YouVersion Logo
Search Icon

1.ڪرنٿين 16

16
يروشلم جي ڪليسيا لاءِ چندو
1 # رو ۲۵‏:۱۵‎–۲۶ ھاڻي آءٌ يروشلم جي ڪليسيا جي مدد لاءِ چندي بابت اوھان کي ٻڌايان ٿو. جيئن مون گلتيا جي ڪليسيائن کي ھدايت ڪئي ھئي، تيئن اوھين بہ ڪجو. 2ھر آچر جي ڏينھن تي اوھان مان ھر ھڪ پنھنجي ڪمائيءَ آھر ڪجھہ بچائي پاڻ وٽ رکي تہ جيئن منھنجي اچڻ تي چندي گڏ ڪرڻ جي ضرورت نہ پوي. 3پوءِ جڏھن آءٌ پھچان تڏھن اوھان جي مقرر ڪيل ماڻھن کي خط ڏيئي موڪليندس، تہ جيئن ھو اوھان جو نذرانو يروشلم ڏانھن کڻي وڃن. 4پر جيڪڏھن منھنجو وڃڻ بہ مناسب ٿي پيو تہ اھي مون سان گڏجي ھلندا.
مسافريءَ بابت رٿون
5 # رس ۲۱‏:۱۹ جيئن تہ منھنجو مڪدونيا وٽان گذرڻ جو ارادو آھي، سو آءٌ اتان ٿيندو پوءِ اوھان وٽ ايندس. 6شايد آءٌ اوھان وٽ ڪجھہ وقت ٽڪان، يا سڄو سيارو گذاريان، انھيءَ ڪري تہ جيئن مسافريءَ ۾ جيڏانھن بہ وڃان تہ اوھين مدد ڪري مون کي روانو ڪري سگھو. 7تنھنڪري آءٌ نہ ٿو چاھيان تہ ھن وقت رستي ويندي اوھان سان ٿوري وقت لاءِ ملان. مون کي اميد آھي تہ جيڪڏھن خداوند چاھيو تہ اوھان سان ڪافي وقت گذاريندس. 8#لاو ۱۵‏:۲۳‎–۲۱، شر ۹‏:۱۶‎–۱۱ #رس ۸‏:۱۹‎–۱۰ پر اڃا آءٌ ھتي اِفسس ۾ پنتيڪُست جي عيد تائين رھندس. 9ڇالاءِ⁠جو ھتي اثرائتي ڪم ڪرڻ جو وڏو موقعو آھي، توڙي جو ڪيترائي مخالف آھن.
10 # ۱.ڪر ۱۷‏:۴ جيڪڏھن تيمٿيس اوھان وٽ اچي تہ خيال رکجو تہ جيئن ھو اوھان سان بي⁠ڊپو ٿي رھي، ڇالاءِ⁠جو ھو بہ خداوند جو ڪم ائين پيو ڪري جيئن آءٌ پيو ڪريان. 11تہ پوءِ ڪوبہ ھن کي گھٽ نہ سمجھي. کيس سک ۽ سلامتيءَ سان روانو ڪجو تہ جيئن ھو مون ڏانھن موٽي سگھي. ٻين ڀائرن سان سندس گڏجي اچڻ جو آءٌ انتظار پيو ڪريان.
12ھاڻي پنھنجي ڀاءُ اپلوس جي باري ۾ ھي آھي تہ مون ھن کي ڀائرن سان گڏجي اوھان ڏانھن اچڻ لاءِ زور ڀريو. ھن وقت سندس اچڻ جي مرضي اصلي ناھي پر موقعو مليس تہ ضرور ايندو.
آخري ھدايتون ۽ سلام
13سجاڳ رھو، ايمان تي قائم رھو، ھمت ڌاريو، مضبوط رھو. 14جيڪي ڪجھہ ڪريو سو پيار سان ڪريو.
15 # ۱.ڪر ۱۶‏:۱ اوھان کي استفناس ۽ سندس گھر جي ڀاتين بابت خبر آھي تہ اھي اخيا پرڳڻي ۾ پھريان شخص آھن جن عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو. ھنن پاڻ کي خدا جي ماڻھن جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آھي. 16اي ڀائرؤ! آءٌ تاڪيد ٿو ڪريان تہ اھڙن ماڻھن ۽ جيڪي ⁠بہ انھن سان گڏجي ڪم ڪن ٿا، تن سڀني جي فرمانبرداري ڪريو.
17آءٌ استفناس، فرتُوناتس ۽ اخيڪُس جي اچڻ تي خوش آھيان، ڇوتہ انھن اھا جاءِ ڀري آھي جيڪا اوھان جي گھٽتائيءَ جي ڪري رھجي ويئي ھئي. 18ھنن منھنجي ۽ اوھان جي روح کي تازگي بخشي آھي. تنھنڪري اھڙن ماڻھن جو قدر ڪريو.
19 # رس ۲‏:۱۸ ايشيا پرڳڻي جون ڪليسيائون اوھان کي سلام ڏين ٿيون. اڪولا ۽ پرسڪلا ۽ سندن گھر ۾ گڏ ٿيندڙ ڪليسيا اوھان کي پرجوش مسيحي سلام ٿا ڏين. 20سڀيئي ڀائر ۽ ڀينرون اوھان کي سلام ٿا ڏين. ھڪ ٻئي کي ڀائراڻي پيار سان ملي سلام ڪجو.
21آءٌ پولس پنھنجن ھٿن سان ھي سلام لکان پيو.
22لعنت آھي ان تي جيڪو خداوند سان پيار نہ ٿو ڪري.
اي اسان جا خداوند! اچ.
23شل اوھان تي خداوند عيسيٰ جو فضل ھجي.
24منھنجو پيار اوھان سڀني سان ھجي، جيڪي عيسيٰ مسيح جا آھيو. آمين.

Currently Selected:

1.ڪرنٿين 16: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy