1 - پطرس 12:4-13

1 - پطرس 12:4-13 SB62

اي پيارو، مصيبت جي باهہ جا اوهان جي آزمائش لاءِ اوهان تي آئي آهي، تنهن بابت تعجب نہ ڪريو، تہ ڄڻ جا عجيب ڳالهہ اوهان تي اچي پيئي آهي. پر جيئن جيئن اوهين مسيح جي ڏکن ۾ شريڪ ٿا ٿيو، تيئن تيئن خوشي ڪريو؛ تہ سندس جلال جي ظهور جي وقت بہ ڏاڍا خوش ۽ سرها ٿيو.