YouVersion Logo
Search Icon

1.ٿسلونيڪين ‮تعارف‬

تعارف
ٿسلونيڪا شھر رومي بادشاھت جي صوبي مڪدونيا جي گاديءَ جو ھنڌ ھو. فلپي شھر ڇڏڻ کان پوءِ پولس رسول اتي ڪليسيا قائم ڪئي ھئي. ٿوري وقت گذرڻ کان پوءِ يھودي پولس رسول سان حسد ڪرڻ لڳا، ڇاڪاڻ⁠تہ پولس اتي جي غير يھودين، جن اڳ يھوديت ۾ چاھہ ٿي رکيو تن ۾ ڪاميابيءَ سان مسيح جي پيغام جي تبليغ ڪري رھيو ھو. سو پولس تي زور وڌو ويو تہ ھو ٿسلونيڪا شھر ڇڏي بيريا شھر ڏانھن ھليو وڃي. بعد ۾ جڏھن ھو ڪرنٿ شھر ۾ پھتو تہ اتي ھن جي ساٿي ۽ ھم⁠خدمت تيمٿيس کان ٿسلونيڪا جي باري ۾ کيس حال⁠احوال مليو.
پولس جي ھن خط لکڻ جو مقصد اھو ھو تہ ايمان آڻيندڙن جي ھمت⁠افزائي ڪجي ۽ کين تسلي ڏجي. پولس سندن ايماني جذبي ۽ پيار بابت ٻڌي خدا جو شڪر ادا ڪري ٿو. ھو انھن کي ياد ڏياري ٿو تہ جڏھن ھو ساڻن گڏ ھو تہ ھن ڪھڙيءَ طرح زندگي گذاري. پوءِ ھو مسيح جي وري اچڻ جي باري ۾ ڪليسيا ۾ اٿاريل ھھڙن سوالن جا جواب ڏئي ٿو: ڇا ھڪ ايمان آڻيندڙ جيڪو مسيح جي وري اچڻ کان اڳ مري وڃي ٿو، سو اھا دائمي زندگي ماڻيندو جيڪا مسيح آڻيندو؟ ۽ مسيح وري ڪڏھن ايندو؟ وغيرہ. پولس ان موقعي تي کين ھدايت ڪري ٿو تہ ھو صبر سان ڪم ڪندي مسيح جي وري اچڻ جو انتظار ڪندا رھن.
سِٽاءُ
پيش لفظ ۱‏:۱
خدا جي شڪرگذاري ۽ تعريف ۲‏:۱‎–۱۳‏:۳
مسيحي ھلت چلت بابت ھدايتون ۱‏:۴‎–۱۲
مسيح جي اچڻ لاءِ تياري ۱۳‏:۴‎–۱۱‏:۵
آخري ھدايتون ۱۲‏:۵‎–۲۲
دعا سلام ۲۳‏:۵‎–۲۸

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy