YouVersion Logo
Search Icon

عبرانين 2

2
ڌيان ڏيڻ لاءِ تاڪيد
1تنھنڪري جيڪي ڳالھيون اسان ٻڌيون آھن، تن تي اسان کي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گھرجي، انھيءَ لاءِ تہ متان لڙھي انھن کان پري نڪري نہ وڃون. 2ڇالاءِ⁠جو جيڪو ڪلام ملائڪن جي معرفت ٻڌايو ويو، سو قائم رھيو ۽ جنھن ان ڪلام کي نہ مڃيو ۽ ان جي نافرماني ڪئي تنھن کي جوڳي سزا ڏني ويئي. 3تہ پوءِ جيڪڏھن ھيڏي وڏي ڇوٽڪاري کان غافل رھياسين تہ ڪيئن بچي سگھنداسين؟ ڇالاءِ⁠جو انھيءَ ڇوٽڪاري جي پڌرائي پھريائين خداوند ئي ڪئي ھئي ۽ جن ماڻھن اھا ٻڌي تن انھيءَ جي تصديق ڪئي. 4خدا بہ نشانين، عجيب ڪمن ۽ طرح طرح جي معجزن سان پنھنجي مرضيءَ موجب پاڪ روح جون نعمتون ورھائيندي انھيءَ ڇوٽڪاري جي شاھدي ڏيندو رھيو.
ڇوٽڪاري جو اڳواڻ
5سو ايندڙ جھان، جنھن جو اسين ذڪر ٿا ڪريون، تنھن کي خدا ملائڪن جي تابع نہ ڪيو. 6#زب ۴‏:۸‎–۶ پر پاڪ ڪلام ۾ ڪنھن شاھدي ڏني آھي تہ
”انسان ڇا آھي، جو تون ھن کي ياد ڪرين،
يا انسان جو اولاد ڇا آھي، جو تون ھن جو فڪر ڪرين.
7تو ھن کي ملائڪن کان ٿورڙو گھٽ ڪيو.
تو ھن کي عزت ۽ عظمت وارو تاج پارايو.
8تو سڀ شيون ھن جي پيرن ھيٺ ڪري ڇڏيون.“
خدا سڀ شيون انسان جي تابع ڪيون آھن ۽ ڪابہ اھڙي شيءِ نہ ڇڏي اٿس جا سندس تابع نہ ھجي، پر اڃا تائين اسين سڀ شيون ھن جي تابع نہ ٿا ڏسون. 9مگر اسين عيسيٰ کي ڏسون ٿا، جنھن کي موت سھڻ ڪري عزت ۽ عظمت وارو تاج پارايو ويو آھي. ھن کي ملائڪن کان انھيءَ ڪري ٿورڙو گھٽ ڪيو ويو ھو، تہ جيئن ھو خدا جي فضل سان ھر انسان لاءِ موت جو مزو چکي.
10جنھن جي لاءِ ۽ جنھن جي وسيلي سڀ شيون پيدا ٿيون آھن، تنھن خدا لاءِ اھو مناسب ھو تہ جڏھن گھڻن ٻارن کي عظمت ۾ داخل ڪري تڏھن انھن جي ڇوٽڪاري جي اڳواڻ کي ڏکن جي وسيلي ڪامل ڪري. 11جيئن تہ پاڪ ڪرڻ وارو ۽ پاڪ ٿيڻ وارا ٻئي ساڳئي ئي گھراڻي جا آھن، تنھنڪري عيسيٰ انھن کي ڀاءُ ڀيڻ ڪري سڏڻ کان نہ ٿو شرمائي. 12#زب ۲۲‏:۲۲ بلڪ ھو چوي ٿو تہ
”آءٌ پنھنجي ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ تنھنجو نالو پڌرو ڪندس.
جماعت ۾ آءٌ تنھنجي ساراھہ جا گيت ڳائيندس.“ 13#يس ۱۷‏:۸‏،۱۸ ھو وري چوي ٿو تہ
”آءٌ ھن تي ڀروسو ڪندس.“ ھو ائين بہ چوي ٿو تہ
”اِجھو، آءٌ آھيان ۽ اھي ٻار پڻ،
جيڪي خدا مون کي ڏنا آھن.“
14جھڙيءَ طرح ھن جا اھي ٻار انسان آھن، تھڙيءَ طرح عيسيٰ بہ انھن وانگر ٿيو تہ جيئن پنھنجي موت جي وسيلي شيطان کي ناس ڪري، جنھن کي موت تي اختيار آھي. 15ان سان گڏ ھو انھن سڀني کي آزاد ڪري، جيڪي موت جي ڊپ کان سڄي عمر غلاميءَ ۾ گرفتار ھئا. 16حقيقت ۾ ھو ملائڪن جي نہ، بلڪ ابراھيم جي نسل جي مدد ٿو ڪري. 17تنھنڪري اھو ضروري ھو تہ ھو ھر طرح پنھنجي ڀائرن ۽ ڀينرن وانگر ٿئي، انھيءَ لاءِ تہ خدا جي خدمت ڪرڻ ۾ ھو اھڙو وڏو سردار ڪاھن ٿئي، جيڪو رحمدل ۽ وفادار ھجي ۽ ماڻھن جي گناھن جو ڪفارو ادا ڪري. 18ڇالاءِ⁠جو جڏھن مٿس آزمائش پئي تہ ھن پاڻ ڏک سَٺا، تنھنڪري ھو انھن جي بہ مدد ڪري سگھي ٿو جيڪي آزمائش ۾ پون ٿا.

Currently Selected:

عبرانين 2: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy