2 - ڪرنٿين 4
4
1سو جنهن صورت ۾ اسان کي هيءَ خدمت خدا جي رحمت سان ملي آهي، تنهن صورت ۾ اسين همت نٿا هاريون. 2پر اسان بي شرميءَ ۽ ٺڳيءَ جون ڳالهيون ڇڏي ڏنيون آهن، ۽ مڪارن وانگر نٿا هلون، نڪي خدا جي ڪلام ۾ ملاوت ٿا ڪريون، پر سچ کي پڌرو ٿا ڪريون، تہ خدا جي اڳيان اسان لاءِ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جي دل ۾ خاطري ٿئي. 3پر جي اسان جي خوشخبري ڍڪيل آهي، تہ اُها اُنهن جي ئي لاءِ ڍڪيل آهي جي چٽ پيا ٿين: 4ڇالاءِ جو هن دنيا جي سردار بي ايمانن جي دلين کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي؛ انهي لاءِ تہ مسيح، جو خدا جي صورت آهي، تنهن جي جلال جي خوشخبريءَ جي روشني انهن تي نہ پوي. 5ڇالاءِ جو اسين پنهنجي منادي نٿا ڪريون، پر مسيح يسوع جي منادي ٿا ڪريون تہ هو خداوند آهي، ۽ پنهنجي لاءِ هيئن ٿا چئون تہ يسوع جي خاطر اوهان جا خادم آهيون. 6ڇالاءِ جو خدا فرمايو تہ اوندهہ مان سوجهرو چمڪي، جو اسان جي دلين ۾ چمڪيو، تہ خدا جي جلال جي علم جو نور يسوع مسيح جي چهري ۾ ظاهر ٿئي.
7پر اهو خزانو اسان وٽ مٽيءَ جي ٿانوَن ۾ رکيل آهي، انهي لاءِ تہ معلوم ٿئي تہ اها وڏي قدرت خدا جي آهي، نہ اسان جي. 8اسين هر طرف مصيبت ۾ مبتلا آهيون، تڏهن بہ گهُٽيا نہ ويا آهيون؛ مُنجهي پيا آهيون، تڏهن بہ نااُميد نہ ٿيا آهيون؛ 9ستايل آهيون، تڏهن بہ وساريل نہ آهيون؛ ڪيرايل آهيون، تڏهن بہ فنا نہ ٿيا آهيون؛ 10اسين هميشہ پنهنجي بدن ۾ يسوع جو موت کنيو ٿا گهُمون، انهي لاءِ تہ يسوع جي زندگي بہ اسان جي بدن ۾ ظاهر ٿئي. 11ڇالاءِ جو اسين جي جيئرا آهيون، سي هميشہ يسوع جي خاطر موت جي حوالي ڪيا ٿا وڃون، انهي لاءِ تہ يسوع جي زندگي بہ اسان جي فاني جسم ۾ ظاهر ٿئي. 12تنهن ڪري اسين موت جي اثر هيٺ ٿا رهون، پر اوهين زندگيءَ جي. 13پر جڏهن اسان ۾ اهوئي ساڳيو ايمان جو روح آهي، جنهن بابت لکيل آهي تہ ”مون ايمان آندو ۽ تنهنڪري مون ڳالهايو؛“ تڏهن اسين بہ ايمان ٿا آڻيون، ۽ تنهنڪري ڳالهايون ٿا؛ 14ڇالاءِ جو اسين ڄاڻون ٿا تہ جنهن خداوند يسوع کي جياريو، سو اسان کي بہ يسوع سان گڏ جياريندو، ۽ انهي سان گڏ پاڻ وٽ حاضر ڪندو. 15ڇالاءِ جو سڀ شيون اوهان جي واسطي آهن، انهي لاءِ تہ فضل، جو گهڻن جي ڪري زيادہ ٿو ٿئي، سو خدا جي جلال جي لاءِ شڪرگذاري بہ وڌائي.
16تنهنڪري اسين همت نٿا هاريون؛ پر جيتوڻيڪ اسان جي ظاهري انسانيت فنا ٿيندي ٿي وڃي، تڏهن بہ اسان جي اندرين انسانيت روز بروز نئين ٿيندي ٿي وڃي. 17ڇالاءِ جو اسان جي هيءَ هلڪي مصيبت جا ٿوري وقت لاءِ آهي، سا اسان جي واسطي بيحد وڏو ۽ ابدي جلال ٿي پيدا ڪري؛ 18ڇالاءِ جو اسين انهن شين تي نظر نٿا ڪريون جيڪي ڏسڻ ۾ ٿيون اچن، پر انهن تي جيڪي نٿيون ڏسجن، ڇالاءِ جو ڏٺل شيون فاني آهن، پر اڻ ڏٺل شيون ابدي آهن.
Valgt i Øjeblikket:
2 - ڪرنٿين 4: SB62
Markering
Kopiér
Sammenlign
Del
Vil du have dine markeringer gemt på tværs af alle dine enheder? Tilmeld dig eller log ind
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.