YouVersion Logo
Search Icon

1.پطرس 4

4
خدا لاءِ جيئڻ
1تنھنڪري، جڏھن تہ مسيح جسماني طور ڏک سٺو، تڏھن اوھين بہ ساڳي طبيعت اختيار ڪري تيار ٿيو، ڇالاءِ⁠جو جنھن جسماني طور ڏک سٺو آھي تنھن گناھہ کان بس ڪئي آھي. 2مطلب تہ ھو اڳتي پنھنجي باقي جسماني زندگي انساني خواھشن موجب نہ، بلڪ خدا جي مرضيءَ موجب گذاري. 3ڇالاءِ⁠جو جيترو وقت اوھان غير قومن جي مرضيءَ موجب ھلت ڪئي، يعني شھوت⁠پرستيءَ، برين خواھشن، شراب⁠خوريءَ، نشي⁠بازيءَ، راڳ روپ ۽ ڪراھت جھڙي بت⁠پرستيءَ ۾ گذاريو، ايترو ئي بس آھي. 4انھن کي عجب ٿو لڳي تہ ھاڻي اوھين سندن اھڙي سخت بدچاليءَ جي ڊوڙ ۾ ساڻن شامل ڇو نہ ٿا ٿيو، تنھنڪري ھو اوھان جي گلا ٿا ڪن. 5پر کين انھيءَ کي حساب ڏيڻو پوندو، جيڪو جيئرن ۽ مئلن جو انصاف ڪرڻ لاءِ تيار آھي. 6انھيءَ ئي مطلب لاءِ مئلن کي بہ خوشخبري ٻڌائي ويئي ھئي تہ انھن جو جسماني طور تہ ماڻھن وانگر انصاف ٿئي، پر روحاني طور اھي خدا وانگر جيئرا رھن.
7سڀني شين جو خاتمو جلد ٿيڻ وارو آھي. تنھنڪري اوھين ھوشيار رھو ۽ دعا گھرڻ لاءِ سجاڳ ٿيو. 8#چوڻ ۱۲‏:۱۰ سڀ کان وڌيڪ اھم ڳالھہ ھيءَ آھي تہ ھڪ ٻئي سان گھڻي محبت رکو، ڇالاءِ⁠جو محبت گھڻن ئي گناھن کي ڍڪي ٿي ڇڏي. 9بنا ڪرڪڻ جي ھڪ ٻئي جي مھمان⁠نوازي ڪريو. 10ھر ماڻھوءَ کي جيڪا نعمت ملي آھي سو انھيءَ نعمت کي، خدا جي فضل جي مختلف نعمتن جو چڱو مختيار ٿي ھڪ ٻئي جي خدمت لاءِ ڪم آڻي. 11جيڪڏھن ڪو ماڻھو پيغام ڏئي تہ سندس پيغام اھڙو ھجي جھڙو خدا جو ڪلام آھي. جيڪڏھن ڪو خدمت ڪري تہ انھيءَ طاقت موجب ڪري جيڪا خدا کيس بخشي ٿو، انھيءَ لاءِ تہ سڀني ڳالھين ۾ عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا جي واکاڻ ٿئي. سندس وڏائي ۽ بادشاھي ھميشہ ھميشہ تائين قائم رھي. آمين.
مسيحي ھئڻ سبب ڏک سھڻ
12اي پيارا دوستو! مصيبت جي باھہ جيڪا اوھان جي آزمائش لاءِ اوھان تي آئي آھي، تنھن بابت تعجب نہ ڪريو جو ڄڻ تہ ڪا عجيب ڳالھہ اوھان تي اچي پيئي آھي. 13پر جيئن جيئن اوھين مسيح جي ڏکن ۾ شريڪ ٿا ٿيو تيئن تيئن خوشي ڪريو، انھيءَ لاءِ تہ جڏھن سندس جلال ظاھر ٿئي تڏھن اوھين ڏاڍا خوش ۽ سرھا ھجو. 14جيڪڏھن مسيح جي نالي جي ڪري اوھان کي بي⁠عزت ڪيو ٿو وڃي تہ اوھين سڀاڳا آھيو، ڇالاءِ⁠جو خداءِ⁠ذوالجلال جي روح جي اوھان تي ڇانوَ آھي. 15ائين نہ ٿئي جو اوھان مان ڪو خوني، چور، بدڪار يا ٻين جي ڪمن ۾ دست⁠اندازي ڪندڙ ٿي ڏک سھي. 16پر جيڪڏھن ڪو ماڻھو مسيحي ھئڻ سببان ڏک سھي تہ شرمندو نہ ٿئي، بلڪ انھيءَ نالي جي ڪري خدا جي واکاڻ ڪندو رھي.
17ھاڻي اھو وقت اچي پھتو آھي تہ خدا جي گھراڻي وٽان عدالت شروع ٿئي. سو جيڪڏھن اھا اسان کان ئي شروع ٿئي ٿي تہ پڇاڙيءَ ۾ انھن جو ڇا حال ٿيندو جيڪي خدا جي خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين؟ 18#چوڻ ۳۱‏:۱۱ جيئن لکيل آھي تہ
”جيڪڏھن سچار کي ئي
وڏي مشڪل سان ڇوٽڪارو ملندو،
تہ پوءِ بدڪارن ۽ گنھگارن جو
ڪھڙو حال ٿيندو؟“
19تنھنڪري جيڪي خدا جي مرضيءَ موجب ڏک ٿا سھن، سي نيڪي ڪرڻ سان پنھنجيون جانيون سچي خالق جي حوالي ڪن.

Currently Selected:

1.پطرس 4: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy