YouVersion Logo
Search Icon

1.ٿسلونيڪين 3

3
1 # ۱۵‏:۱۷ تنھنڪري جڏھن اسين اوھان کان جدا رھڻ وڌيڪ برداشت ڪري نہ سگھياسين، تڏھن اسان بھتر سمجھيو تہ اٿينس شھر ۾ اڪيلا ئي رھجي وڃون. 2سو تيمٿيس، جيڪو اسان جي ڀاءُ ۽ مسيح جي خوشخبري ڦھلائڻ ۾ خدا سان گڏ ڪم ڪندڙ آھي، تنھن کي اوھان ڏانھن موڪليوسين، انھيءَ لاءِ تہ ھو اوھان کي ايمان ۾ مضبوط ڪري ۽ ان جي باري ۾ اوھان کي ھمتائي. 3اسين نہ ٿا چاھيون تہ انھن مصيبتن جي ڪري ڪنھن جي دل ھارجي، ڇالاءِ⁠جو اوھين پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ اسين انھن لاءِ ئي مقرر ٿيا آھيون. 4حقيقت ۾ جڏھن اسين اوھان وٽ ھئاسين تڏھن اوھان کي اڳي ئي چيو ھوسين تہ اسان کي مصيبت سھڻي پوندي. اوھين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ ائين ئي ٿيو. 5انھيءَ سبب جڏھن آءٌ وڌيڪ برداشت ڪري نہ سگھيس، تڏھن اوھان جي ايمان بابت معلوم ڪرڻ لاءِ تيمٿيس کي موڪليم. مون کي ڊپ ھو تہ متان ڪنھن طرح آزمائڻ واري، يعني شيطان اوھان کي آزمايو ھجي ۽ اسان جي محنت بيڪار ويئي ھجي.
تيمٿيس جو ھمتائيندڙ احوال
6 # رس ۵‏:۱۸ پر ھاڻي تيمٿيس اوھان وٽان ٿي واپس آيو ۽ اوھان جي ايمان ۽ محبت جي باري ۾ سٺي خبر ڏنائين. ھن اسان کي ٻڌايو آھي تہ اوھين اسان کي ھميشہ دل سان ياد پيا ڪريو ۽ اسان جي ڏسڻ جي گھڻي سڪ اٿوَ، جھڙيءَ طرح اسان کي بہ اوھان جي آھي. 7تنھنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان کي پنھنجي گھڻي تنگيءَ ۽ مصيبت ۾ بہ اوھان جي ايمان جي ڪري اوھان بابت تسلي ٿي. 8ھاڻي اسين حقيقي زندگي گذاريون ٿا، ڇالاءِ⁠جو اوھين خداوند تي ايمان آڻي قائم رھو ٿا. 9اسان کي پنھنجي خدا جي آڏو اوھان جي ڪري ڪيڏي نہ خوشي حاصل ٿي آھي. انھيءَ خوشيءَ جي ڪري اسين ڪھڙيءَ طرح اوھان لاءِ خدا جي شڪرگذاري ادا ڪريون؟ 10اسين رات ڏينھن تمام گھڻي دعا گھرندا ٿا رھون تہ شل وري اوھان جو منھن ڏسون ۽ اوھان جي ايمان ۾ جيڪا گھٽتائي آھي سا پوري ڪريون.
11ھاڻي شل اسان جو خدا ۽ پيءُ پاڻ ۽ اسان جو خداوند عيسيٰ اوھان وٽ اچڻ لاءِ اسان جي راھہ تيار ڪري. 12جھڙيءَ طرح اسان کي اوھان سان محبت آھي، تھڙيءَ طرح خداوند شل اوھان جي محبت بہ ھڪ ٻئي لاءِ، بلڪ سڀني لاءِ گھڻي ڪري ۽ بيحد وڌائي. 13شل ھو اوھان جي دلين کي اھڙو مضبوط ڪري جو جڏھن اسان جو خداوند عيسيٰ پنھنجي سڀني پوئلڳن سان اچي، تڏھن اسان جي خدا ۽ پيءُ جي اڳيان اوھين پاڪ ۽ بي⁠عيب ھجو.

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy