۽ آئون اُنهي ملائڪ وٽ ويس ۽ چيومانس تہ مون کي اهو ننڍڙو ڪتاب ڏي. ۽ هن مون کي چيو تہ وٺ ۽ کاءُ؛ ۽ اهو تنهنجو پيٽ ڪَڙو ڪندو، پر تنهنجو وات اهڙو مٺو ٿيندو جهڙي ماکي. ۽ مون ملائڪ جي هٿان اهو ننڍڙو ڪتاب ورتو ۽ کاڌو، ۽ اهو منهنجي وات ۾ ماکيءَ جهڙو مٺو لڳو: ۽ جڏهن اُهو کائي بس ڪيم، تڏهن منهنجو پيٽ ڪَڙو ٿي پيو.