Logo de l'Aplicació de la Bíblia
Icona de cerca

يسعياہ 46

46
بابل جي معبودن جي شڪست
1خداوند فرمائي ٿو تہ
”بابل جي معبودن شڪست کاڌي آهي،
۽ هاڻي گوڏن ڀر جھڪيل آهن.
ڪڏهن تہ #46‏:1 مردوڪ هي بابلين جو وڏو معبود هو. اصلي مسودي يعني عبرانيءَ ۾ ”بيل“ لکيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”مالڪ.“مردوڪ ۽ نبو ديوتا جي پوڄا ڪئي ويندي هئي،
پر هاڻي ڀڄندڙ انهن کي کنيو پيا وتن،
انهن جون مورتيون گڏهن تي لڏيل آهن.
هائو، اهي ٿڪل جانورن تي لڏيل ٻوجھہ مثل آهن.
2بابل جي معبودن شڪست کاڌي آهي،
۽ هاڻي گوڏن ڀر جھڪيل آهن.
اهي پاڻ کي بچائي بہ نہ سگھيا آهن،
بلڪ کين قيد ڪري ٻين ملڪن ڏانهن نيو ويو آهي.
3اي يعقوب جو اولاد!
هائو، اوهين باقي بچي ويل بني اسرائيل وارؤ!
اوهين مون خداوند جي ڳالهہ ٻڌو.
مون ئي شروع کان وٺي اوهان کي پئي سنڀاليو آهي،
ائين ئي جيئن ڪنهن ٻار کي ڄمڻ کان وٺي پالي نپايو وڃي.
4آءٌ اوهان جي ٻڍاپي ۽ اڇن وارن تائين ساڳيو ئي رهندس،
هائو، قوم جي پڇاڙيءَ تائين آءٌ اوهان کي سنڀاليندو رهندس.
مون اوهان کي خلقيو آهي،
سو آءٌ اوهان جي مدد ڪندس،
۽ اوهان کي بچائيندو رهندس.
5هاڻي منهنجي ڀيٽ ڪنهن ٻئي سان ڪري ٿي سگھجي؟
يا ڪنهن ٻئي سان منهنجي برابري ڪري ٿي سگھجي؟
ڇا مون جهڙو ڪو ٻيو آهي؟
6ڪي ماڻهو پنهنجي ٿيلهين مان سون ڪڍي،
۽ چاندي تارازيءَ ۾ توري آڻي سوناري کي ٿا ڏين.
پوءِ ڇا ٿو ٿئي جو اهو سونارو سندن لاءِ
انهيءَ مان هڪڙو معبود جوڙي تيار ٿو ڪري،
جنهن جي آڏو هو سجدو ڪري کيس پوڄين ٿا.
7اهي ان کي پنهنجن ڪلهن تي کڻن ٿا،
۽ کڻي وڃي سندس جاءِ تي کوڙي ٿا ڇڏين.
پوءِ اهو بيٺو ئي رهي ٿو،
۽ پنهنجيءَ جاءِ تان چري بہ نہ ٿو سگھي.
جيڪڏهن ڪو انهيءَ کي پڪاري ٿو تہ
هو انهيءَ کي ورندي بہ نہ ٿو ڏيئي سگھي،
نڪي کيس مصيبت مان بچائي ٿو سگھي.
8اي گنهگارؤ! منهنجي ڳالهين تي ڌيان ڏيو ۽ سمجھہ ڌاريو.
هنن ڳالهين تي چڱيءَ طرح سوچ ويچار ڪريو.
9قديم زماني جون اڳوڻيون ڳالهيون ياد ڪريو،
۽ ڄاڻي ڇڏيو تہ آءٌ اڪيلو خدا آهيان، ٻيو ڪوبہ ڪونهي.
هائو، مون جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.
10اهو آءٌ ئي آهيان جيڪو ڪنهن ڳالهہ جي شروعات ۾ ئي
انهيءَ جي پڇاڙيءَ بابت آگاهہ ٿو ڪريان.
جيڪي ڳالهيون اڃا ٿيون ئي ڪين آهن،
تن بابت شروعات ۾ ئي مون ٻڌائي ڇڏيو آهي.
آءٌ چوان ٿو تہ منهنجا منصوبا ناڪام نہ ويندا،
بلڪ جيڪو آءٌ چاهيندس سو ضرور ٿيندو.
11آءٌ اوڀر جي ڏورانهين ملڪ کان
# 46‏:11 هڪڙي شخص هن مان مراد فارس جو شهنشاهہ خورس آهي (ڏسو يسعياہ 41‏:2). هڪڙي شخص کي سڏيندس،
اهو عقاب وانگر لامارو ڏيئي
منهنجي منصوبي کي پورو ڪندو.
هائو، مون اوهان کي ٻڌائي ڇڏيو آهي،
۽ آءٌ ائين ئي ڪندس.
12اي اوهين سخت دل وارؤ! اوهين جيڪي سمجھو ٿا تہ
منهنجي سڏيل شخص جو
بابل کي فتح ڪرڻ وارو ڏينهن پري آهي،
سي منهنجي ڳالهہ ٻڌو.
13آءٌ پنهنجي انهيءَ عدالت واري ڏينهن کي ويجھو ٿو آڻيان،
اهو پري بلڪل نہ آهي.
هاڻ پنهنجي قوم کي ڇڏائڻ لاءِ
منهنجي اچڻ ۾ دير ڪانہ لڳندي.
آءٌ يروشلم کي بچائيندس،
تڏهن بني اسرائيل وارا منهنجي عظمت جو نشان بڻبا.“

S'ha seleccionat:

يسعياہ 46: SB

Subratllat

Copia

Compara

Comparteix

None

Vols que els teus subratllats es desin a tots els teus dispositius? Registra't o inicia sessió