Logo de l'Aplicació de la Bíblia
Icona de cerca

يرمياہ 49

49
بني عمون بابت پيغام
1 # حز 21‏:28‏-32، 25‏:1‏-7، عا 1‏:13‏-15، صف 2‏:8‏-11 بني عمون بابت خداوند فرمائي ٿو تہ
اسرائيل ملڪ جا مرد ڪٿي آهن؟
ان جو ڪو وارث ڪونهي ڇا؟
پوءِ ڇو مولڪ ديوتا جا پوڄاري
جد قبيلي ۽ سندس علائقي تي قبضو ڪري
ان جي شهرن ۾ آباد ٿي ويا آهن؟
2هاڻي ڏسو، اهي ڏينهن اچن ٿا،
جڏهن بني عمون جي گاديءَ واري شهر ربہ وارا
جنگ جي للڪار ٻڌندا.
پوءِ اهو شهر هڪڙو ويران دڙو ٿي پوندو،
۽ ان جي آس‌پاس وارا ڳوٺ باهہ ڏيئي ساڙيا ويندا.
ان کان پوءِ اسرائيل وارا موٽي بني عمون کي
پنهنجي علائقي مان هڪالي ڪڍي ڇڏيندا،
جتان اڳ ۾ بني عمون کين هڪالي ڪڍيو هو.
3جڏهن دشمن اچي عمونين جي ڳوٺ عئيءَ کي تباهہ ڪندا،
تڏهن اي حشبون وارؤ! اوهين واءِ‌ويلا مچائيندا.
اي ربہ جا رهاڪؤ! اوهين بہ رڙيون ڪري روئندا،
کٿا ڍڪيندا ۽ سوڳ ڪندا.
اوهين ڊپ وچان ڪوٽ اندر هيڏانهن هوڏانهن پيا ڊوڙيندا،
ڇاڪاڻ تہ اوهان جو معبود مولڪ پنهنجي مذهبي اڳواڻن
۽ سڀني عملدارن سميت جلاوطن ڪيو ويندو.
4اي سرڪش عمونيؤ! ڊاڙون ڇو ٿا هڻو؟
اوهان مان طاقت نڪرندي ٿي وڃي.
اوهان کي پنهنجي طاقت تي ايترو ڀروسو ڇو آهي
جو چئو ٿا تہ ’ڪير اسان تي حملو ڪري سگھندو؟‘
5ٻڌو، آءٌ خداوند، قادرِمطلق خدا اوهان کي ٻڌائي ٿو ڇڏيان تہ
آءٌ اوهان جي چئني طرفن کان اوهان تي دهشت آڻيندس.
اوهان سڀني کي هڪ هڪ ڪري هڪالي ڪڍيو ويندو،
۽ اهڙو ڪوبہ نہ هوندو جيڪو اوهان کي وري آڻي گڏ ڪري.
6پر بعد ۾ آءٌ اوهان بني عمون وارن جي خوشحالي وري بحال ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
ادوم بابت پيغام
7 # يس 34‏:5‏-17، 63‏:1‏-6، حز 25‏:12‏-14، 35‏:1‏-15، عا 1‏:11‏-12، عبد 1‏-14، ملا 1‏:2‏-5 ادوم بابت قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ
”ڇا ادوم ملڪ جي رهاڪن مان ڏاهپ نڪري ويئي آهي؟
ڇا سندن ڏاهن مان صلاح مصلحت ختم ٿي ويئي آهي؟
ڇا منجھن ڏاهپ اصل رهي ئي ڪونهي؟
8اي ددان شهر جا رهاڪؤ! موٽو، ڀڄي وڃي غارن ۾ لڪو،
ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان عيسوءَ جي اولاد کي ناس ڪرڻ وارو آهيان،
هائو، اوهان کي سزا ڏيڻ جو وقت اچي پهتو آهي.
9جڏهن ڪنهن باغ ۾ انگور چونڊيندڙ ايندا آهن،
تڏهن هو ڪي ٿورا داڻا ول ۾ ڇڏي ويندا آهن.
جڏهن رات جو چور ايندا آهن،
تڏهن اهي رڳو پنهنجيون وڻندڙ شيون ئي
چورائي کڻي ويندا آهن.
10پر آءٌ اوهان ادومين کي بلڪل اگھاڙو ڪري ڇڏيندس،
آءٌ اوهان کي
اوهان جي ڳجھين پناهہ‌گاهن مان بہ ڪڍي ٻاهر ڪندس.
اوهين پنهنجي مٽن مائٽن توڙي سڄي نسل سميت
ناس ٿي ويندا.
اوهان ۾ ڪو اهڙو رهندو ئي ڪين
جيڪو ڪنهن ٻئي کي چئي سگھي تہ
11’آءٌ اوهان جي يتيم ٻارن جي سنڀال لهندس،
۽ اوهان جي رنن‌زالن جي حفاظت ڪندس.‘“
12 خداوند فرمائي ٿو تہ ”جڏهن تہ بي‌ڏوهي قومون بہ سزا کان نہ بچي سگھيون آهن، تہ پوءِ اوهين ڏوهي سزا کان ڪيئن بچندا! اوهين ڪين بچندا، بلڪ اوهان کي ضرور سزا ملندي. 13آءٌ خداوند پنهنجي ذات جو قسم کڻي چوان ٿو تہ ادوم جو گاديءَ وارو شهر بُصراہ برباد ٿيندو ۽ عبرت، ملامت، ويرانيءَ ۽ لعنت جو سبب بڻبو ۽ ان جي آس‌پاس وارا سڀيئي ڳوٺ هميشہ لاءِ ويران ٿي ويندا.“
14اي ادوم وارؤ! خداوند مون يرمياہ کي ٻڌايو آهي تہ
هن اوهان جي دشمن قومن ڏانهن ايلچي موڪليو آهي تہ
اهي جنگ لاءِ اُٿي کڙا ٿين ۽ گڏ ٿي اوهان تي حملو ڪن.
15هاڻ هو اوهان کي هڪڙي ڪمزور قوم بڻائيندو،
۽ ڪوبہ اوهان جي عزت نہ ڪندو.
16اوهين مغروريءَ وچان اهو سمجھي پاڻ کي ٺڳيو ٿا تہ
ٻين قومن وارا اوهان کان ڊڄن ٿا.
هائو، اوهين جيڪي ٽڪرن جي چرن ۾ رهو ٿا،
۽ ٽڪرن جي چوٽين تي قبضا ڪري پاڻ کي محفوظ ٿا سمجھو.
پر جيتوڻيڪ اوهين عقاب جيان گھڻو مٿي رهو ٿا،
تہ بہ خداوند اوهان کي اتان هيٺ ڪيرائي ڇڏيندو.
اهو خداوند جو فرمان آهي.
17خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ ادوم ملڪ کي اجاڙي ڇڏيندس. مٿس اهڙي مصيبت آڻيندس جو اتان لنگھندڙ ماڻهو انهيءَ کي ڏسي دهلجي ويندا ۽ حيرت جو اظهار ڪندا. 18#پيد 19‏:24‏-25 جهڙيءَ طرح سدوم، عموراہ ۽ انهن جي آس‌پاس وارن شهرن کي تباهہ ڪيو ويو هو تهڙيءَ طرح ئي ادوم سان بہ ٿيندو ۽ منجھس ڪوبہ رهڻ وارو نہ هوندو. 19جهڙيءَ طرح شينهن اردن درياءَ وارن گھاٽن ٻيلن مان ٻاهر نڪري ساون چراگاهن ڏانهن چڙهي ايندو آهي، تهڙيءَ طرح آءٌ بہ اچي ادومين کي اک ڇنڀ ۾ سندن ملڪ مان ڀڄائي ڪڍندس. پوءِ جنهن کي آءٌ چونڊي ڪڍندس، تنهن کي ان ملڪ تي بادشاهي ڪرڻ لاءِ مقرر ڪندس. ڪير مون جهڙو آهي ۽ ڪير مون کي للڪاري سگھي ٿو؟ ڪهڙو حڪمران منهنجي آڏو بيهي سگھي ٿو؟“
20تنهنڪري خداوند تيمان شهر ۾ رهڻ وارن بلڪ ادوم ملڪ جي سڀني رهاڪن خلاف جيڪي رٿيو آهي سو ٻڌو. اوهان جا ٻارڙا اوهان مان ائين ڇڪي ڪڍيا ويندا جيئن ڪنهن ڌڻ مان رڍن جا ٻچا گهلي ڪڍبا آهن. يقيناً ائين ئي ٿيندو، جنهن کي ڏسي اوهان مان هر ڪنهن کي دهشت وٺي ويندي. 21ادوم جي تباهيءَ جو شور ٻڌي سڄي ڌرتي ڏڪي ويندي. اتي جي رهاڪن جي رڙين جو آواز ڳاڙهي سمنڊ تائين ٻڌو ويندو. 22ڏسو، دشمن لشڪر عقاب وانگر اڏامندو ۽ بُصراہ مٿان پنهنجا پر پکيڙيندو. انهيءَ ڏينهن ادوم جي بهادر مردن جي دل ۾ اهڙي تہ دهشت هوندي، جهڙي ويم جي سورن واري عورت جي دل ۾ هوندي آهي.
ارام جي گاديءَ واري شهر دمشق بابت پيغام
23 # يس 17‏:1‏-3، عا 1‏:3‏-5، زڪ 9‏:1 دمشق بابت خداوند فرمائي ٿو تہ
”حمات ۽ ارفاد شهرن جا رهاڪو فڪرمند ٿيندا،
اهي پريشان ٿي ويندا،
۽ سندن دلين ۾ بي‌قرار سمنڊ وانگر هلچل مچي ويندي،
ڇاڪاڻ تہ اهي هيءَ بري خبر ٻڌندا تہ
24’دمشق وارا هيڻا ٿي پيا آهن،
۽ دشمن لشڪر اڳيان ڀڄي نڪتا آهن.
خوف وچان کين ڏڪڻيءَ اچي ورايو آهي.
سو کين اهڙي تڪليف ۽ درد اچي سوگھو ڪيو آهي،
جيئن ڪا عورت ويم جي سورن ۾ هجي.‘
25هائو، اهو مشهور شهر،
جنهن تي آءٌ خداوند راضي رهندو هئس،
سو هاڻي ويران ٿيڻ وارو آهي.
26انهيءَ ڏينهن ان جا نوجوان ماري گھٽين ۾ ڍير ڪيا ويندا،
۽ ان جا سڀ جنگي جوڌا قتل ڪيا ويندا.
27آءٌ دمشق جي ڪوٽ ۾ اهڙي باهہ ڀڙڪائيندس،
جيڪا بادشاهہ بن‌هدد جي محلاتن کي
ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.
اهو مون قادرِمطلق خداوند جو فرمان آهي.“
بيابان ۾ رهندڙ قبيلن بابت پيغام
28 خداوند جو هي پيغام قيدار قبيلي وارن ۽ حصور علائقي جي سردارن بابت آهي، جن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر شڪست ڏني. خداوند نبوڪدنضر کي فرمايو هو تہ
”اُٿ، تون قيدار قبيلي تي چڙهائي ڪر،
هائو، اوڀر جي انهن ماڻهن کي ناس ڪر.
29انهن جا تنبو ۽ انهن جا ڌڻ لٽي ڦري وٺ،
سندن سڀني تنبن جا پردا،
سڀ اٺ ۽ سندن سمورو سامان پنهنجي لاءِ کڻ.
تون اعلان ڪرائي کين ڊيڄار تہ
’هر طرف خطرو ئي خطرو آهي.‘
30اي حصور وارؤ! آءٌ خداوند اوهان کي آگاهہ ٿو ڪريان تہ
ڀڄو، جلدي ڀڄي وڃو! وڃي ڳجھين جاين ۾ لڪو.
انهيءَ سبب جو بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر اوهان جي خلاف
هڪڙو منصوبو ٺاهي پنهنجي لشڪر کي حڪم ڏنو آهي تہ
31’اُٿو تہ هن قوم تي چڙهائي ڪريون،
جيڪا بي‌فڪريءَ ۽ اطمينان سان ٿي رهي.
اها هڪ اهڙي قوم آهي،
جنهن جي شهرن کي نہ ڪوٽ قلعا آهن ۽ نہ در دروازا،
نہ ئي وري ڪا ٻي قوم سندن حمايتي آهي.
32انهن جا اٺ اسان لاءِ لٽ جو مال ٿيندا،
۽ سندن وڏا وڏا ڌڻ اسان لاءِ مالِ‌غنيمت ٿيندا.‘“
خداوند فرمائي ٿو تہ
”حصور وارا،
جيڪي پنهنجيون #49‏:32 لوندڙيون ڪوڙائي ٻچي ڏاڙهي رکن ٿا بيابان ۾ رهڻ وارا پنهنجي معبودن جي تعظيم خاطر پنهنجي لوندڙين جا وار ڪوڙائيندا هئا. بني اسرائيل لاءِ غير قومن واري انهيءَ رسم جي منع هئي (ڏسو لاوي سرشتو 19‏:27).لوندڙيون ڪوڙائي ٻچي ڏاڙهي رکن ٿا،
تن کي آءٌ هوا وانگر ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندس.
انهن تي آءٌ هر طرف کان مصيبت آڻيندس.
33حصور گدڙن جي جوءِ بڻبو
۽ هميشہ لاءِ هڪ ويران جڳهہ بڻبو.
ڪوبہ انسان اتي نہ رهندو،
هائو، ڪوبہ بني بشر اتي ڏسڻ ۾ نہ ايندو.“
عيلام ملڪ بابت پيغام
34يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ جي بادشاهيءَ جي شروعات ۾ عيلام ملڪ بابت مون يرمياہ تي خداوند جو فرمان نازل ٿيو تہ 35”آءٌ قادرِمطلق خداوند چوان ٿو تہ جيئن تہ عيلام ملڪ جي مکيہ طاقت تيرڪمان آهي، سو آءٌ سندن اها طاقت ٽوڙي ڇڏيندس. 36آءٌ عيلام ملڪ تي چئني طرفن کان جنگ جون هوائون گھلائيندس ۽ ان جي رهاڪن کي دنيا جي چئني پاسن ڏانهن ڪڻو ڪڻو ڪرائي ڇڏيندس. دنيا ۾ ڪابہ اهڙي قوم نہ هوندي، جنهن ۾ عيلام جا جلاوطن ٿيل ماڻهو نہ پهچندا. 37آءٌ عيلام وارن تي سندن جاني دشمنن ۽ مخالفن جي روبرو خوف نازل ڪندس. آءٌ پنهنجي شديد غضب وچان مٿن مصيبت آڻيندس. آءٌ سندن پٺيان جنگ لڳائي ڇڏيندس، جيستائين کين فنا نہ ڪري ڇڏيان. 38آءٌ خداوند عيلام ملڪ جي بادشاهن ۽ سندن عملدارن کي تباهہ ڪري ڇڏيندس ۽ اتي پنهنجي بادشاهي قائم ڪندس. 39تنهن هوندي بہ آءٌ ايندڙ ڏينهن ۾ عيلام وارن جي خوشحالي وري بحال ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“

S'ha seleccionat:

يرمياہ 49: SB

Subratllat

Copia

Compara

Comparteix

None

Vols que els teus subratllats es desin a tots els teus dispositius? Registra't o inicia sessió