1
پيدائش 28:32
Sindhi Bible NT
SB62
۽ هن چيو تہ اڳتي تنهنجو نالو يعقوب نہ، پر اسرائيل سڏبو؛ ڇالاءِ جو تو خدا ۽ ماڻهن سان زور آزمائي ڪئي آهي، ۽ غالب پيو آهين.
Porovnat
Zkoumat پيدائش 32:28
2
پيدائش 26:32
تڏهن هن چيو تہ هاڻي مون کي ڇڏ تہ آءٌ وڃان، ڇو تہ پرهہ ٿي ڦٽي. تنهن تي هن چيو تہ آءٌ تيسين توکي وڃڻ ڪين ڏيندس، جيسين تون مون کي برڪت نہ ڏيندين.
Zkoumat پيدائش 32:26
3
پيدائش 24:32
۽ يعقوب پاڻ اڪيلو رهجي ويو، ۽ اتي پرهہ ڦٽيءَ تائين ڪو شخص ساڻس ملهہ پئي وڙهيو.
Zkoumat پيدائش 32:24
4
پيدائش 30:32
۽ يعقوب انهيءَ هنڌ جو نالو فني ايل رکيو، جو چيائين تہ مون خدا کي روبرو ڏٺو، تڏهن بہ منهنجي جان بچي ويئي.
Zkoumat پيدائش 32:30
5
پيدائش 25:32
پر جڏهن هن شخص ڏٺو تہ آءٌ يعقوب تي غالب پئجي نٿو سگهان، تڏهن هن جي ران جي اندرينءَ نس کي هٿ لاتائين: ۽ جيئن هو يعقوب سان ملهہ پئي وڙهيو، تيئن يعقوب جي ران جي نس چڙهي ويئي.
Zkoumat پيدائش 32:25
6
پيدائش 27:32
تڏهن هن چيس تہ تنهنجو نالو ڇا آهي؟ ۽ هن چيو تہ يعقوب.
Zkoumat پيدائش 32:27
7
پيدائش 29:32
تڏهن يعقوب هن کي عرض ڪري کانئس پڇيو تہ مون کي پنهنجو نالو ٻڌاءِ، ۽ هن چيو تہ تون منهنجو نالو ڇو ٿو پڇين؟ پوءِ هن اتي کيس برڪت ڏني.
Zkoumat پيدائش 32:29
8
پيدائش 10:32
۽ هاڻي جيڪو رحم ۽ وفاداري تو پنهنجي ٻانهي تي ڪيو آهي، تنهن سڀ جي ذري جو بہ آءٌ لائق نہ آهيان؛ ڇالاءِ جو آءٌ تہ فقط پنهنجي لٺ کڻي يردن جي پار ويو هوس، پر هاڻي مون وٽ ٻہ ٽوليون آهن.
Zkoumat پيدائش 32:10
9
پيدائش 32:32
تنهنڪري اڄ ڏينهن تائين اسرائيل جو اولاد ران جي اندرئين پاسي واري نس نہ کائيندو آهي؛ ڇالاءِ جو هن يعقوب جي ران کي هٿ لاتو هو، ۽ هن جي نس چڙهي ويئي.
Zkoumat پيدائش 32:32
10
پيدائش 9:32
۽ يعقوب چيو تہ اي منهنجي پيءُ ابرهام جا خدا، ۽ منهنجي پيءُ اسحاق جا خدا، اي خداوند، تو مون کي فرمايو تہ پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجن عزيزن وٽ موٽ، تہ آءٌ تنهنجو ڀلو ڪندس
Zkoumat پيدائش 32:9
11
پيدائش 11:32
آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ مون کي منهنجي ڀاءُ جي هٿ کان، يعني عيسوءَ جي هٿ کان بچاءِ: ڇوتہ آءٌ هن کان ڊڄان ٿو، تہ متان هو اچي مون کي ۽ ٻارن کي سندن مائرن سميت ماري وجهي.
Zkoumat پيدائش 32:11