YouVersion Logo
Search Icon

2.ڪرنٿين ‮تعارف‬

تعارف
ڪرنٿين ڏانھن پولس رسول جو ھي ٻيو خط ڪرنٿس شھر ۾ قائم ڪيل ڪليسيا سان سندس تعلقات جي ڏکي وقت دوران لکيو ويو ھو. ڪليسيا جي ڪن رڪنن پولس رسول جي ظاھر ظھور سخت مخالفت ڪئي ھئي. پر ھو مصالحت لاءِ پنھنجو اونھو فڪر ڏيکاري ٿو ۽ جڏھن ائين ٿئي ٿو تڏھن ھو وڏي خوشيءَ جو اظھار ڪري ٿو.
خط جي پھرين حصي ۾ پولس رسول ڪرنٿس ۾ قائم ٿيل ڪليسيا سان پنھنجي تعلقات تي بحث ڪري ٿو. ھو اھو بيان ڪري ٿو تہ ھن ڇو ڪليسيا ۾ سندس بي⁠عزتيءَ ۽ مخالفت جي خلاف سختيءَ سان موٽ ڏني ۽ پوءِ پنھنجي خوشيءَ جو اظھار ڪري ٿو تہ انھيءَ سختيءَ جو نتيجو پڇتاءَ ۽ مصالحت ۾ نڪتو آھي. پوءِ ھو ڪليسيا کي عرض ڪري ٿو تہ يھوديہ علائقي جي ضرورتمند ايمان وارن لاءِ جھجھو چندو ڏنو وڃي.
آخري بابن ۾ پولس رسول ڪرنٿس جي ڪن اھڙن ماڻھن جي خلاف پنھنجي رسالت جو دفاع ڪري ٿو جيڪي پاڻ کي سچو رسول چون ٿا، جڏھن تہ پولس رسول تي ڪوڙي رسول ھئڻ جي تھمت ھڻن ٿا.
سِٽاءُ
تعارف ۱‏:۱‎–۱۱
پولس رسول ۽ ڪرنٿس جي ڪليسيا ۱۲‏:۱‎–۱۶‏:۷
يھوديہ ۾ ايمان وارن لاءِ چندو ۱‏:۸‎–۱۵‏:۹
پولس جو پنھنجي رسول ھئڻ متعلق دفاع ۱‏:۱۰‎–۱۰‏:۱۳
دعا سلام ۱۱‏:۱۳‎–۱۳

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy