Logo de l'Aplicació de la Bíblia
Icona de cerca

هوسيع 6

6
پڇتاءَ لاءِ سڏ
1اچو تہ خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿيون،
ڇاڪاڻ تہ هن ئي چيريو ڦاڙيو آهي،
۽ هو ئي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو،
هائو، هن ئي ڌڪ رسايا آهن ۽ هو ئي مرهم پٽي ڪندو.
2ٻن ڏينهن کان پوءِ هو اسان کي چڱو ڀلو ڪندو،
۽ ٽئين ڏينهن هو اسان کي وري اٿاري کڙو ڪندو،
تان‌تہ اسين سندس آڏو زندہ رهون.
3اچو تہ خداوند سان رابطو رکي سندس وڌ کان وڌ طالبو ٿيون،
هائو، هو يقيناً اسان وٽ ايندو،
جيئن روزانو صبح جو سج نڪري ٿو.
هو برسات وانگر اسان وٽ اچي ڪڙڪندو،
هائو، بهار جي برسات وانگر، جيڪا زمين کي ريج ڏيو ڇڏي.
خداوند جو پنهنجي قوم کي نندڻ
4خداوند فرمائي ٿو تہ
”اي اسرائيل وارؤ! آءٌ اوهان سان ڇا ڪريان؟
۽ اي يهوداہ وارؤ! آءٌ اوهان سان ڪيئن هلان؟
اوهان جي وفاداري صبح جي ڪڪر جيان گم ٿيو وڃي
هائو، جيئن صبح ٿيڻ سان ماڪ گم ٿي ويندي آهي.
5انهيءَ سبب مون اوهان ڏانهن پنهنجا نبي موڪليا،
جن اوهان کي منهنجي فرمان مطابق سزا ۽ برباديءَ بابت ٻڌايو،
ڇاڪاڻ تہ منهنجو عدل سدائين نور جيان پيو چمڪندو رهندو.
6 # مت 9‏:13، 12‏:7 آءٌ رسمي قربانيون نہ ٿو چاهيان،
بلڪ اوهين مون سان دلي طرح وفادار هجو.
هائو، مون کي رسمي ساڙڻ واريون قربانيون پسند نہ آهن،
بلڪ مون کي سچيءَ دل سان سڃاڻو.
7پر اي اسرائيل وارؤ! اوهان منهنجي قوم هوندي
# 6‏:7 آدم واري هنڌ ٿي سگھي ٿو تہ هي انهيءَ جاءِ ڏانهن اشارو آهي، جيڪا بني اسرائيل جي مصر ملڪ مان نڪري واعدي ڪيل ڪنعان ملڪ ۾ پهريائين پهچڻ واري جاءِ جي ويجھو آهي. آدم واري هنڌ پهچڻ کان وٺي
مون سان ڪيل عهد اقرار ٽوڙيندا رهيا آهيو.
هائو، انهيءَ وقت کان وٺي
اوهين مون سان بي‌وفائي ڪندا رهيا آهيو.
8هاڻي بہ جِلعاد بدڪارن جو شهر آهي،
جتي مظلومن جو رت وهايو وڃي ٿو.
9اوهان جي ڪاهنن جي جماعت
لٽيرن جي انهن ٽولن وانگر آهي،
جيڪي ماڻهن جي تاڙ ۾ رستن تي لڪي ٿا ويهن.
بلڪ اهي مقدس شهر سڪم ڏانهن ويندڙن کي بہ
رستي ۾ قتل ٿا ڪن.
بيشڪ هنن جا ڪم تمام بڇڙا آهن.
10مون اوهان اسرائيل وارن ۾
هڪڙي ڪراهت جهڙي ڳالهہ ڏٺي آهي،
يعني اوهان ڏاڍي بت‌پرستي ڪندي
پنهنجو پاڻ کي پليت ڪيو آهي.
11اهڙيءَ طرح اي يهوداہ وارؤ!
مون اوهان جي لاءِ بہ سزا جو وقت مقرر ڪيو آهي.

S'ha seleccionat:

هوسيع 6: SB

Subratllat

Copia

Compara

Comparteix

None

Vols que els teus subratllats es desin a tots els teus dispositius? Registra't o inicia sessió