1 - ڪرنٿين 8

8
1هاڻي بُتن جي قربانين جي بابت: اسين ڄاڻون ٿا تہ اسان سڀني کي علم آهي. علم مغروري پيدا ٿو ڪري، پر محبت مان سڌارو ٿو ٿئي. 2جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڀانئين تہ آئون ڪي ڪجهہ ڄاڻان ٿو، تہ هو اڃا ايترو نٿو ڄاڻي جيترو ڄاڻڻ گهرجي. 3پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو خدا سان محبت ٿو رکي، تہ خدا هن کي سڃاڻي ٿو. 4هاڻي جيڪي شيون بُتن تي قربانيءَ طور ٿا چاڙهين تن بابت، اسان کي خبر آهي تہ بُت دنيا ۾ ڪي بہ ڪين آهن، ۽ هڪڙي کانسواءِ ٻيو ڪو خدا ڪونهي. 5ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ آسمان ۾ توڙي زمين تي گهڻا ئي آهن جن کي خدا ڪري ٿا سڏين، جيئن تہ گهڻا ئي ديوتا ۽ ڌڻي آهن، 6تہ بہ اسان جي لاءِ هڪڙو ئي خدا آهي، يعني پيءُ، جنهن کان سڀ شيون آهن، ۽ اسين بہ انهي لاءِ آهيون، ۽ خداوند بہ هڪڙو ئي آهي، يعني يسوع مسيح، جنهن جي وسيلي سڀ شيون موجود آهن، ۽ اسين بہ انهي جي وسيلي آهيون.
7انهي هوندي بہ سڀني ماڻهن کي اهو علم ڪونهي. پر ڪي، جي اڄ تائين بُتن تي هريل آهن، سي جڏهن قرباني چاڙهيل شيءِ مان کائين ٿا، تڏهن اُنهن جي دل پختي نہ هئڻ ڪري پليت ٿي پوي ٿي. 8پر کاڌو خدا وٽ اسان جي سفارش ڪانہ ڪندو، نڪي جي نہ کائينداسين تہ اسان کي ڪو نقصان پهچندو، نڪي جي کائينداسين تہ اسان کي ڪو فائدو ٿيندو. 9پر خبردار رهو متان اوهان جي هن آزاديءَ جي ڪري جيڪي بہ ايمان ۾ ڪمزور آهن سي گمراهہ ٿي وڃن. 10ڇالاءِ تہ جيڪڏهن ڪو، تو علم واري کي بُتن جي مندر ۾ ويهي بُتن تي چاڙهيل قربانيءَ جون شيون کائيندو ڏسي، تہ جي هن جو ايمان ڪمزور هوندو تہ هن جي دل ڪانہ ٿيندي تہ جيڪي شيون بُتن تي قربانيءَ طور چاڙهيل آهن سي هو بہ کائي؟ 11ائين تنهنجي علم جي ڪري اهو جو ايمان ۾ ڪمزور آهي سو برباد ٿو ٿئي، يعني اُهو ڀاءُ، جنهن جي لاءِ مسيح مُئو. 12انهيءَ طرح جڏهن اوهين ڀائرن جو گناهہ ٿا ڪريو، ۽ هنن جي ڪمزور دلين کي زخمي ٿا ڪريو، تڏهن اوهين مسيح جا گنهگار ٿا ٿيو. 13تنهنڪري جي کاڌو منهنجي ڀاءُ کي گمراهہ ٿو ڪري تہ آئون ڪڏهن بہ گوشت نہ کائيندس، تہ متان آئون پنهنجي ڀاءُ کي گمراهہ ڪريان.

Valgt i Øjeblikket:

1 - ڪرنٿين 8: SB62

Markering

Kopiér

Sammenlign

Del

None

Vil du have dine markeringer gemt på tværs af alle dine enheder? Tilmeld dig eller log ind