1
پيدائش 23:25
Sindhi Bible FB
SB
خداوند کيس چيو تہ ”تنهنجي پيٽ اندر ٻہ قومون سمايل آهن، ٻيئي تو مان جنم وٺنديون ۽ هڪٻئي جون مخالف ٿينديون. هڪڙي قوم ٻي قوم کان وڌيڪ زورآور ٿيندي، هائو، وڏي پٽ جي قوم ننڍي پٽ جي قوم جي خدمت ڪندي.“
Porovnat
Zkoumat پيدائش 25:23
2
پيدائش 30:25
تنهنڪري يعقوب کي چيائين تہ ”آءٌ ساڻو ٿي پيو آهيان سو انهيءَ ڳاڙهي ٻوڙ مان مون کي ڪجھہ کائڻ لاءِ ڏي.“ اهو ئي سبب آهي جو عيسوءَ تي ادوم نالو پئجي ويو.
Zkoumat پيدائش 25:30
3
پيدائش 21:25
جيئن تہ ربقہ سنڍ هئي، تنهنڪري اسحاق انهيءَ لاءِ خداوند کان دعا گھري. خداوند هن جي دعا قبول ڪئي ۽ هوءَ پيٽ سان ٿي.
Zkoumat پيدائش 25:21
4
پيدائش 32:25-33
عيسوءَ چيو تہ ”ٺيڪ آهي. آءٌ مرڻ تي آهيان. پوءِ پهريتي هئڻ جي حق مان مون کي ڪهڙو فائدو رسندو؟“ تڏهن يعقوب چيس تہ ”پهريائين مون سان قسم کڻ.“ عيسوءَ ساڻس قسم کنيو ۽ پنهنجي پهريتي هئڻ جو حق يعقوب کي وڪڻي ڏنائين.
Zkoumat پيدائش 25:32-33
5
پيدائش 26:25
ٻيو ٻار جڏهن ڄائو تہ عيسوءَ جي کُڙي سندس هٿ ۾ پڪڙيل هئي، تنهنڪري انهيءَ جو نالو يعقوب رکيائون. جڏهن هي ڄاوا تڏهن اسحاق جي عمر سٺ سال هئي.
Zkoumat پيدائش 25:26
6
پيدائش 28:25
اسحاق عيسوءَ کي وڌيڪ پيار ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ هو عيسوءَ جو شڪار وارو گوشت کائيندو هو، پر ربقہ جو پيار وري يعقوب تي وڌيڪ هو.
Zkoumat پيدائش 25:28
Domů
Bible
Plány
Videa