1 - ڪرنٿين 7
7
1هاڻي جن ڳالهين بابت اوهان لکيو هو، تن بابت منهنجو چوڻ آهي، تہ ماڻهوءَ لاءِ چڱو ائين آهي تہ ڪنهن زال کي هٿ نہ لائي. 2پر متان زناڪاريون ٿين، تنهنڪري ڀلي تہ هرڪو مرد ۽ هرڪا زال شادي ڪري. 3مڙس، زال جا حق ادا ڪري، ۽ ساڳيءَ طرح زال بہ مڙس جو حق ادا ڪري. 4زال پنهنجي بدن جي مختيار نہ آهي، پر سندس مڙس؛ ۽ ساڳيءَ طرح مڙس بہ پنهنجي بدن جو مختيار نہ آهي، پر سندس زال. 5اوهين هڪ ٻئي کان ڌار نہ رهو، پر فقط ٿوري وقت لاءِ ٻنهي جي رضامنديءَ سان ائين ڪريو، تہ اوهين دعا ۾ لڳي سگهو. ۽ پوءِ وري پاڻ ۾ گڏ ٿيو، متان نفس جي غالب پوڻ ڪري شيطان اوهان کي آزمائي. 6پر انهيءَ ڳالهہ جي آئون اجازت ٿو ڏيان ۽ نہ حڪم ٿو ڪريان. 7انهي هوندي بہ منهنجي اها خواهش آهي تہ سڀ ماڻهو مون جهڙا هجن. پر هرهڪ ماڻهوءَ کي خدا کان پنهنجي پنهنجي بخشش ملي آهي، هڪڙي کي هِن طرح، ٻئي کي هُن طرح.
8پر ڪنوارين ۽ بيوهہ زالن کي منهنجو چوڻ آهي تہ جيئن آئون اڪيلو ٿو رهان، تيئن هو بہ رهن تہ چڱو آهي. 9پر جي هو پاڻ کي جهلي نٿيون سگهن تہ ڀلي پرڻجن. ڇالاءِ جو سڙڻ کان پرڻجڻ بهتر آهي. 10جيڪي پرڻيل آهن تن کي آئون نہ پر خداوند حڪم ٿو ڏئي، تہ زال پنهنجي مڙس کان ڌار نہ ٿئي، 11(پر جي کڻي ڌار ٿئي تہ وري نہ پرڻجي، يا وري پنهنجي مڙس سان پرچي وڃي؛) ۽ مڙس پنهنجي زال کي طلاق نہ ڏئي. 12باقي ٻين کي منهنجو چوڻ آهي، نہ خداوند جو، تہ جيڪڏهن ڪنهن ڀاءُ جي زال ٻئي دين جي هجي، ۽ اُها ساڻس گڏ رهڻ ۾ راضي هجي، تہ هو اُنهي کي ڇڏي نہ ڏئي. 13۽ جنهن زال جو مڙس ٻئي دين جو هجي، ۽ اُهو ساڻس گڏ رهڻ ۾ راضي هجي، تہ اُها پنهنجي مڙس کي ڇڏي نہ ڏئي. 14ڇالاءِ تہ جيڪو مڙس ٻئي مذهب جو آهي سو زال جي ڪري پاڪ ٿو ٿئي، ۽ جيڪا زال ٻئي مذهب جي آهي سا مسيحي مڙس جي ڪري پاڪ ٿي ٿئي. نہ تہ جيڪر اوهان جا ٻار ناپاڪ ٿي پون، پر هاڻ اُهي پاڪ آهن. 15پر جي ٻئي دين وارو ساٿي ڌار ٿيڻ گهُري تہ ڀلي ڌار ٿئي؛ اهڙيءَ حالت ۾ ڪو ڀاءُ يا ڀيڻ ٻَڌل نہ آهي. ڇالاءِ جو خدا اسان کي اطمينان جي لاءِ سڏيو آهي. 16اي زال، توکي ڪهڙي خبر تہ شايد تنهنجي ڪري تنهنجو مڙس بچي پوي؟ يا اي مڙس، توکي ڪهڙي خبر تہ شايد تنهنجي ڪري تنهنجي زال بچي پوي؟ 17رڳو جيئن خداوند هر ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجو حصو ورهائي ڏنو آهي، ۽ جيئن خدا هر هڪ کي سڏيو آهي، تيئن اهو هلي. ۽ اهو قانون آئون سڀني ڪليسيائن جي لاءِ مقرر ڪري ٿو ڇڏيان.
18جيڪڏهن ڪو مختون سڏيو وڃي تہ اُهو ختني سان ئي رهي. جيڪڏهن ڪو نامختون سڏيو وڃي تہ اُهو ختنو نہ ڪرائي. 19ختنو ڪرائڻ توڙي نہ ڪرائڻ ڪي بہ ڪينهي پر خدا جي حڪمن تي هلڻ سڀ ڪجهہ آهي. 20هرڪو ماڻهو اُنهي حالت ۾ رهي جنهن ۾ هو سڏيو ويو هجي. 21جي تون غلاميءَ ۾ سڏيو ويو هجين تہ فڪر نہ ڪر. پر جي آزاد ٿي سگهين تہ اُهو بهتر ڄاڻ. 22ڇالاءِ جو جيڪو غلاميءَ جي حالت ۾ خداوند ۾ سڏيو ويو، سو خداوند جو آزاد ڪيل آهي. ساڳيءَ طرح جيڪو آزاديءَ جي حالت ۾ سڏيو ويو، سو مسيح جو غلام آهي. 23اوهين ملهہ ڳڌل آهيو، ماڻهن جا غلام نہ ٿيو. 24اي ڀائرو، سڀڪو ماڻهو جنهن حالت ۾ سڏيو ويو هجي، تنهن ۾ خدا سان رهي.
25هاڻي ڪنوارين جي نسبت ۾ مون کي خداوند جو ڪوبہ حڪم مليل ڪونهي، پر آئون پنهنجي راءِ انهي ماڻهوءَ وانگر ٿو ڏيان، جو خدا جي رحم ڪري معتبر آهي. 26منهنجي خيال ۾ هاڻوڪيءَ مصيبت جي ڪري بهتر هيئن آهي، تہ جهڙو ماڻهو آهي تهڙو رهي. 27جيڪڏهن تنهنجي زال آهي تہ ڌار ٿيڻ جي ڪوشش نہ ڪر. جيڪڏهن تنهنجي زال ڪانهي تہ زال جي ڳولا نہ ڪر. 28پر جي شادي ڪندين تہ بہ تو گناهہ ڪونہ ڪيو، ۽ جي ڪا ڪنواري شادي ڪري تہ بہ گناهہ ڪونہ ڪيائين. مگر جيڪي شادي ٿا ڪن سي دنياوي ڏک سهندا، ۽ منهنجي مرضي آهي تہ اوهين انهن کان بچيا رهو. 29پر اي ڀائرو، آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ وقت تنگ اچي ٿيو آهي، تنهنڪري اڳتي سگهرا ڇڙن جهڙا ٿي رهن، 30۽ جيڪي روئن ٿا سي بہ اهڙا ٿين ڄڻ تہ هو روئن ئي نٿا؛ ۽ جيڪي خوشي ٿا ڪن سي اهڙا ٿين جو ڄڻ تہ هو خوشي ڪانہ ٿا ڪن، ۽ جيڪي خريد ٿا ڪن سي اهڙا ٿين جو ڄڻ تہ هنن وٽ ڪابہ ملڪيت ڪانهي؛ 31جيڪي دنياداريءَ ۾ آهن سي انهي ۾ غلطان نہ ٿين، ڇالاءِ جو هن دنيا جو ڍنگ مٽجندو ٿو وڃي.
32منهنجي مرضي آهي تہ اوهين فڪرن کان آزاد رهو. جيڪو ڪنوارو آهي سو خداوند جي ڳالهين بابت، انهي فڪر ۾ ٿو رهي تہ ڪهڙي طرح خداوند کي راضي ڪريان؛ 33پر جيڪو پرڻيل آهي سو دنيا جي ڳالهين بابت انهي فڪر ۾ آهي تہ ڪيئن پنهنجي زال کي راضي رکان. 34پر پرڻيل زال ۽ ڪنواريءَ جي وچ ۾ بہ تفاوت آهي. جيڪا ڪنواري آهي سا خداوند جي ڳالهين بابت انهي فڪر ۾ آهي تہ جسم ۾ توڙي روح ۾ پاڪ رهي، پر جيڪا پرڻيل آهي سا دنيا جي شين بابت انهي فڪر ۾ آهي تہ ڪهڙيءَ طرح پنهنجي مڙس کي راضي رکان. 35۽ اهو آئون اوهان جي فائدي لاءِ ٿو چوان، نہ انهي لاءِ تہ اوهان کي ڦاسايان، پر انهي لاءِ تہ جيئن مناسب آهي تيئن اوهين بنا ڪنهن رنڊڪ جي خداوند جي خدمت ۾ مشغول رهيو.
36جي ڪو ماڻهو سمجهي تہ هو پنهنجي مَڱ سان واجب هلت نٿو هلي، ۽ جي هن جي خواهش آهي تہ جيئن وڻيس تيئن ڪري: ڀلي تہ شادي ڪن، انهي ۾ گناهہ ڪونهي. 37پر جيڪو پنهنجي دل ۾ قائم ٿو رهي ۽ اهڙي ڪابہ ضرورت نٿي ٿئيس، بلڪ پنهنجي ارادي جي پوري ڪرڻ جي طاقت اٿس، ۽ پنهنجي دل ۾ اهو پڪو ٺهراءُ ڪيو اٿس تہ پنهنجي مَڱ کي ڪنواري رکندس، تہ ائين چڱو ٿو ڪري. 38انهيءَ طرح جيڪو پنهنجي مَڱ سان شادي ٿو ڪري، سو چڱو ٿو ڪري، ۽ جيڪو شادي نٿو ڪري، سو وڌيڪ چڱو ٿو ڪري. 39زال ايتري عرصي تائين مڙس سان ٻَڌل آهي، جيستائين هو جيئرو آهي پر جڏهن مڙس مري ٿو وڃي، تڏهن آزاد ٿي ٿئي، پوءِ جنهن سان وڻيس تنهن سان پرڻجي، پر رڳو خداوند ۾. 40پر جي نہ پرڻبي تہ منهنجي راءِ ۾ زيادہ خوش رهندي: ۽ آئون ڀانيان ٿو تہ خدا جو روح مون ۾ بہ آهي.
Valgt i Øjeblikket:
1 - ڪرنٿين 7: SB62
Markering
Kopiér
Sammenlign
Del
Vil du have dine markeringer gemt på tværs af alle dine enheder? Tilmeld dig eller log ind
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.