مڪاشفو 10
10
1۽ مون ٻيو زور وارو ملائڪ، جو بادلن سان ڍڪيل هو، آسمان مان لهندو ڏٺو، ۽ انهي جي مٿي تي انڊلٺ هئي، ۽ سندس منهن سج جهڙو هو، ۽ سندس ٽنگون باهہ جي ٿنڀن جهڙيون هيون. 2۽ سندس هٿ ۾ هڪڙو ننڍو کليل ڪتاب هو: ۽ هن پنهنجو ساڄو پير سمنڊ تي رکيو ۽ کاٻو پير زمين تي رکيائين؛ 3۽ وڏي آواز سان اهڙي رڙ ڪيائين جهڙي شينهن گجگوڙ ڪندو آهي: ۽ جڏهن هن رڙ ڪئي تڏهن ستن گجگوڙين جا آواز ٿيا. 4۽ جڏهن ستن گجگوڙين جا آواز ٿيا، تڏهن آئون لکڻ تي هوس: پر مون آسمان مان هڪڙو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ جي ڳالهيون اُنهن ستن گجگوڙين ڪيون، تن تي مهر هڻي ڇڏ، ۽ اُهي نہ لک. 5۽ جنهن ملائڪ کي مون سمنڊ تي ۽ زمين تي بيٺو ڏٺو، تنهن پنهنجو ساڄو هٿ آسمان ڏانهن کنيو، 6۽ جيڪو هميشہ جيئرو آهي، ۽ جنهن آسمان ۽ جيڪي منجهس آهي، ۽ زمين ۽ جيڪي منجهس آهي، ۽ سمنڊ ۽ جيڪي منجهس آهي سو پيدا ڪيو، تنهن جو قسم کڻي چيائين تہ، وڌيڪ دير نہ ٿيندي! 7پر ستين ملائڪ جي آواز جي وقت جڏهن هو تري وڄائيندو تڏهن خدا جو راز پورو ٿيندو، جو هن پنهنجن ٻانهن يعني نبين تي ظاهر ڪيو هو. 8۽ جيڪو آواز مون آسمان مان ٻُڌو هو، تنهن کي وري ڳالهائيندو ٻُڌم، تہ جيڪو ملائڪ سمنڊ تي ۽ زمين تي بيٺو آهي، تنهن جي هٿ مان اِهو کليل ڪتاب وڃي وٺ. 9۽ آئون اُنهي ملائڪ وٽ ويس ۽ چيومانس تہ مون کي اهو ننڍڙو ڪتاب ڏي. ۽ هن مون کي چيو تہ وٺ ۽ کاءُ؛ ۽ اهو تنهنجو پيٽ ڪَڙو ڪندو، پر تنهنجو وات اهڙو مٺو ٿيندو جهڙي ماکي. 10۽ مون ملائڪ جي هٿان اهو ننڍڙو ڪتاب ورتو ۽ کاڌو، ۽ اهو منهنجي وات ۾ ماکيءَ جهڙو مٺو لڳو: ۽ جڏهن اُهو کائي بس ڪيم، تڏهن منهنجو پيٽ ڪَڙو ٿي پيو. 11۽ مون کي چيو ويو تہ توکي ضرور گهڻين اُمتن، ۽ قومن، ۽ ٻولين، ۽ بادشاهن جي نسبت ۾ پيشنگوئي ڪرڻي پوندي.
Valgt i Øjeblikket:
مڪاشفو 10: SB62
Markering
Kopiér
Sammenlign
Del
Vil du have dine markeringer gemt på tværs af alle dine enheder? Tilmeld dig eller log ind
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.