YouVersion Logo
Search Icon

2.پطرس ‮تعارف‬

تعارف
پطرس رسول جو ھي ٻيو عام خط مسيح تي شروعاتي دور ۾ ايمان آڻيندڙن ڏانھن آھي. ان جو مکيہ مقصد ڪوڙن استادن کان ڏنل غلط تعليم ۽ ان جي نتيجي ۾ انھيءَ ”بدڪارن جي گندي ھلت چلت“ جي خلاف جھاد آھي. خط ۾ انھن مسئلن جو حل خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي مڪمل ۽ سچي ڄاڻ ٻڌايو ويو آھي ۽ اھا ڄاڻ انھن ماڻھن جي وسيلي ڏني ويئي آھي جن عيسيٰ مسيح کي ڏٺو ۽ کيس تعليم ڏيندي ٻڌو.
خط لکندڙ خاص طور انھن ماڻھن جي تعليم بابت فڪرمند آھي، جيڪي دعويٰ ڪن ٿا تہ عيسيٰ مسيح وري موٽي ڪونہ ايندو. ان جي برعڪس پطرس رسول تعليم ڏئي ٿو تہ مسيح جي واپس اچڻ ۾ دير انھيءَ ڪري ٿي ويئي آھي جو خدا ”نہ ٿو چاھي تہ ڪوبہ ناس ٿئي، بلڪ ھو چاھي ٿو تہ سڀيئي توبھہ ڪن“ (۳‏:۹).
سِٽاءُ
پيش لفظ ۱‏:۱‎–۲
خدا جو سڏڻ ۽ چونڊڻ ۳‏:۱‎–۲۱
ڪوڙا استاد ۱‏:۲‎–۲۲
مسيح جو آخر ۾ اچڻ ۱‏:۳‎–۱۸

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy