1
2 - ڪرنٿين 18:4
Sindhi Bible NT
SB62
ڇالاءِ جو اسين انهن شين تي نظر نٿا ڪريون جيڪي ڏسڻ ۾ ٿيون اچن، پر انهن تي جيڪي نٿيون ڏسجن، ڇالاءِ جو ڏٺل شيون فاني آهن، پر اڻ ڏٺل شيون ابدي آهن.
Sammenlign
Udforsk 2 - ڪرنٿين 4:18
2
2 - ڪرنٿين 16:4-17
تنهنڪري اسين همت نٿا هاريون؛ پر جيتوڻيڪ اسان جي ظاهري انسانيت فنا ٿيندي ٿي وڃي، تڏهن بہ اسان جي اندرين انسانيت روز بروز نئين ٿيندي ٿي وڃي. ڇالاءِ جو اسان جي هيءَ هلڪي مصيبت جا ٿوري وقت لاءِ آهي، سا اسان جي واسطي بيحد وڏو ۽ ابدي جلال ٿي پيدا ڪري؛
Udforsk 2 - ڪرنٿين 4:16-17
3
2 - ڪرنٿين 8:4-9
اسين هر طرف مصيبت ۾ مبتلا آهيون، تڏهن بہ گهُٽيا نہ ويا آهيون؛ مُنجهي پيا آهيون، تڏهن بہ نااُميد نہ ٿيا آهيون؛ ستايل آهيون، تڏهن بہ وساريل نہ آهيون؛ ڪيرايل آهيون، تڏهن بہ فنا نہ ٿيا آهيون؛
Udforsk 2 - ڪرنٿين 4:8-9
4
2 - ڪرنٿين 7:4
پر اهو خزانو اسان وٽ مٽيءَ جي ٿانوَن ۾ رکيل آهي، انهي لاءِ تہ معلوم ٿئي تہ اها وڏي قدرت خدا جي آهي، نہ اسان جي.
Udforsk 2 - ڪرنٿين 4:7
5
2 - ڪرنٿين 4:4
ڇالاءِ جو هن دنيا جي سردار بي ايمانن جي دلين کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي؛ انهي لاءِ تہ مسيح، جو خدا جي صورت آهي، تنهن جي جلال جي خوشخبريءَ جي روشني انهن تي نہ پوي.
Udforsk 2 - ڪرنٿين 4:4
6
2 - ڪرنٿين 6:4
ڇالاءِ جو خدا فرمايو تہ اوندهہ مان سوجهرو چمڪي، جو اسان جي دلين ۾ چمڪيو، تہ خدا جي جلال جي علم جو نور يسوع مسيح جي چهري ۾ ظاهر ٿئي.
Udforsk 2 - ڪرنٿين 4:6