب عيسيٰ کي اوھان جي حوالي ڪيو ويو، تہ جيئن اوھان ھن کي گنھگار ماڻھن جي ھٿان صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻائي مارايو. 24#مت ۵‏:۲۸‎–۶، مر ۶‏:۱۶، لو ۵‏:۲۴ پر خدا ھن کي مئلن مان وري جيئرو ڪيو ۽ کيس موت جي ڏکن کان آزاد ڪيو، ڇاڪاڻ⁠تہ اھو ناممڪن ھو جو موت کيس قيد ڪري. 25#زب ۸‏:۱۶‎–۱۱ ڇوتہ دائود ھن بابت چيو آھي تہ
’مون خداوند کي ھر وقت پنھنجي اڳيان ڏٺو،
ڇالاءِ⁠جو ھو منھنجي ساڄي پاسي آھي،
انھيءَ لاءِ تہ جيئن آءٌ نہ گھٻرايان.
26تنھنڪري منھنجي دل خوش آھي
۽ منھنجي زبان خوشيءَ سان ڳالھائي ٿي.
بلڪ منھنجو جسم بہ اميد ۾ رھندو.
27ڇالاءِ⁠جو تون منھنجي روح کي
عالم ارواح ۾ ڇڏي نہ ڏيندين،
نڪي پنھنجي پاڪ ٻانھي کي ڳرڻ سڙڻ ڏيندين.
28تو مون کي زندگيءَ جون واٽون ڏيکاريون،
۽ تون مون کي پنھنجو ديدار ڪرائي
خوشيءَ سان ٽمٽار ڪندين.‘
29اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي بابي دائود بابت کليو کلايو ٻڌايان ٿو تہ ھو مري ويو ۽ دفن ڪيو ويو ۽ سندس قبر اسان وٽ اڄ تائين موجود آھي. 30#زب ۱۱‏:۱۳۲، ۲.سم ۱۲‏:۷‎–۱۳ ھو نبي ھو ۽ ڄاتائين ٿي تہ خدا ھن سان انھيءَ ڳالھہ جو قسم کڻي واعدو ڪيو ھو تہ ’آءٌ تنھنجي اولاد مان ھڪڙي کي تخت تي ويھاريندس.‘ 31دائود اڳي ئي ڄاتو پئي تہ خدا ڇا ڪندو، تنھنڪري ھن مسيح جي وري جيئري ٿيڻ بابت پيشنگوئي ڪندي ھيئن چيو تہ
’نڪي ھو عالم ارواح ۾ ڇڏيو ويندو،
نڪي سندس جسم ڳري سڙي ويندو.‘
32انھيءَ ئي عيسيٰ کي خدا جياريو ۽ اسين سڀ ان ڳالھہ جا شاھد آھيون. 33ھو خدا جي ساڄي پاسي ڏانھن سربلند ڪيو ويو آھي ۽ سندس پيءُ جي ڪيل واعدي موجب کيس پاڪ روح مليو آھي. ھن خدا جي اھا بخشش ھينئر اسان تي نازل ڪئي آھي، جنھن جو اثر اوھين ھاڻي ڏسو ۽ ٻڌو ٿا. 34#زب ۱‏:۱۱۰ ڇالاءِ⁠جو دائود پاڻ آسمان ڏانھن کڄي نہ ويو پر ھن چيو تہ
’خداوند منھنجي خداوند کي چيو تہ
”تون منھنجي ساڄي پاسي ويھہ،
35جيستائين آءٌ تنھنجي دشمنن کي
تنھنجي پيرن جي صندلي نہ ڪريان.“‘
36اي بني اسرائيل قوم! پڪ ڄاڻو تہ خدا انھيءَ عيسيٰ کي، جنھن کي اوھان صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھنيا، خداوند بہ ڪيو آھي ۽ مسيح بہ.“
37جڏھن ماڻھن اھو ٻڌو تہ اھا ڳالھہ سندن دلين ۾ چڀي ويئي ۽ پطرس ۽ ٻين رسولن کي چيائون تہ ”ڀائرؤ! اسين ھاڻي ڇا ڪريون؟“ 38تنھن تي پطرس کين چيو تہ ”اوھين سڀ توبھہ ڪريو ۽ عيسيٰ مسيح جي نالي تي بپتسما وٺو، تہ جيئن اوھان جا گناھہ بخشيا وڃن ۽ اوھان کي خدا جي بخشش يعني پاڪ روح ملي. 39ڇالاءِ⁠جو خدا جو واعدو اوھان جي لاءِ، اوھان جي ٻارن جي لاءِ ۽ انھن سڀني جي لاءِ بہ آھي جيڪي پري آھن ۽ جن کي خداوند، اسان جو خدا پاڻ ڏانھن سڏيندو.“
40پطرس انھن کي ٻيون بہ گھڻيون ئي ڳالھيون ٻڌايون ۽ کين خبردار ڪيائين تہ ”پاڻ کي ھن بڇڙي زماني کان بچايو.“ 41انھن مان ڪيترن ئي ھن جي پيغام کي قبول ڪيو ۽ بپتسما ورتائون. انھيءَ ڏينھن اٽڪل ٽي ھزار ماڻھو ھنن جي ٽولي ۾ شامل ٿي ويا. 42انھن پنھنجو وقت رسولن کان سکڻ، ھڪ ٻئي جي صحبت ۾ رھڻ، گڏجي ماني کائڻ ۽ دعا گھرڻ ۾ گذاريو.
ايمان آڻيندڙن جي زندگي
43رسولن ڪيترائي معجزا ۽ عجب جھڙا ڪم ڪيا، سو انھيءَ ڪري ھر ھڪ کي خدا جو خوف وڪوڙي ويو. 44#رس ۳۲‏:۴‎–۳۵ جن ايمان آندو سي سڀ گڏ گذارڻ لڳا ۽ ھڪٻئي جي شين ۾ ڀائيوار ٿي رھندا ھئا. 45اھي پنھنجو مال ملڪيت وڪڻي پيسا پاڻ ۾ ورھائيندا ھئا ۽ ھر ھڪ کي پنھنجي گھرج آھر ملندو ھو. 46اھي ھر روز ھيڪل ۾ گڏ ٿيندا ھئا ۽ پنھنجن گھرن ۾ خوشي ۽ دل جي صفائيءَ سان گڏجي ماني کائيندا ھئا. 47ھو خدا جي واکاڻ ڪندا ھئا ۽ سڀني ماڻھن ۾ عزت ھين. سو خدا سندن ٽولي ۾ روزانو انھن کي شامل ڪندو رھندو ھو جن کي ڇوٽڪارو ملندو ھو.

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy