1 - پطرس 4

4
1تنهنڪري جڏهن مسيح جسم ۾ ڏک سَٺا، تڏهن اوهين بہ ساڳي طبيعت اختيار ڪريو، ڇالاءِ تہ جنهن جسم ۾ ڏک سَٺا، سو گناهن کان ڇُٽي پيو؛ 2تان تہ اڳتي پنهنجي باقي جسماني زندگي ماڻهن جي نفساني خواهشن موجب نہ، پر خدا جي مرضيءَ موافق گذاري. 3ڇالاءِ جو جيترو وقت اوهان غير قومن موافق هلت ڪئي، يعني شهوت پرستيءَ، نفساني خواهشن، شراب خورين، عيش عشرت ۽ موجن ۽ ڪراهت جهڙي بُت پرستيءَ ۾ گذاريو، ايترو ئي بس آهي. 4هاڻي هنن کي عجب ٿو لڳي تہ اوهين سندن بدچاليءَ ۾ ساڻن شامل نٿا ٿيو، تنهنڪري هو اوهان جي بدگوئي ٿا ڪن. 5پر جيڪو جيئرن ۽ مُئلن جي عدالت ڪرڻ لاءِ تيار آهي، تنهن کي ئي پنهنجن ڪمن جو حساب ڏيڻو پوندن. 6انهي ئي مطلب لاءِ مُئلن کي بہ خوشخبري ٻُڌائي ويئي تہ انهن جو انصاف ماڻهن وانگر جسماني طور ٿئي، ۽ اُهي خدا ۾ روحاني طور رهن.
7سڀني شين جي پڄاڻي جلد ٿيڻ واري آهي، تنهنڪري اوهين هوشيار رهو ۽ دعا گهُرڻ ۾ سجاڳ رهو. 8سڀني ڳالهين کان وڌيڪ هڪٻئي سان گهڻي محبت رکو؛ ڇالاءِ جو محبت گهڻا ئي گناهہ ڍڪيو ڇڏي. 9ڪُرڪڻ کانسواءِ هڪٻئي جي مهمان نوازي ڪريو. 10جيئن هر ڪنهن کي نعمت ملي، تيئن خدا جي فضل جا چڱا مختيار ٿي هڪٻئي جي خدمت ڪريو. 11جيڪڏهن ڪو ماڻهو منادي ڪري تہ اهو خدا جي ڪلام موجب ڪري؛ جيڪڏهن ڪو خدمت ڪري تہ اهڙي ڪري جهڙي خدا طاقت ڏني هجيس، انهي لاءِ تہ سڀني ڳالهين ۾ يسوع مسيح جي وسيلي خدا جو جلال ظاهر ٿئي، جنهن جي وڏائي ۽ بادشاهي هميشہ تائين قائم آهي. آمين.
12اي پيارو، مصيبت جي باهہ جا اوهان جي آزمائش لاءِ اوهان تي آئي آهي، تنهن بابت تعجب نہ ڪريو، تہ ڄڻ جا عجيب ڳالهہ اوهان تي اچي پيئي آهي. 13پر جيئن جيئن اوهين مسيح جي ڏکن ۾ شريڪ ٿا ٿيو، تيئن تيئن خوشي ڪريو؛ تہ سندس جلال جي ظهور جي وقت بہ ڏاڍا خوش ۽ سرها ٿيو. 14جيڪڏهن مسيح جي نالي اوهان کي طعنا ٿا هڻن تہ اوهين مبارڪ آهيو؛ ڇالاءِ جو جلال جي روح، يعني خدا جي روح جي اوهان تي ڇانوَ آهي. 15پر ڏسو، متان اوهان مان ڪوبہ خوني، يا چور، يا بدڪار، يا ٻين جي ڪمن ۾ دست اندازي ڪندڙ ٿي ڏک سهي. 16پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو مسيحي هئڻ سببان ڏک سهي تہ انهي لاءِ تہ شرمندو نہ ٿئي؛ بلڪ انهي نالي جي ڪري خدا جي وڏائي ڪري. 17ڇالاءِ جو اهو وقت اچي پهتو آهي تہ خدا جي ڪليسيا مان عدالت شروع ٿئي: ۽ جيڪڏهن اُها پهرين اسان وٽان شروع ٿيندي، تہ جيڪي خدا جي خوشخبريءَ کي نٿا مڃين، تن جي پڇاڙي ڪهڙي ٿيندي؟ 18۽ جيڪڏهن راستباز ماڻهوءَ کي ئي مشڪلات سان نجات ملندي تہ بي دين ۽ گنهگارن جو حال ڪهڙو ٿيندو؟ 19تنهنڪري جيڪي خدا جي مرضيءَ موجب ڏک ٿا سهن، سي چڱو ٿا ڪن ۽ پنهنجا روح سچي خالق جي حوالي ٿا ڪن.

Valgt i Øjeblikket:

1 - پطرس 4: SB62

Markering

Kopiér

Sammenlign

Del

None

Vil du have dine markeringer gemt på tværs af alle dine enheder? Tilmeld dig eller log ind