1
رومين 28:8
Common Language New Testament
SCLNT
اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا سڀني شين ۾ انھن ماڻھن لاءِ ڀلائي رکي ٿو، جيڪي ساڻس پيار ڪن ٿا ۽ سندس مقصد لاءِ چونڊيا ويا آھن.
Vergleichen
Studiere رومين 8:28
2
رومين 38:8-39
ڇالاءِجو مون کي يقين آھي تہ نہ موت، نہ حياتي، نہ ملائڪ، نہ بدروح، نہ حال جون ۽ نہ مستقبل جون شيون، نہ طاقتون، نہ آسمان، نہ پاتال ۽ نہ ٻي ڪا مخلوق اسان کي خدا جي انھيءَ پيار کان جدا ڪري سگھندي، جيڪو اسان کي عيسيٰ مسيح جي وسيلي مليو آھي.
Studiere رومين 8:38-39
3
رومين 26:8
ساڳيءَ طرح پاڪ روح بہ اسان جي ڪمزوريءَ ۾ مدد ٿو ڪري، ڇوتہ اسان کي خبر نہ آھي تہ ڇا جي لاءِ ۽ ڪھڙيءَ طرح دعا گھرون. پر پاڪ روح پاڻ اندر جي اُڌمن سان اسان جي شفاعت پيو ڪري.
Studiere رومين 8:26
4
رومين 31:8
انھن سڀني ڳالھين جي نتيجي ۾ اسين ڇا چئون؟ جيڪڏھن خدا اسان سان آھي تہ ڪير اسان جو مخالف ٿي سگھندو؟
Studiere رومين 8:31
5
رومين 1:8
تنھنڪري جيڪي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي ويا آھن، تن لاءِ ھاڻي سزا جو حڪم نہ آھي.
Studiere رومين 8:1
6
رومين 6:8
جيڪڏھن ڪنھن جي نيت انساني فطرت جي اثر ھيٺ آھي تہ نتيجو موت آھي. پر جي ڪنھن جي نيت پاڪ روح جي اثر ھيٺ آھي تہ نتيجو زندگي ۽ سلامتي آھي.
Studiere رومين 8:6
7
رومين 37:8
پر جنھن اسان کي پيار ڪيو، تنھن جي وسيلي انھن سڀني ڳالھين ۾ اسان جي مڪمل فتح آھي.
Studiere رومين 8:37
8
رومين 18:8
آءٌ سمجھان ٿو تہ جيڪي ڏک سور اسان ھن وقت ڏسون ٿا، تن جي ڀيٽ انھيءَ جلوي سان ڪري ئي نہ ٿي سگھجي جيڪو اسان تي نازل ٿيڻ وارو آھي.
Studiere رومين 8:18
9
رومين 35:8
اسان کي مسيح جي پيار کان ڪير جدا ڪري ٿو سگھي؟ توڙي جو اسين مصيبت يا تنگيءَ ۾ ھجون، اسان کي ستايو وڃي يا اسين بک، غريبيءَ ۽ خطري ۾ ھجون يا اسان کي ماريو وڃي.
Studiere رومين 8:35
10
رومين 27:8
خدا دلين جو مالڪ آھي، سو ھو ڄاڻي ٿو تہ پاڪ روح جو ارادو ڪھڙو آھي، ڇالاءِجو پاڪ روح خدا جي مرضيءَ موجب سندس قوم جي شفاعت ٿو ڪري.
Studiere رومين 8:27
11
رومين 14:8
ڇالاءِجو جيڪي خدا جي روح جي ھدايتن موجب ھلن ٿا سي خدا جا ٻار آھن.
Studiere رومين 8:14
12
رومين 5:8
جيڪي انساني فطرت موجب ھلن ٿا سي انساني فطرت جا تابعدار آھن. پر جيڪي پاڪ روح موجب ھلن ٿا سي پاڪ روح جا تابعدار آھن.
Studiere رومين 8:5
13
رومين 32:8
ھن تہ پنھنجو فرزند بہ اسان کان نہ وانجھيو، بلڪ کيس اسان سڀني جي خاطر موت جي حوالي ڪيو. جڏھن ھن پنھنجو فرزند اسان کي ڏنو تہ پوءِ ٻي ڪھڙي شيءِ آھي جا ھو اسان کي نہ بخشيندو؟
Studiere رومين 8:32
14
رومين 16:8-17
اھو روح پاڻ اسان جي روح سان گڏ شاھدي ٿو ڏئي تہ اسين خدا جا ٻار آھيون. جيڪڏھن اسين ھن جا ٻار آھيون تہ وارث بہ آھيون، يعني خدا جا وارث ۽ مسيح سان ورثي ۾ شريڪ آھيون، بشرطيڪ ھن سان ڏکن ۾ شريڪ ٿيون تہ پوءِ ساڻس گڏ جلوي ۾ بہ شريڪ ٿينداسون.
Studiere رومين 8:16-17
15
رومين 7:8
انساني نيت خدا جو دشمن بڻائي ٿي، ڇالاءِجو اھا نيت نہ شريعت جي تابع آھي ۽ نڪي تابع ٿي سگھي ٿي.
Studiere رومين 8:7
16
رومين 19:8
سڄي مخلوقات ڏاڍي شوق سان خدا جي ٻارن جي ظاھر ٿيڻ جي انتظار ۾ آھي.
Studiere رومين 8:19
17
رومين 22:8
اسان کي خبر آھي تہ سڄي مخلوقات ھن وقت تائين پيئي ڪنجھي ۽ سور کائي.
Studiere رومين 8:22